وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2020/مهينو سيپٽمبر

عزيز ڪنگراڻي.

عزيز ڪنگراڻي انگريزي (Aziz Kingrani) جو اصل نالو عزيزالله ولد سومار خان ڪنگراڻي آهي. ھي سنڌ جو ناميارو ليکڪ ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، شاعر، محقق ۽ مؤرخ آھي. ھن ڪيترائي سنڌي اردو ڊراما لکيا جيڪي پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي سينٽر ۽ نجي سنڌي چينلن تي ٽيلي ڪاسٽ ٿيا. هن قلمڪار جي شاعري، ڪهاڻين، تاريخ ۽ تحقيق بابت سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڪتاب شايع ٿيل آهن. سندس پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان 13 کان مٿي انفرادي ڊرامه ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن جن ۾ وسڪاري کانپوءِ، شفق، زندگيءَ جو امر گيت، سمنڊ تي لڪير ، ڇاند، محبتُن جو الميو، پاڻي تي ليڪا ذڪر لائق آهن. پي ٽي وي ڪراچي تان اردو ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل سندس اردو ڊرامه سيريل، جيت، جلتي سورج ڪي نيچي ۽ سنڌي سيريل ڪونج، ڪنارو، ڇوٽڪارو ۽ وفائن کانپوءِ مقبوليت ماڻي. جڏهن ته نجي سنڌي چئنل ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تان سندس ڪيترائي انفرادي ڊرامه توڙي سيريل ٽيليڪاسٽ ٿيل آهن جن وڏي مقبوليت ماڻي. انهن ۾ ڳاڙهي، ڪارو گلاب، زنجيرون، آڙاھ، خزائن کانپوءِ،ڪڏهن ته ملنداسين، ڪارو سج، خالي هٿ، دام، هوءَ منهنجي نه هُئي، پيار گرهڻ، ڪا سار ته لهبي آ، عشق آتش، وڇوٽي جي لڪِير, ۽ ٻيا ڪيترائي ڊرامه شامل آهن.

سندس سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ 13 ڪتاب ڇپيل آهن ۽ هڪ سهڪاري مرتب طو رشايع ٿيل آهي. سندس ڪتاب سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي، سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي، روشني پبليڪيشن حيدرآباد، نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي ۽ ٻين ادارن پاران ڇپايل آهن.