ويانا ڪانگريس: Congress of Vienna (جرمن: Wiener Kongress) يورپ جي ملڪن جي سفيرن جي گڏجاڻي آسٽريا جي ڪليمنس وان ميتٽرنخ (Klemens von Metternich) جي ميزباني ۽ صدارت ۾ ويانا ۾ نومبر 1814 کان جون 1815 تائين جاري رھي جنھن م يورپي ملڪن جي سفيرن حصو ورتو . ان ڪانگريس جو مقصد نيپولين واري جنگن ۽ فرانس جي انقلاب وارين جنگن کان بعد پيدا ٿيندڙ نازڪ مسئلن جو حل ڪڍي پائدار امن قائم ڪرڻ ھو.

ويانا ڪانگريس جون طي ڪيل يورپي ملڪن جون قومي سرحدون


ويانا ڪانگريس جي ائڪٽ جو سرورق (Frontispiece)

ھن ڪانگريس تي بعد م تنقيد ٿيندي رهي ته ان قومي ۽ لبرل تحريڪن کي چيڀاٽي جا فيصلا ڪيا ويا پر ان جي ساراھ بہ ٿي ڇوتہ سفيرن جي ھي ڊگھي مدي واري ڪانگريس يورپ جي اندر پائدار امن جي قيام لاءِ شرطن تي اتفاق ٿيو.ھن ڪانگريس م ڪوبہ رسمي مشترڪہ اجلاس ڪانہ ٿيو پر نمائندا روبرو غير رسمي گڏجاڻيون ۽ ملاقاتون ڪندا رھيا . ھي وڏي پيماني تي تاريخ م پھريون گڏيل يورپي فورم ھيو جنھن يورپ جي ملڪن جي وچ م سياسي تعلقن جو ضابطو تعين ڪيو جيڪو پھرين جنگ عظيم جي شروعات تائين يورپ م لاڳو رھيو. ھن ڪانگريس يورپي ملڪ جي قومي سرحدن جو تعين ڪيو ۽ دريائن جي بين الاقوامي جھاز راني جا قائدا بہ جوڙيا.

ڪنھن شرڪت ڪئي سنواريو

 
ويانا ڪانگريس م غير رسمي اجلاسن جو طريقو