فزڪس ۾ نوبل انعام

ڏسو انعام وٺندڙ جي فهرست لاءِ، فزڪس ۾ نوبل انعام وٺندڙ جي فهرست.

فزڪس ۾ نوبل انعام (سويڊش: Nobelpriset i fysik) هڪ ساليانو انعام آهي جيڪو رائل سويڊش اڪيڊمي آف سائنسز پاران، انهن ماڻهن لاءِ جن فزڪس جي شعبي ۾ انسانيت لاءِ تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، ڏنو ويندو آهي. اهو سال 1895ع ۾ الفريڊ نوبل جي وصيت سان قائم ڪيل پنجن نوبل انعامن مان هڪ آهي ۽ سال 1901ع کان نوازيو ويندو آهي، ٻيا انعام ڪيميا، ادب، امن ۽ فزيالوجي يا طب ۾ آهن. فزڪس ۾ نوبل انعام، روايتي طور تي نوبل انعام جي تقريب ۾ پيش ڪيل پهريون انعام هوندو آهي.

فزڪس ۾ نوبل انعام
A golden medallion with an embossed image of a bearded man facing left in profile. To the left of the man is the text "ALFR•" then "NOBEL", and on the right, the text (smaller) "NAT•" then "MDCCCXXXIII" above, followed by (smaller) "OB•" then "MDCCCXCVI" below.
مقام اسٽاڪ هوم، سويڊن
ملڪ سويڊن
ڏيڻ وارو رائل سويڊش اڪيڊمي آف سائنسز
اعزازیہ هڪ ڪروڙ ڏهه لک سويڊش ڪرونا (2023)[1]
شروعات 1901ع
هن سال ڏنو ويو 2023ع
زیادہ مرتبہ اعزاز یافتہ جوهن بارڊين (ٻه بار)
ويبسائيٽ nobelprize.org
ولهيلم روئنٽجن (1845ع - 1923ع)، فزڪس ۾ نوبل انعام جو پهريون وصول ڪندڙ

انعام هڪ تمغي سان گڏ هڪ ڊپلوما ۽ مالياتي انعام لاء هڪ سرٽيفڪيٽ تي مشتمل آهي. ميڊل جي سامهون واري پاسي الفريڊ نوبل جي ساڳي تصوير ڏيکاري وئي آهي جيڪا طب، ڪيمسٽري ۽ ادب جي ميڊلن تي ڏيکاريل آهي.

فزڪس ۾ پهريون نوبل انعام جرمن طبيعيات دان، ولهيلم روئنٽجن کي، ان جي غير معمولي خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو (هن ايڪس ريز جي دريافت ڪئي). هي انعام نوبل فائونڊيشن پاران منظم ڪيو ويندو آهي ۽ وڏي پيماني تي سڀ کان وڌيڪ معزز انعام طور سمجهيو ويندو آهي جيڪو هڪ سائنسدان، فزڪس ۾ حاصل ڪري سگهي ٿو. اهو 10 ڊسمبر، نوبل جي ورسي، تي اسٽاڪ هوم، سويڊن ۾ هڪ سالياني تقريب ۾ پيش ڪيو ويندو آهي. سال 2023ع تائين، مجموعي طور تي 224 ماڻهن کي هي انعام ڏنو ويو آهي.[2]

خارجي لنڪس

سنواريو
  1. "The Nobel Prize amounts". The Nobel Prize. وقت 20 July 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 September 2023.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "All Nobel Prizes in Physics". The Nobel Foundation. وقت 25 July 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 October 2023.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)