اوسلو (Oslo) ناروی جو سب کان وڈی آبادی وارو شھر ء گادی جو ھند آھی. اهو هڪ ڪائونتی ۽ ميونسپلٽي ٻنهي تي مشتمل آهي. اوسلو جي ميونسپلٽي جي سال 2022ع ۾ آبادي 709,037 هئي، جڏهن ته شهر جي وڏي شهري علائقي جي آبادي سال 2022ع ۾ 10,64,235 هئي،[11] ۽ ميٽروپوليٽن علائقي جي آبادي سال 2021ع ۾ اندازي مطابق 15,46,706 هئي.[12]

اوسلو
گادی وارو شھر، ميونسپلٽي ء ڪائونٽي
اوسلو کمیونی Oslo kommune (نارویجین)
اوسلووین جیلتی Osloven tjïelte (ساومی)
اوسلو
جھنڊو
اوسلو
Seal
نعرو: Unanimiter et constanter (Latin)
"United and constant"
Country Norway
District Østlandet
County Oslo
Established 1048
حڪومت
 • Mayor Anne Lindboe (H)
 • Governing mayor Eirik Lae Solberg (H)
پکيڙ[1]
 • گادی وارو شھر، ميونسپلٽي ء ڪائونٽي 480 ڪ.م2 (190 ميل2)
 • زميني 454.20 ڪ.م2 (175.37 ميل2)
 • آبي 26.64 ڪ.م2 (10.29 ميل2)
 • Rural 310 ڪ.م2 (120 ميل2)
گھٽ ترین  پیمائش 1 ميل (3 ft)
آبادي (31 December 2022)[2][3][4]
 • گادی وارو شھر، ميونسپلٽي ء ڪائونٽي 709,037

وائڪنگ جي دور ۾، علائقو وائڪن (Viken) جو حصو هو. اوسلو هڪ شهر جي طور تي سال 1040ع ۾ وائڪنگ جي دور جي آخر ۾ اونسلو (Ánslo) جي نالي سان ٺهرايو ويو، ۽ سال 1048ع ۾ هارالڊ هارڊراڊا طرفان ڪاپسٽاد يا واپاري جڳهه جي طور تي قائم ڪيو ويو. هن شهر کي سال 1070ع ۾ بشپ جي حوالي ڪيو ويو ۽ سال 1300ع ڌاري ناروي جي شاھہ هاڪون پنجم جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. سال 1397ع کان 1523ع تائين ڊنمارڪ سان ذاتي اتحاد ۽ وري سال 1536ع کان 1814ع تائين ان جو اثر گهٽجي ويو. سال 1624ع ۾ باهه لڳڻ کان پوءِ، بادشاهه ڪرسچن چھارم جي دور ۾، هڪ نئون شهر اڪریرشس قلعي (Akershus Fort) جي ويجهو تعمير ڪيو ويو ۽ بادشاهه جي اعزاز ۾ ڪرسچینيا نالو رکيو ويو. اهو 1 جنوري 1838 تي ميونسپلٽي (فورمانسکاپسڈسترکت) بڻجي ويو. هي شهر سال 1814ع سان 1905ع دوران ۾ سويڊن ۽ ناروي جي وچ ۾ اتحاد دوران ناروي جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. سال 1877ع کان، شهر جو نالو سرڪاري استعمال ۾ ڪرسٽينيا جي تلفظ ڪيو ويو، هڪ تلفظ جيڪو 1897ع ۾ ميونسپل اختيارين طرفان اختيار ڪيو ويو، جيتوڻيڪ 'ڪرسٽانيا' پڻ استعمال ڪيو ويو. سال 1925ع ۾، شهر ۾ ڳوٺ واری علایقی کي شامل ڪرڻ کان پوء، ان جو اڳوڻو نالو برقرار رکندي، اوسلو رکيو ويو. سال 1948ع ۾ اوسلو اڪریر نالی جی هڪ ميونسپلٽي جيڪا گاديءَ جي چوڌاري گهيريل هئي، سان ضم ٿي ويو، جيڪا پرانی شھر کان 27 ڀيرا وڏي هئي، ۽ اهڙي طرح جديد، تمام وڏي اوسلو ميونسپلٽي ٺاهي وئي.

اوسلو ناروي جو اقتصادي ۽ سرڪاري مرڪز آهي. هي شهر ناروي جي واپار، بئنڪنگ، صنعت ۽ شپنگ جو مرڪز پڻ آهي. اهو يورپ ۾ سامونڊي صنعتن ۽ سامونڊي واپار جو هڪ اهم مرڪز آهي. شهر سامونڊي شعبي ۾ ڪيترن ئي ڪمپنين جو گهر آهي، جن مان ڪجهه دنيا جي وڏين شپنگ ڪمپنين، شپ بروڪرز ۽ بحري انشورنس بروکرز مان آهن. اوسلو ڪائونسل آف يورپ ۽ يورپي ڪميشن بين الثقافتي شهرن جي پروگرام جو هڪ پائلٽ شهر آهي.

اوسلو کي عالمي شهر سمجهيو وڃي ٿو ۽ سال 2008ع ۾ گلوبلائيزيشن ۽ ورلڊ سٽيز اسٽڊي گروپ ۽ نيٽورڪ پاران ڪيل مطالعي ۾ "بيٽا ورلڊ سٽي" جو درجو ڏنو ويو آهي.[13] اهو fDi ميگزين پاران يورپي شهرن جي مستقبل جي سال 2012ع جي رپورٽ ۾ يورپي وڏن شهرن ۾ زندگي جي معيار جي لحاظ کان پهرين نمبر تي هو.[14] سال 2011ع ۾ اي سي اي (ECA) انٽرنيشنل پاران ڪيل هڪ سروي اوسلو کي ٽوڪيو کان پوءِ دنيا جو ٻيو مهانگو ترين شهر رهڻ جي خرچن ۾ رکيو.[15] سال 2013ع ۾، اقتصاديات انٽيليجنس يونٽ (EIU) جي عالمي سطح تي رهائش جي قيمت جي مطالعي مطابق اوسلو آسٽريليا جي شهر ميلبورن سان گڈ، دنيا جو چوٿون سڀ کان مهانگو شهر طور ڳنڍيو ويو.[16] مونوڪل ميگزين پاران اوسلو کي دنيا ۾ 24 هين سڀ کان وڌيڪ رهڻ لائق شهر قرار ڏنو ويو.[17]

اوسلو جي آبادي سال 2000ع جي شروعات ۾ رڪارڊ شرحن تي وڌي رهي هئي، ان وقت يورپ ۾ اهو تيز ترين وڌندڙ شهر بڻيو.[18] هي واڌارو گهڻو ڪري بين الاقوامي اميگريشن ۽ لاڳاپيل اعلي پيدائش جي شرحن جي ڪري، پڻ بين الاقوامي لڏپلاڻ ڪارن ٿيو. سال 2010ع تائين شهر ۾ مهاجر آبادي ناروي جي آبادي جي ڀيٽ ۾ ڪجهه تيزيءَ سان وڌي رهي هئي،[19] ۽ شهر ۾ جيڪڏهن مهاجر والدين جي ٻارن کي شامل ڪيو وڃي ته اها مجموعي آبادي جو 25 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي چڪي هئي.[20]

حوالا سنواريو

  1. "Arealstatistikk for Norge". Kartverket.no. Kartverket. وقت 19 April 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 October 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Population, 1 January 2016". Statistics Norway. وقت 19 April 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 March 2016.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. "Population and land area in urban settlements, 1 January 2014". Statistics Norway. وقت 16 October 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 September 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. "Population and population changes, Q2 2015". Statistics Norway. وقت 16 October 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 October 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. The number pertains to Oslo S: "Oslo Sentralstasjon" (ٻولي ۾ Norwegian). Bane Nor. وقت 17 April 2022 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 November 2022.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. regionaldepartementet, Kommunal- og. "St.meld. nr. 31 (2002–2003)". Regjeringen.no (ٻولي ۾ Norwegian). وقت 6 December 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 22 December 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  7. "Folketalet ved nyttår var 5 258 000" (nn-NO ۾). ssb.no. https://www.ssb.no/befolkning/statistikker/folkemengde/aar-per-1-januar/2017-02-23. 
  8. "Gross domestic product (GDP) at current market prices by metropolitan regions". ec.europa.eu. 
  9. "Finn postnummer og adresser i Norge og utlandet". وقت 11 December 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 December 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  10. "Sub-national HDI – Area Database – Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. 
  11. "De største byene og tettstedene i Norge". SSB (ٻولي ۾ Norwegian Bokmål). حاصل ڪيل 9 January 2023. 
  12. "Osloregionen". SNL (ٻولي ۾ Norwegian). وقت 22 September 2022 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 November 2022. 
  13. "GaWC – The World According to GaWC 2008". Lboro.ac.uk. وقت 26 August 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 23 July 2011. 
  14. Rachel Craig. "European Cities and Regions of the Future 2012/13". fDiIntelligence.com. وقت 15 December 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 March 2013. 
  15. "Sydney rockets up the list of the world's most expensive cities". ECA International. وقت 3 October 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 July 2011. 
  16. George Arnett; Chris Michael (14 February 2014). "The world's most expensive cities". The Guardian. https://www.theguardian.com/cities/datablog/2014/feb/14/most-expensive-cities. 
  17. "Quality of Life Survey: top 25 cities, 2019 – Film". Monocle. وقت 1 March 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 March 2020. 
  18. "Oslo europamester i vekst – Nyheter – Oslo". Aftenposten.no. وقت 1 May 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 June 2011. 
  19. "Ola og Kari flytter fra innvandrerne – Nyheter – Oslo". Aftenposten.no. وقت 4 June 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 June 2011. 
  20. "Immigration and immigrants". Ssb.no. وقت 2 September 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 August 2009.