وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2019/مهينو ڊسمبر

باڪو جي آرٽسٽيڪٽ تصوير 2019
آذربائيجان جي راڄڌاني شهر، باڪو جي سڀني نظارن کي ڏيکاريندڙ تصوير (پينوراما)

باڪو (انگريزي: Baku،آذري: Bakı) آذربائيجان جو شهر آهي. هي 40.395278 درجو اُتر، 49.882222 درجو اوڀر پاسي واقع آهي. ان جي پکيڙ 2,130 چورس ڪلوميٽر ( 822.4 چورس ميل ) آهي. آبادي 2008ع ۾ 19 لک 70 هزار هئي. سامونڊي مٿاڇرو کان بلندي ڪاٽُو 28 ميٽر (-92 فٽ) آهي يعني هي وچٿري سامونڊي مٿاڇرو کان به هيٺئين مٿاڇرو تي واقع آهي. هاڻوڪو ناظم جو نالو حاجي بالا ابوطالبوف آهي. آباديءَ جي لحاظ کان هي هڪ وڏو شهر آهي. هي آذربائيجان جو گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. هي ڪيسپيئن سمونڊر جي ڪناري واقع آهي. باڪو تيل جي دولت سان مالا مال علائقي ۾ واقع هجڻ سبب تيل جي صنعتن جو مرڪز آهي. شهر 11 ضلعن ۽ 48 قصبن (ننڍن شهرن) ۾ ورهايل اهي. باڪو جي وچ ۾ آڳاٽو شهر واقع آهي، جنهن جي چئوگرد فصيل آهي. ڊسمبر سال 2000 ۾ گڏيل قومون جي ذيلي اداري يونيسڪو انکي عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنو. شطرنج جي عالمي شهرت يافتہ رانديگر گيري ڪيسپاروف جو تعلق انهيءَ شهر سان آهي.