قومي ترانو(انگريزي: National Anthem) اهو نظم جنهن ۾ ڪنهن ملڪ جي عوام جي قومي ۽ اجتماعي امنگن جو اظهار ۽ عظمتن جي علامت هجي ۽ سرڪاري سطح تي پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪندڙ هجي ان کي ’قومي ترانو‘ سڏيو ويندو آهي. هر ملڪ کي پنهنجو قومي ترانو هوندو آهي. قومي تراني ۾ موسيقي جو به خيال رکي ويندو آهي. قومي ترانو قومي موقعن، اسڪولن، ٻين تعليمي ادارن ۽ قومي ادارن ۾ ڳايو ويندو آهي. پاڪستان جو قومي ترانو حفيظ جالنڌري لکيو آهي ۽ ان جي ڌن احمد علي چاڳلا ٺاهي آهي. هندستان جو قومي ترانو ٽئگور جو لکيل آهي.[2].

ولھلمس (نيدرلينڊز جي قومي تراني) جو شروعاتي نمونو جيڪو رايل لائبريري برسلز، بيلجيئم ۾ ھڪ قلمي نسخي ۾ محفوظ ٿيل آهي[1]

تاريخ سنواريو

قومي ترانن کي يورپ ۾ پذيرائي اڻويھين صدي ۾ ملي پر انھن جي موجودگي گھڻو پراڻي آھي. يورپ جو سڀ کان پراڻو قومي ترانو نيدرلينڊز جو آھي جنھن کي ولھيلمس(انگريزي: Wilhelmus) جيڪو 1568 ۽ 1572 جي وچ ۾ ڊچ انقلاب دوران لکيو ويو هو. ان جي موجوده ڌن 1626 کان ٿورو اڳ ٺاھي وئي ھئي جيڪا سترھين صدي ۾ مشھور ٿي پر ان ڌن کي سرڪاري حيثيت 1932 ۾ ملي.دنيا جو سڀ کان وڌيڪَ پراڻو قومي ترانو: ڪميگايو جپان جو آھي جيڪو ھائين دؤر(انگريزي: Heian period)(794–1185) ۾ جو نظم آھي پر ان جي ڌن اڃان نہ ٺھي سگھي ھئي جيڪا 1880 ۾ ٺاھي وئي. [3] فلپائين جو قومي ترانو لوپنگ ھنيرا(انگريزي: Lupang Hinirang) جي ڌن 1898 ۾ تيار ڪئي وئي جيڪا اسپين کان آزادي جي تقريب۾ وڄائي وئي جيڪا شاعري کانسواءِ ٺھي ٻئي سال اسپينش ۾ ٻولي ۾ فلپيناس جي نالي سان نظم لکيو ويو جنھن جا ٻول ان ڌن جي مطابق لکيل ھيا جنھن جو 1962 ۾ ٽيگالوگ نمونو ٺاھيو ويو. يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو قومي ترانو گاڊ سيو دي ڪئين(انگريزي: God save the Queen) دولت مشترڪہ جي علائقن ۾ ملڪن جو قومي ترانو اھي. ان تراني جي شروعات 1619 ۾ ٿي . جيڪڏهن شاھي سربراھ بادشاھ ھوندو آھي تہ پوء ان تراني ۾ راڻي جي جاء تي بادشاھ اچاربو آهي: "گاڊ سيو دي ڪنگ". اسپين جو قومي ترانو رايل مارچ (اسپيني:Marcha Real) آھي جيڪو 1761 ۾ لکيو ويو پر ان کي قومي تراني جو درجو 1770 ۾ مليو. ڊينمارڪ جو موجوده قومي ترانو 1780 ۾ اختيار ڪيو ويو. فرانس جو قومي ترانو 1792 ۾ لکيو ويو ۽ 1795 ۾ اختيار ڪيو ويو. سربيا اوڀر يورپ جو پھريون ملڪ ھيو جنھن قومي تراني اختيار ڪرڻ جي شروعات ڪئي.ان جو ترانو 1804 ۾ اختيار ڪيو ويو. ڪينيا جو قومي ترانو پھريون ترانو آھي جيڪو قومي تراني ٺاھڻ جي ھڪ ڪميشن جي مقرري سان 1963 ۾ برطانيا کان آزادي حاصل ڪرڻ بعد تيار ڪيو ويو.[4] ويلز جو قومي ترانو سڀ کان پھريون ويلز جي رگبي راند جي نيوزيلينڊ سان مقابلي ۾ ڳاتو ويو ھو جنھن بعد اھو سرڪاري طور تي قومي ترانو قرار ڏنو ويو

.

حوالا سنواريو

  1. M. de Bruin, "Het Wilhelmus tijdens de Republiek", in: L.P. Grijp (ed.), Nationale hymnen. Het Wilhelmus en zijn buren. Volkskundig bulletin 24 (1998), p. 16-42, 199–200; esp. p. 28 n. 65.
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  3. Japan Policy Research Institute JPRI Working Paper No. 79 آرڪائيو ڪيا ويا 2018-10-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. انڊيا جو قومي ترانو جانا گانا مانا رابندر ناٿ ٽئگور جي ھڪ نظم مان ورتو ويو. Published July 2001. Retrieved 7 July 2007
  4. "Kenya". حاصل ڪيل 20 March 2015.