ھالاڻي (Halani) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي نوشھرو فيروز ضلعي جي محراب پور تعلقي ۾ ھڪ ننڍڙو شھر يا ٽائون ڪميٽي آھي جيڪو نيشنل ھاء وي (N-5) تي واقع آھي. محراب پور شھر ھتان 9 ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آهي. شھر جي لڳ 2 ڪلوميٽر جي فاصلي تي بھلاڻي واقع آهي. شھر جي آبادي 23,419 آهي.[1] ھن شھر ۾ ھالاڻي ٿاڻو پڻ واقع آهي. شھر جي ڏکڻ طرف اڌ ڪلوميٽر فاصلي تي روھڙي ڪئنال وھي ٿو. هن شهر ۾ پرائيمري کان سيڪنڊري سطح تي تعليم جي سهوليت موجود آهي.[2][3]

ھالاڻي
شھر
ھالاڻي is located in سنڌ
ھالاڻي
ھالاڻي
ھالاڻي is located in Pakistan
ھالاڻي
ھالاڻي
جاگرافي بيهڪ: 27°02′44″N 68°11′29″E / 27.045544°N 68.191333°E / 27.045544; 68.191333
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو نوشھرو فيروز ضلعو
تعلقو محراب پور تعلقو
آبادي ([1]2017)
 •  ڪاٿو

  [1]2017

23,419

ھي شھر تاريخي اھميت وارو آھي ڇوتہ ھتي سنڌ جي ڪلھوڙا خاندان جي حاڪمن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ ھڪ وڏي جنگ لڳي ھئي جنھن ۾ ڪلھوڙن شڪست کاڌي ۽ سنڌ ۾ ٽالپر خاندان جي حڪمراني جي شروعات ٿي ھئي. اھا جنگ ھالاڻي واري جنگ (انگريزي: Battle of Halani) جي نالي سان مشھور آھي. محرابپور ڳوٺ جي اڏجڻ کان اڳ، ڀر وارا تاريخي شهر هالاڻي ۽ بهلاڻي آباد هيا؛ جيڪي ان وقت واپار ۽ علم جا مرڪز هيا. جي ايم سيد جو استاد قاضي حامد علي ميمڻ (قاضي فيض محمد جي زال جو سڳو چاچو.) به هالاڻيءَ جو هيو، هندستان جي ’درگاهه اجمير شريف‘ جي مجاورن وٽ اڄ به هالاڻيءَ جي ماڻهن کي وڏي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. هالاڻي ڪلهوڙن جي دور ۾ ساهتيءَ جو نمايان شهر رهيو[4].

  1. 1.0 1.1 1.2 https://www.citypopulation.de/Pakistan-Sindh.html?cityid=27481-
  2. "halani - گوگل ڳولا". www.google.com. حاصل ڪيل 2019-07-06. 
  3. Dunya, Sindhi. "Mehrab Mosque: The Miraculous Heritage". Sindhi Dunya. حاصل ڪيل 2019-07-06. 
  4. ڪتاب جو نالو: محرابپور جي عزاداري؛ ليکڪ: مولائي ملاح ڇاپو: پهريون سال: ©2017ع ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ-[1][مئل ڳنڍڻو] -