پاڪستان سپر ليگ 2019ع

پاڪستان سپر ليگ 2019ء (مشهور پي ايس ايل 4; ان جو اشتهاري نالو ايڇ بي ايل پي ايس ايل 2019ء آهي بوجہ اشتهار) هي پاڪستان سپر ليگ جو چوٿون دور آهي، هي ٽوئنٽي/20 ڪرڪيٽ فرنچائز 2015ء ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قائم ڪئي۔ ان ۾ ڪل 6 ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن۔ 15 سيپٽمبر 2018ء تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ بيٺڪ (گڏجاڻي) ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان سپر ليگ 2019ء بابت ڪجهه فيصلا ڪيا ويا ۽ طئي ٿيو ته هن 14 فيبروري 2019ء کان 17 مارچ 2019ء جي وڄ ۾ کيڏيو ويندو۔ ان جون آخري 8 ميچ پاڪستان ۾ ۽ فائنل ميچ ڪراچی ۾ ٿيندو۔ جڏهن ته باقي ميچ اڳئين سالن وانگر گڏيل عرب امارات ۾ ئي کيڏيون وينديون۔[1] [2]

پاڪستان سپر ليگ 3
Pakistan Super League 3
منتظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ
ڪرڪيٽ ٽي ٽوينٽي
ٽورنامينٽ ٻيو رائونڊ روبن ۽ پلي آفز
ميزبان  گڏيل عرب امارات
 پاڪستان
Defending Champions اسلام آباد يونائيٽڊ
شريڪ ملڪ 6
مقابلن جي تعداد 34
سرڪاري ويب سائيٽ psl-t20.com
2018ء
2020ء

ٽيمون ۽ شريڪ رانديگر

پي ايس ايل 2019ء ۾ 6 ٽيمون شرڪت ڪري رهيون آهن۔ رانديگرن جو اعلان هوڪي ذريعي ٿيندو۔

  اسلام آباد يونائيٽڊ   ڪراچي ڪنگز   لاهور قلندرز   ملتان سلطانز   پشاور زلمي   ڪوئيٽا گليڊيٽرز

نمونو (فارميٽ)

6 ٽيمون گروپ مرحلن ۾ 10 ميچ کيڏنديون۔ هر کٽيندڙ تي 2 پوائنٽ، هارجي وڃڻ تي ڪجهه نه ۽ ڪوئي نتيجو نه پر 1 پوائنٽ ڏنو ويندو۔ گروپ مرحلن جي پهرئين 4 درجي جون ٽيمون پلي آفز جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون۔

پوائنٽس ٽيببل

ٽيم کيڏي کٽيو هارايو برابر ڪوئي نتيجو نه پوائنٽس نيٽ رن ريٽ
  پشاور زلمي 10 7 3 0 0 14 +0.828
  ڪوئيٽا گليڊيٽرز 10 7 3 0 0 14 +0.376
  اسلام آباد يونائيٽڊ 10 5 5 0 0 10 0.127
  ڪراچي ڪنگز 10 5 5 0 0 10 –0.673
  ملتان سلطانز 10 3 7 0 0 6 –0.173
  لاهور قلندرز 10 3 7 0 0 6 –0.837

حوالا

  1. "PSL 4 will kickoff on 14th February 2019 in UAE". Pakistan Super League PSL. حاصل ڪيل 15 September 2018. 
  2. "Final to be played in Karachi on 17th March 2019". PSL Official Website. حاصل ڪيل 15 September 2018. 

خارجي ڳنڍڻا

سانچو:پاڪستان-نامڪمل