نوبل امن انعام

پنج شعبن ۾ نوبل انعامنَ منجهان هِڪڙو


نوبل امن انعام (انگريزي: Nobel Peace Prize)، هر سال اَمُن جي لاءِ ڪيل نمايان ڪم ڪرڻ تي بنا فرق ڪنهن هڪ ماڻهو (فرد) يا هڪ کان وَڌيڪ ماڻُهنِ (فردن) کي ۽ ڪڏهن وري تہ ادارن، تنظيمن کي پڻ ڏنو ويندو آهي. امن لاءِ نوبل انعام ٻين نوبل انعامن جِهڙَوڪَ ڪيميا لاءِ نوبل انعام، ساهتيا ۾ نوبل انعام، طبيعيات لاءِ نوبل انعام ۽ جسمانيات يا طب ۾ نوبل انعام ۾ ڏنو ويندو آهي۔ ان جي شروعات سويڊن جو ايجادون ڪندڙ، صنعت ڪار ۽ تعليم ماهر الفرڊ نوبيل پاران ڪيو ويو. هي مارچ، سال1901 کان هينئر تائين برابر ڏنو ويندو آهي.[1] هي انعام هر سال امن جي ميدان يا شعبي ۾ نمايان ڪارڪردگي ڪندڙ ماڻهوءِ کي ڏنو ويندو آهي.[2]

نوبل امن انعام
نوبل پيس پرائز
انعام جو سبب امن جي لاءِ نمايان ڪارڪردگي تي ملندڙ انعام
مقام اوسلو
ڏيڻ وارو الفرڊ نوبل جي وصيت جي مطابق ناروي نوبل ڪاميٽي
شروعات 1901ء
ويبسائيٽ Nobelprize.org

الفرڊ نوبل جي آسَ (خواهش) مُطابق انعام جي حقدار جي چُونڊَ نارويجن نوبل ڪاميٽي ڪميٽي ڪندي آهي. ان ڪاميٽي ۾ 5 رُڪن (ميمبر) هوندا آهن، جنِ کي پارليمان ناروي چُونڊيندي آهي. 1990 کان هي انعام هر سال 10 ڊسمبر تي اوسلو سٽي هال ۾ ڏنو ويندو آهي.

سياسي چڪتاڻ (رَسي ڪشي) ۽ اختلافن جي سبب کان امن لاءِ نوبل انعام گهڻي تڪرار جو شڪار رهيو آهي.


امن انعام ماڻيندڙن سنواريو

ڪُجهه امن انعام ماڻيندڙن تي تنقيد سنواريو

ميخائل گورباچوف،[3] اسحاق رابين، ياسر عرفات ۽ شمعون پيريز[4]،،[5] لي دوڪ تو، هنري ڪسنجر[6] جمي ڪارٽر،[7] الگور،[8] آءِ پي سي سي،[9] ليو زيبيو،[10][11][12] بارڪ اوباما[13][14][15] ۽ يورپي اتحاد[16] انهن سَمورن ماڻهن يا ادارن کي امن انعام سان نوازڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. لي دوڪ تو ۽ هينري ڪسنجر کي انعام ڏيڻ تي ٻن رُڪنن استعيفيٰ ڏنو، جنهن تي انهن کي ساراهيو (تعريف) ويو.

 
الفريڊ نوبل

نامزدگي ۽ چُونڊَ سنواريو

 
کاٻواوسلو ۾ ناروي نوبل انسٽي ٽيوٽ

پارليمان ناروي نارويجن نوبل ڪاميٽي جي تشڪيل ڏيندي آهي. هيءَ ڪاميٽي 5 رُڪِنَن تي جُڙيل (ٻَڌل) هوندي آهي. ڪاميٽي يا مجلس پنهنجو اجلاس ۾ چُونڊيل اُميدوار جو اعلان ڪندي آهي.

نوبل انعام کان محروم ماڻهو سنواريو

فارين پاليسي پاران اهڙن ماڻهن جي فهرست (لِسٽ) تيار ڪئي جِنکي نوبل انعام نہ ڏنو ويو جڏهن تہ اُهي حقدار پڻ هُيا. انهن ۾ موهن داس گانڌي باپو، ياٿائٽ، فضل حسن عابد ۽ ڪوريزون اڪينو شامل آهن.[17][18] مهاتما گانڌي جو تذڪرو ڪيترائي ڀيرا ٿيو.ايتري قدر تہ نوبل ڪاميٽي جي رُڪنن جا پڻ ڪيترائي بيان آيا تہ گانڌي نوبل انعام جو حقدار هيو.[19][20] ڪاميٽي اهو واضح ڪيو تہ مهاتما گانڌي سال 1937، 1938، 1939، 1947 ۽ 1948 ۾ نامزد ٿيو هيو.[21]

اقتباس سنواريو

  • ايلن جانسن سرليف کي سوروس جي سفارش تي نوبل انعام مليو هيو تہ جيئن هو اليڪشن کَٽي لائبيريا جو ٻيهَر صدر بڻجي سگهي.[22]

وَڌيڪَ ڏِسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. "The Nobel Peace Prize 1901". نوبل انعام. وقت 2007-01-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2016-03-19.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Nobel Peace Prize"، The Oxford Dictionary of Twentieth Century World History
  3. EVOLUTION IN EUROPE; Gorbachev Gets Nobel Peace Prize For Foreign Police Achievements, نيو يارڪ ٽائمز، 16 آڪٽوبر 1990
  4. Said, Edward (1996). Peace and Its Discontents: Essays on Palestine in the Middle East Peace Process. Vintage. ISBN 0-679-76725-8. 
  5. Gotlieb, Michael (24 آڪٽوبر 1994). "Arafat tarnishes the Nobel trophy". The San Diego Union – Tribune: p. B7. 
  6. "Worldwide criticism of Nobel peace awards". The Times (London). 18 آڪٽوبر 1973. http://archive.timesonline.co.uk/tol/viewArticle.arc?articleId=ARCHIVE-The_Times-1973-10-18-06-006&pageId=ARCHIVE-The_Times-1973-10-18-06. Retrieved 11 آڪٽوبر 2009. 
  7. Douglas G. Brinkley. The Unfinished Presidency: Jimmy Carter's Journey to the Nobel Peace Prize (1999)
  8. "A Nobel Disgrace". National Review Online. 22 سيپٽمبر 2009. Archived from the original on 2018-12-26. https://web.archive.org/web/20181226094638/https://www.cbsnews.com/news/a-nobel-disgrace/. Retrieved 2 آڪٽوبر 2011. 
  9. "Nobel Peace Prize nominations show how 'hopelessly politicized' and 'screwy' the controversial award has been". حاصل ڪيل 23 اپريل 2014.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  10. "Overseas Chinese in Norway Protest Against Nobel Committee's Wrong Decision". English.cri.cn. وقت 26 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 آڪٽوبر 2012.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  11. "Not so noble". Frontlineonnet.com. حاصل ڪيل 13 آڪٽوبر 2012.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  12. "Nobel Harbors Political Motives behind Prize to Liu Xiaobo". English.cri.cn. وقت 26 ڊسمبر 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 آڪٽوبر 2012.  Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  13. "Surprised, humbled Obama awarded Nobel Peace Prize". Associated Press. Archived from the original on 2018-12-26. https://web.archive.org/web/20181226094650/https://news.yahoo.com/s/ap/20091009/ap_on_re_eu/eu_nobel_peace. Retrieved 9 آڪٽوبر 2009. 
  14. Otterman, Sharon, "World Reaction to a Nobel Surprise", نيو يارڪ ٽائمز, حاصل ڪيل 9 آڪٽوبر 2009  Check date values in: |access-date= (مدد)
  15. "Obama Peace Prize win has some Americans asking why?". روئٽرز. 9 آڪٽوبر 2009. Archived from the original on 2018-12-26. https://web.archive.org/web/20181226094655/https://www.reuters.com/article/us-nobel-peace-usa-sb/obama-peace-prize-win-has-some-americans-asking-why-idUKTRE5983AM20091009?virtualBrandChannel=11621&sp=true. Retrieved 28 آگسٽ 2012. 
  16. "Norwegian protesters say EU Nobel Peace Prize win devalues award". Archived from the original on 2018-12-26. https://web.archive.org/web/20181226094651/https://www.csmonitor.com/World/Europe/2012/1207/Norwegian-protesters-say-EU-Nobel-Peace-Prize-win-devalues-award. Retrieved 8 ڊسمبر 2012. 
  17. Kenner, David. (7 آڪٽوبر 2009)۔ "Nobel Peace Prize Also-Rans" آرڪائيو ڪيا ويا 25 January 2010[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشينForeign Policy۔ Retrieved 10 آڪٽوبر 2009
  18. James, Frank (9 آڪٽوبر 2009). "Nobel Peace Prize's Notable Omissions". NPR. https://www.npr.org/blogs/thetwo-way/2009/10/nobel_peace_prizes_notable_omi.html. Retrieved 12 ڊسمبر 2011. 
  19. Tønnesson, Øyvind. "Mahatma Gandhi, the Missing Laureate". The Nobel Foundation. حاصل ڪيل 17 آڪٽوبر 2007.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  20. [1] آرڪائيو ڪيا ويا 23 March 2007[Date mismatch] حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  21. "The Nomination Database for the Nobel Peace Prize, 1901–1956: Gandhi". Nobelprize.org. حاصل ڪيل 13 آڪٽوبر 2008.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  22. An American Oligarch's Dirty Tale Of Corruption

سانچو:نوبيل امن انعام ماڻيندڙ ماڻهو سانچو:نوبل انعام زمرو:1901 ۾ متعارف زمرو:ناروي ۾ 1901 ۾ قائم ٿيل زمرو:ڪامنز زمرو جنهن جو ڳنڍڻو وڪيڊيٽا تي آهي