سنڌسلامت
سنڌسلامت سنڌي ماڻهن جن ۾ اديب، شاعر، محقق ۽ ٻيا روزآني زندگيءَ سان لاڳاپيل آهن انهن جي لاءِ آن لائين فورم آهي، جنهن ۾ ٽيڪنالاجي، سائنس، ادب ۽ ٻين عنوانن سان لاڳاپيل سيشن موجود آهن. سنڌسلامت جو مقصد سِنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌرو آهي.[1]
![]() سنڌ سلامت فورم جو مونوگرام | |
سائيٽ جو قِسمُ |
سماجي فورم |
---|---|
۾ موجود | سنڌي |
ٺاهي وئي | اپريل 9, 2009 |
مکيه دفتر | |
ڌڻي | عبدالرشيد سمون |
Editor | عبيد ٿهيم |
يوآرايل | www |
يوزرز | 8,578+ |
لانچ ڪيل | اپريل 15, 2009 |
موجوده حيثيت | فعال |
Content license |
زينوفورو لائسنس |
۾ لکيل | زين فورو |
تعارف سنواريو
سنڌسلامت ڊاٽ ڪام 15 اپريل 2009 ۾ سِيتا، ضلعي دادُو جي عبدالرشيد سمون پاران لانچ ڪئي وئي، جيڪا پهرين وِي بُليٽن فورم سافٽويئر تي هلندي هُئي، 2010 ۾ سنڌسلامت کي زين فورو فورم سافٽويئر تي لاٿو ويو، سنڌسلامت ڊاٽ ڪام فورم جو مقصد دنيا ۾ سنڌي ٻوليء کي عام ڪرڻ ۽ گهڻي کان گهڻي معلومات سنڌيء ۾ پهچائڻ آهي.
انگ اکر سنواريو
سنڌ سلامت تي هن وقت 7,363+ رجسٽرد رڪن آهن ۽ روزانه 1200 کان مٿي ماڻهو سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀڃن ٿان. سنڌ سلامت تي مختلف موضوعن تي 36,304+ ليک ۽ 176,765+ رايا آيل آهن.
مقصد سنواريو
سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جو مقصد سڄي دُنيا جي سنڌين کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪري سِنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائڻ ۽ سِنڌي ٻولي جي بقا لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسلامت ڊاٽ ڪام پاران مختلف وقتن تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ مختلف پراجيڪٽس منظرِ عام تي آندا ويا آهن ۽ ڪُجهه پراجيڪٽس ڪم جاري آهي. [2][3]
ادارتي عملو سنواريو
سنڌسلامت جا ھاڻوڪا انتظامي رُڪن.
تصوير | عُھدو | نانءُ | دور |
مُنتظمِ اعليٰ | عبدالرشيد سمون | 2009 کان هلندڙ | |
نائب مُنتظم | نثار ابڙو | 2009 کان هلندڙ | |
مُنتظم | علي ظفر | 2009 کان هلندڙ | |
مُنتظم | ڊاڪٽرعبدالحفيظ لغاري | 2013 کان هلندڙ | |
ٻانهن ٻيلي | عامرضياء چارڻ | 2009 کان هلندڙ | |
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ | سجاد علي چنا | 2015 کان هلندڙ | |
مينيجنگ ايڊيٽر | محمدسليمان وساڻ | 2010 کان هلندڙ | |
سُپر ايڊيٽر | عبيدالله ”عبيدٿهيم“ | 2014 کان هلندڙ | |
ايڊيٽر | رحيم بخش ڏاهري | 2009 کان هلندڙ |
سنڌسلامت جا اڳوڻا انتظامي رُڪن
تصوير | عُھدو | نانءُ | دور |
سرپرستِ اعليٰ | نثارناز سمون | 2009 کان 2014 | |
ايڊيٽر | اسد ميرجت | 2010 کان 2014 | |
ايڊيٽر | وحيد ڦلپوٽو | 2009 کان 2014 |
منصوبا سنواريو
سنڌسلامت ڊاٽ ڪام پاران لانچ ڪيل پراجيڪٽس ۾