نيٺ گونگي ڳالهايو

سياسي ناول

نيٺ گونگي ڳالهايو، سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار، امر جليل جو لکيل سياسي ناول آهي.[1] [2] هي ناول نوي جي ڏهائيءَ ۾ عبرت گروپ پاران نڪرندڙ هفتيوار رسالي سنڌوءَ ۾ قسطوار ڇپبو هو. 1994ع ۾ عبرت بڪ ڪلب پاران ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرايو ويو.[3]

نيٺ گونگي ڳالهايو
مصنف امر جليل
ملڪ  پاڪستان
ٻولي سنڌي
موضوع سياسي ناول
صنف ناول
شايع ڪندڙ عبرت بڪ ڪلب (پهريون ڇاپو)
ڇاپي جي تاريخ
1994
ابلاغي ذريعي جو قسم ڪتاب

پلاٽ سنواريو

هي ناول پاڪستان جي سياسي حالتن ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن سان اسلام آباد ۾ ٿيندڙ وارتائن تي لکيل آهي. ناول ۾ پاڪستان جي ايجنسين پاران ڪوڙن ڪيسين ۾ گم ڪيل ماڻهن ۽ انهن تي پرڏيهي ملڪ جي ايجنٽ هجڻ جا الزام هڻڻ متعلق بيان ڪيل آهي. هي ناول آسلام آباد ۾، روھڙي شريف جي قاضي محله جو گم ٿيل محمد اسلام جي ڳولا متعلق آهي.[3]

ڪردار سنواريو

ناول جا مُک ڪردار گلاب گونگو ۽ جوڳي آهن. گلاب گونگي کي پاڪستان جون ايجنسيون گم ڪري ڇڏين ٿيون ۽ گلاب گونگي جي دوست جوڳي کي تارا چند ڄاڻايو وڃي ٿو. جوڳي اسلام آباد ۾ روپوشي واري زندگي گذاري ٿو.[3]

حوالا سنواريو

  1. "ناليوارو ڪهاڻيڪار امر جليل اڄ 80هون سالگرهه ملهائيندو". روزاني ڪاوش. 8 November 2016. http://www.thekawish.com/beta/images/2016/Nov/08-11-2016/Page8/P8-43.htm. Retrieved 28 June 2018. [مئل ڳنڍڻو]
  2. "ياسي ناول". sindhila.edu.pk. سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو. حاصل ڪيل 28 June 2018. 
  3. 3.0 3.1 3.2 "نيٺ گونگي ڳالهايو". sindhsalamat.com. سنڌ سلامت. حاصل ڪيل 28 June 2018.