احمد جي چاڳلا

پاڪستاني موسيقار

احمد جي چاڳلا
معلومات شخصيت
ڄم 31 مَئي 1902  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ڪراچي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 5 فيبروري 1953 (51 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ڪراچي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان
برطانوي راڄ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
نمایان ڪم پاڪستان جو قومي ترانو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو notable work (P800) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات

چاڳلا -پاڪستان- جي قومي تراني جي ڌن جو خالق ۽ ممتاز موسيقار ٿي گذريو آھي، جنھن جو پورو نالو احمد غلام علي چاڳلا ھو. 1902ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو، سنڌ مدرسي مان -تعليم- حاصل ڪيائين. ڪراچيءَ جي نامياري موسيقار مھاراج سوامي داس جو شاگرد ٿيو. 1928ع ۾ ڪاروبار جي سلسلي ۾ -برطانيا- ويو، -جتي- ٽريننگ ڪاليج مان موسيقيءَ جي به -تعليم- ورتائين. -پاڪستان- ٺھڻ کان -ٿورو- عرصو اڳ بمبئيءَ ويو، -جتي- ھڪ فلم ڪمپني ’اجنتا‘ ۾ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيائين، ورھاڱي کان پوءِ -پاڪستان- جي قومي تراني جي ڌن ٺاھيائين، جنھن کي 1949ع ۾ حڪومت -پاڪستان- منظور ڪيو، انھيءَ ڌن کي ئي اڳيان رکندي محترم حفيظ جالنڌريءَ -پاڪستان- جو قومي -ترانو- ’پاڪ سر زمين شادباد‘ لکيو، 5 فيبروري 1953ع تي وفات ڪيائين، ڪي ڊراما به لکيائين، -جن- مان ’-ڀوت-‘ (ترجمو)، ’خزني‘ (ترجمو)، ’جيڪا تقدير‘، ’ديس جو دشمن‘ ۽ ’گڏي جو گھر‘ مشھور آھن، جنھن ھارمونيم تي قومي تراني جي ڌن ٺاھي ھئائين، اھو ۽ -ان- جا نوٽيشن، -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- ڄامشوري جي مشاھيرن واري گئلريءَ ۾ موجود آھن.[1]

حوالا سنواريو