اڌ رنگ هڪ قسم جي بيماري، جنهن ۾ جسم جو هڪ -پاسو- سُڪي پوندو آهي، ۽ بيڪار ٿي ويندو آهي. بعضي اُن حصي ۾ ’رعشو‘ يا رڦڻي ٿي پوندي آهي، يا نستو ٿي ڦِري ويندو آهي. اِن کي ”فالج“ به چوندا آهن. اَڌرنگ ڪهڙي به عمر ۾ ٿي سگهي ٿو، ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين هن بيماريءَ جو حملو ٿي سگهي ٿو. عام طرح چيو ويندو آهي ته -اڌ رنگ- ”-بخار-“ جي شدت مان يا بلڊ پريشر وڌڻ سان ٿي پوندو آهي. هيءُ مرض دماغ، اعصاب يا عضون ۾ خلل پيدا ڪندو آهي ۽ جسم جو ساڄو يا کاٻو هڪ -پاسو- بي حس ڪري ڇڏيندو آهي. عام گهرو علاج طور -اڌ رنگ- جي مريض کي پاريهل يعني ڪبوتر جو گوشت رڌي کارائيندا آهن ۽ -ان- جو شوروو پياريندا آهن. جيڪڏهن مريض جو منهن ٽيڏو ٿي ويندو آهي ۽ واڇ ڦري ويندي ته -ان- کي ’لقوو‘ به چوندا آهن. عام ماڻهن ۾ ڪيترائي ٽوٽڪا مشهور آهن پر ڊاڪٽري علاج سان ئي مريض بهتر ٿيندو آهي. ورزش يا فزيوٿيراپيءَ ذريعي به علاج ڪندا آهن.[1]

اڌ رنگ
دماغ کا نچلی جانب کا منظر؛ جہاں سے دماغ میں خون کی نالیاں داخل ہوتی اور نکلتی ہیں
مھارت neurology، neurosurgery
ورجاء Lua error in ماڊيول:PrevalenceData at line 28: attempt to perform arithmetic on field 'lowerBound' (a nil value).
دماغ جي ھيٺين حصي جو منظر جتان رت جون نسون داخل ٿيندون۽ نڪرنديون آهن

حوالا سنواريو