پاڪستان ڪوارٽرز

يو سي پاڪستان ڪوارٽرز (انگريزي: UC Pakistan Quarters ) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اوڀر ۾ نواب صادق علي خان روڊ ۽ اتر ۾ لياري ايڪسپريس وي ۽ ڪراچي سينٽرل ضلعو، ۽ اولھ ۾ گارڊن ويسٽ ۽ ڏکڻ ۾ گارڊن ايسٽ واقع آهي. 2013 کان اڳ ان جو درجو گلشن ٽائون جي ساڳي نالي سان يونين ڪاؤنسل نمبر 13 ھيو. 2013 ۾ ان کي جمشيد ڪوارٽرز جي نالي سان بحال ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن يو سي ۾ اردو ڳالهائيندڙ اڪثريت ۾ آھن ان کان سواءِ سنڌي پنجابي پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو پڻ رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي سيد محمد شعيب چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي سرور حسين چونڊجي آيا. ٻنھي جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1] ھتي نسيم ڪلاٿ مارڪيٽ، ابراهيم علي ڀائي آڊيٽوريم، پلاٽينيم ھائوسنگ سوسائٽي، گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن فار وومين ( پاڪستان ڪوارٽرز)، ايس ايم بي فاطمه جناح گورنمينٽ گرلس ڪاليج، عبدالرب نشتر روڊ، منگھو پير روڊ، اورينج اسٽريٽ، جگو مائي ڀگو مل اسٽريٽ، ادئي رام اسٽريٽ، ڊي سلوا اسٽريٽ، ٺارو لين پلي گرائونڊ، پاڪستان ڪوارٽرز پارڪ واقع آھن. ھن يونين ڪاميٽي جو نالو پاڪستان ڪوارٽرز ان ڪري آھي جو اتي پاڪستان جي وفاق جي پاڪستان ڪوارٽرز جي نالي سان 32 ايڪڙن تي مشتمل ھڪ پراڻي رھائشي اسڪيم واقع آهي. پاڪستان ٺھڻ بعد ڪراچي وفاق جي حوالي ٿيڻ کان پوءِ اتي وفاق جي سرڪاري ملازمن لاءِ اھو وفاقي رھائشي منصوبو مڪمل ڪيو ويو ھو. انھن ڪوارٽرز مان 254 ڪوارٽرن تي ناجائز قبضا آھن جن کي خالي ڪرائڻ لاء وفاق پاران ڪاروائي ٿيڻي آهي[2].

پاڪستان ڪوارٽرز
يو سي 17 پاڪستان ڪوارٽرز
سنڌ جي يونين ڪاميٽي
پاڪستان ڪوارٽرز is located in سنڌ
پاڪستان ڪوارٽرز
پاڪستان ڪوارٽرز
پاڪستان ڪوارٽرز is located in Pakistan
پاڪستان ڪوارٽرز
پاڪستان ڪوارٽرز
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°52′50″N 67°01′34″E / 24.88056°N 67.02611°E / 24.88056; 67.02611مڪانيت: 24°52′50″N 67°01′34″E / 24.88056°N 67.02611°E / 24.88056; 67.02611
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن

خالي ڪرائڻ لاءِ ڪاروائي سنواريو

24 آڪٽوبر 2018ع تي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پاڪستان ڪوارٽرز کي خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس ڪاروائي ڪئي، جنهن کان پوءِ رهائشين ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويو، جنهن واقعي جو پاڪستان جو چيف جسٽس ثاقب نثار نوٽيس ورتو ۽ کيس ڪوارٽر خالي ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ٽن مهينن جو وقت ڏنو.[3]

حوالا سنواريو

مڪانيت: 24°51′N 67°03′E / 24.850°N 67.050°E / 24.850; 67.050{{#coordinates:}}: cannot have more than one primary tag per page