نسيم راڄپر
صوبائي اسيمبلي سنڌ جي ميمبر
شخصيت جي معلومات
ڄمڻ جي جڳھ خيرپور
هاڻي رهائش ڪراچي، سنڌ، پاڪستان
۽ ضلعو نوشهرو فيروز ، سنڌ، پاڪستان
خدمتون عوامي مسئلن بابت قانونسازي
پارٽي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس
ٻار 2
عملي زندگي
پروفيسر سياست

نسيم راڄپر هڪ پاڪستاني سياستدان آهي، جيڪا صوبائي اسيمبلي سنڌ جي ميمبر آهي.

ذاتي زندگي ۽ تعليم

نسيم راڄپر پاڪستان جي سنڌ صوبي ۾ واقع شهرخيرپور ۾ پیدا ٿي هئي. سندس شادي رفيق احمد راڄپر سان ٿي ۽  انهن کي ٻه ٻار آهن. هي ڪراچيء ۾ رهندا آهن ۽ سندس مُستقل رهائش گاهہ نوشهرو فيروز ضلعو ۾ واقع ڳوٺ چيهو ۾ آهي.[1] نسيم راڄپر جي تعليم انٽرپاس آهي [2]

سياسي ڪيريئر

نسيم راڄپر کي پاڪستان جي عام چُونڊن، 2018ع جي نتيجي ۾ عورتن جي لاءِ مخصوص سيٽ تي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي اميدوار طور صوبائي اسيمبلي سنڌ جي رُڪن چُونڊيو ويو. هن 13 آگسٽ 2018ع تي اسيمبليءَ جي رُڪنيت قبول ڪئي. [1] [3]

پڻ ڏسو

حوالا

  1. 1.0 1.1 "Welcome to the Website of Provincial Assembly of Sindh". www.pas.gov.pk. حاصل ڪيل 17 October 2018. 
  2. "سندھ اسمبلی میں مخصوص نشستوں پر منتخب کئی ارکان نان گریجویٹ". ایکسپریس اردو. حاصل ڪيل May 2, 2019. 
  3. "PPP bags most of the reserved seats in new Sindh Assembly". thenews.com.pk. وقت 2018-08-15 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 October 2018.