نعمت الله خان (Naimatullah Khan؛1 آڪٽوبر 1930 - 25 فيبروري 2020) ڪراچي سان تعلق رکندڙ هڪ پاڪستاني سياستدان هو جنهن آگسٽ، 2001ع کان جون، 2005ع تائين ڪراچي جو سٽي ناظم (ميئر) رهيو.[1] [2]

نعمت الله خان

نعمت الله خان
ڪراچي جو 26هون ميئر
عهدو سنڀاليو
14 آگسٽ، 2001ع – مئي، 2005ع
پيشرو فاروق ستار
جانشين سيد مصطفي ڪمال
ذاتي تفصيل
پيدائش 01 آڪٽوبر 1930(1930-10-01)
اجمير، برطانوي هندستان (هاڻي ڀارت)
وفات 25 فيبروري 2020 (عمر 89 سال)
ڪراچي، پاڪستان
سياسي جماعت جماعت اسلامي پاڪستان
رهائش ڪراچي، سنڌ، پاڪستان
مادر علمي * پنجاب يونيورسٽي
ڪرت سياستدان، وڪيل

شروعاتي زندگي ۽ ڪيريئر

سنواريو

هو پهرين آڪٽوبر 1930ع تي عبدالشکور خان جي گهر پيدا ٿيو، هو پشتون نسل سان تعلق رکندڙ مهاجر هو، جيڪو يوسفزئي قبيلي جي روهيله شاخ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق فرخ آباد جي بنگش نوابن سان به هو. هن پنجاب يونيورسٽي مان صحافت ۾ ماسٽرز ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. هو پيشي جي لحاظ کان وڪيل هو. هو پاڪستان جي سڀ کان وڏي اين جي او، الخدمت فائونڊيشن جو چيئرمين هو. 2005ع ۾ ڪراچي جي ميئر جي حيثيت سان، کيس دنيا جي ٽاپ 20 ميئرز جي لسٽ ۾ مقابلي لاءِ چونڊيو ويو.

ڪراچي جو ميئر

سنواريو
 
نعمت الله خان مفتي منيب الرحمان ۽ حاجي حنيف طيب سان گڏ

پاڪستان ۾ صدر پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ اختيارات کي شهري سطح تي منتقلي واري منصوبي کانپوءِ ڪراچي جو پهريون ناظم هو. هن جو تعلق جماعت اسلامي پاڪستان سان هو، جيڪو ابوالاعلٰي مودودي ۽ نعيم صديقي جي فڪر کان متاثر هو. نعمت الله خان 2001ع ۾ سٽي ناظم (ميئر) چونڊيو ويو. ڪراچي جي بحاليءَ لاءِ 2900 ملين رپيا، سٽي ڪائونسل مختلف منصوبن جي منظوري ڏني، جهڙوڪ 18 وڏن روڊن تي فلائي اوور، 6 انڊر پاس، ٻه سگنل فري روڊ ۽ ڪراچي جي عوام لاءِ واٽر سپلاءِ جي هڪ وڏي اسڪيم، ڪي-3، شروع ڪئي وئي.

ڪراچي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ شامل ڪيو ويو. ڪراچي ڊولپمينٽ پلان ۾ سگنل فري مين روڊ، ڪيترائي فلائي اوور، انڊر پاسز ۽ ڪيتريون ئي پاڻي جي سپلائي ۽ نيڪال جون لائينون تبديل ڪرڻ شامل هيو.[3] شهر جي ميئر جي حيثيت سان سندس هڪ پروجيڪٽ ڪراچي لاءِ گرين لائين بس پراجيڪٽ هو، جتي هن سويڊن مان بسون درآمد ڪيون.[4]

هڪ ٻيو عوامي خيال جيڪو هن متعارف ڪرايو، اهو هو ته ڪراچي جي 64 ڪلوميٽر جي ساحلي پٽي جي چوڌاري عربي سمنڊ جي ڀرسان ڳوٺن جي مقامي ڇوڪرن کي شامل ڪيو وڃي. اهي مقامي ڳوٺاڻا ڇوڪرا، جيڪي سمنڊ کان واقف هئا، سٺا ترڻ وارا هئا ۽ کين معاهدي جي بنياد تي لائف گارڊ جي طور تي رکيو ويو هو ته جيئن سامونڊي ڪناري تي ايندڙ عام سياحن ۽ پکين کي بچائڻ ۾ مدد ڪن، جڏهن انهن تفريح لاءِ سمنڊ ۾ ترڻ جي ڪوشش ڪن. سيپٽمبر 2017ع ۾، ٽن مهينن جي عرصي دوران 55 ماڻهن جي ٻڏڻ جي نتيجي ۾ اختيارين کي ڪراچي جي ساحل کي سيل ڪرڻو پيو.[5] نعمت الله خان جون سال 2005ع ۾ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ پاڪستان جي ايندڙ سال 2005ع جي مڪاني چونڊن ۾ ٻيهر چونڊجي نه ويو.

هن 25 فيبروري 2020ع تي 89 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچي، پاڪستان ۾ وفات ڪئي.

پڻ ڏسو

سنواريو
  1. Governor appreciates role of Naimutullah Khan in Karachi development samaa.tv website, Published 19 October 2016, retrieved 12 November 2017
  2. The world's best mayor? The Express Tribune (newspaper), Published 12 June 2010, retrieved 12 November 2017
  3. President Musharraf praises Naimatullah Dawn (newspaper), Published 8 August 2003, retrieved 12 November 2017
  4. Karachi transport failures The Express Tribune (newspaper), Published 15 September 2016, retrieved 12 November 2017
  5. Karachi beaches sealed in the wake of Saturday's drowninigs The Express Tribune (newspaper), Published 11 September 2017, retrieved 12 November 2017