ٻيٽن جو ميڙ
ٻيٽن جو ميڙ يا ٻيٽن جي جھرمٽ (انگريزي: Archipelago ) آرڪيپيلاگو جن کي ٻيٽن جو زنجير يا ٻيٽن جو گروپ يا ٻيٽن جو جھڳٽو پڻ سڏيو ويندو آهي. دنيا جي اندر کوڙ ٻيٽن جا ميڙ آھن جيڪي ننڍن۽ وڏن سمنڊن ۾ واقع آهن جن ۾ سڀ کان گھڻا پيسيفڪ سمنڊ ۾ آھن. انھن ۾ انڊونيشيا وارا ٻيٽن جا ميڙ، انڊمان۽ نڪوبار ٻيٽن جو ميڙ، لڪشادويپ ٻيٽن جو ميڙ، گالاپگوس ٻيٽن جو ميڙ، جپاني ٻيٽن جو ميڙ، فلپائن واري ٻيٽن جو ميڙ، مالديپ واري ٻيٽن جو ميڙ، بيليئارڪ ٻيٽن جو ميڙ، بھاماس ٻيٽن جو ميڙ، ايجيئن ٻيٽن جو ميڙ، ھوائي ٻيٽن جو ميڙ، ڪينري ٻيٽن جو ميڙ، مالٽا واري ٻيٽن جو ميڙ، ازوريس ٻيٽن جو ميڙ، آرڪٽڪ ٻيٽن جو ميڙ، برٽش آئلز ٻيٽن جو ميڙ وغيره شامل آهن. دنيا جي جاگرافيءَ ۾ انھن جي سڃاڻپ سياسي حدبندين ذريعي ٿيل آهي[1] دنيا جو کوڙ ملڪ آرڪيپيلاگو آھن انھن ۾ جپان، فلپائين، نيوزيلينڊ، انڊونيشيا، برطانيه شامل آهن. آرڪيپيلاگو وڏن سمنڊن ، ننڍن سمنڊن، ندين ۽ ڍنڍن ۾ واقع ھوندا آھن[2].
آرڪيپيلاگو
سنواريوانگريزي لفظ آرڪيپيلاگو archipelago قديم يوناني لفظن: ἄρχι- (آرکي: جنھن جي معني آهي وڏو) ۽ πέλαγος (پيلاگوس: جنھن جي معني آهي سمنڊ) مان نڪتل آهي. يوناني آرکي پيلاگوس ايجيئن سمنڊ کي سڏيندا ھيا جيڪو بعد م ان سمنڊ ۾ ٻيٽن جي ميڙ لاء استعمال ٿيڻ لڳو اھڙي طرح ٻيٽن جي ميڙ لاء آرڪيپيلاگو لفظ استعمال ۾ اچي ويو.
قسم
سنواريوان جا مختلف قسم ٿيندا آھن جن ۾ جاگرافيائي ٻيٽن جا ميڙ، وڏن سمنڊن واري ٻيٽن جا ميڙ، کنڊن واري ٻيٽن جا ميڙ شامل آهن. کنڊن وارا ٻيٽن جا ميڙ زميني پليٽن جي حرڪت سبب کنڊن جا ٽڪرا انھن کان ڇڏي ٻيٽ بڻجي ويا[2] ان کان سواءِ برفاني گليشيئرن جي رکڻ ڪري کنڊن جي ساحلن تي سامونڊي سطح وڌي جنھن سان ساحلي ڪنارن تي واقع جبل يا ٽڪريون ٻيٽن جي صورت اختيار ڪري ويا[3]. وڏن سمنڊن ۾ واقع ٻيٽن جا ميڙ ٻرندڙ جبل آھن جيڪي سمنڊ جي تري مان ڦاٽي ٻاھر نڪري ٻيٽن جي صورت اختيار ڪري ويا[2]. ھوائي وارا ٻيٽ انھن جو ھڪ مثال آھن. جاگرافيائي ٻيٽن جا ميڙ سمنڊ جي سطح م تبديلي ۽ ٻين جاگرافيائي سببن جي ڪري وجود ۾ آيا[2].
دنيا جا وڏا آرڪيپيلاگو
سنواريوانڊو آسٽريلين ٻيٽن جو ميڙ دنيا جو سڀ کان وڏو آرڪيپيلاگو آھي. ان کي ايسٽ انڊيز، نوسانٽارا پڻ سڏيندا آهن. ان آرڪيپيلاگو م 25000 کان مٿي ٻيٽ واقع آهن[4]. انڊين پيسيفڪ وڏي سمنڊن ۾ واقع ان ٻيٽن جي ميڙ جي ڪل پکيڙ 2,000,000 چورس ڪ م يا 770,000 چورس ميل آھي[4]. ٻيون نمبر وڏو ٻيٽن جو ميڙ ڪيناڊا وارو آرڪٽڪ آرڪيپيلاگو آھي جنھن م 36,563 ٻيٽ واقع آهن[4]. آرڪٽڪ وڏي سمنڊ م واقع ان ٻيٽن جي ميڙ جي ڪل پکيڙ 1,424,500 چورس ڪ م يا 550,000 چورس ميل آهي[4]. ان کانسواءِ نيو گني آرڪيپيلاگو جنھن جي پکيڙ 7,86,000 چورس ڪلوميٽر، جپاني آرڪيپيلاگو جنھن جي پکيڙ 3,77,944 چورس ڪ م آهي ۽ ڪل ٻيٽ 6،852 آھن[4]. برٽش آئلز جنھن ۾ گريٽ برطانيا ۽ آئرلينڊ جي وڏن ٻيٽن سميت 5000 کان مٿي ٻيٽ آھن جن جي پکيڙ 3,15,134 چورس ڪلوميٽر آهي[4]. پيسفڪ سمنڊ ۾ نيوزيلينڊ وارو ٻيٽن جو ميڙ جن جي پکيڙ 2،68،021 چورس ڪلوميٽر آهي[4]. اينٽيليز وارو ٻيٽن جو ميڙ جيڪو ڪيريبيئن سمنڊ ۾ واقع آهي ۽ ان جي پکيڙ 2,10,000 چورس ڪ م آهي[4]. نووايا زيمليا نالي آرڪيپيلاگو دنيا جو اٺون وڏو ٻيٽن جو ميڙ آھي جيڪو يورپي روس جي اتر ۾ آرڪٽڪ سمنڊ ۾ واقع آهي جنھن جي پکيڙ 90,650 چورس ڪ م آهي[4]. ان کان سواءِ آرڪٽڪ سمنڊ م ناروي وارو سوالبارد ٻيٽن جو ميڙ جنھن جي پکيڙ 61,022 چورس ڪ م آهي ۽ ڏھون نمبر وڏو پڻ ساڳي سمنڊ ۾ ايشيائي روس جي اتر ۾ واقع سرنايا زيمليا وارو 70 ننڍڙن ٻيٽن جو ميڙ آھي جنھن جي پکيڙ 37,000 چورس ڪ م آهي[4].
حوالا
سنواريو- ↑ US Department of Commerce, National Oceanic and Atmospheric Administration. "What is an archipelago?". oceanservice.noaa.gov. حاصل ڪيل 2020-07-07.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 [ https://oceanservice.noaa.gov/facts/archipelago.html]
- ↑ [1]
- ↑ 4.00 4.01 4.02 4.03 4.04 4.05 4.06 4.07 4.08 4.09 [ https://m.jagranjosh.com/general-knowledge/top-10-largest-archipelagos-in-the-world-1517481912-1]