گرانڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس

پاڪستان چونڊ اتحاد

گرانڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس يا مُک جمهوري اتحاد (انگريزي: Grand Democratic Alliance، مخفف: GDA، جي ڊي اي)، سنڌ جي سياسي جماعتن جي چونڊ اتحاد جو نالو آهي، جيڪا 2018ع جي چونڊن وقت جوڙي وئي هئي.

گرانڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس
مخفف جي ڊي اي
اڳواڻ پير پاڳارو
بنياد 23 آڪٽوبر 2017 (2017-10-23)[1]
نظريو علاقائیت
سماجي جمہوریت پسندي
انسان دوستي
وفاقیت
سياسي پاسو مرڪزي
سينٽ
1 / 104
قومي اسيمبلي
3 / 342
سنڌ اسيمبلي
14 / 168

هن اتحاد جو مُک سبب، پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڳڙهه يعني سنڌ ۾ کيس چونڊن ۾ شڪست ڏيڻ هو. هن اتحاد جي مُک جماعت مسلم ليگ فنڪشنل هئي؛ جنهن 2013ع جي صوبائي چونڊن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي ٻي نمبر وڏي پارٽي هئي، جنهن ان چونڊن ۾ 12 سيڪڙو ووٽ کنيا. هن اتحاد کي 2018ع جي چونڊن ۾ پ پ پ لاءِ وڏي چيلنج طور ڏٺو پي ويو.[2] پر هن اتحاد صرف 15 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا.

بناوٽ سنواريو

هيٺ ڏيکاريل تنظيمون ۽ فرد جي ڊي اي جو حصو آهن:[3]

عام چونڊون، 2018 سنواريو

اصل مضمون جي لاءِ ڏسو پاڪستاني عام چونڊون، 2018

2018ع جي چونڊن ۾ جي ڊي اي سنڌ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان 10 کان وڌيڪ سيٽن تي اتحاد ڪيو، جيئن پ پ پ کي شڪست ڏئي سگھجي. چونڊن ۾ جي ڊي اي سنڌ اسيمبلي ۾ صرف 13 سيٽون ۽ 2 سيٽون قومي اسيمبلي ۾ حاصل ڪيون. حاصل ڪيل ووٽ 15 سيڪڙو هئا.[6][7]

حوالا سنواريو