ڊڪشنري

(لغت کان چوريل)

لغت (dictionary) جي عام مفهوم ۾ معنيٰ آهي ”ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ۽ انهن جي معنيٰ“، پر اصطلاحي طور لغت ان ڪتاب کي چئبو آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جا ترتيب وار لفظ معنائن سميت ڏنل هجن، يا ائين چئجي ته اهو ڪتاب، جيڪو ڪنهن به زبان جي الف بي جي ترتيب سان مرتب ٿيل هجي، جنهن ۾ لفظن، فقرن جي معنيٰ، اُچارَ، پهاڪا، چوڻيون، لفظن جي استعمال ۽ صرفي ۽ نحوي لاڳاپيل معلومات ڏنل هجي، يا اهو ڪتاب، جنهن ۾ ٻن ٻولين جي هم معنيٰ لفظن جي معنيٰ ڏنل هجي، مثال طور “سنڌي- انگريزي“ يا انگريزي- سنڌي لغت“ لغت ڪنهن به مضمون جي اصطلاحن ۽ معنيٰ ’الف- بي‘ جي ترتيب سان مرتب ڪيل هجي، مثال طور علم نباتات جي لغت، لائبريري ۽ انفريشن سائنس جي لغت، وغيره وغيره.[1]. لُغت (dictionary) هڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪنهن ٻوليء جي لفظن کي وضاحتن، استعمالن، اچارن ۽ ٻي معلومات سان گڏ الفابيٽ جي ترتيب سان درج ڪيو ويو هجي یا هڪ اهڙو ڪتاب جنهن ۾ ڪنهن ٻولي جي لفظن کي ڪنهن ٻي ٻولي ۾ ان جي هم معنٰي لفظن سان ترتيب ۾ لکيو ويو هجي.

انگريزي-انگريزي ۽ انگريزي-فارسي لغتون

لغت جو ذخيرو

سنواريو

لغت جو ذخيرو (lexicon or vocabulary) دنيا جي عظيم ٻولين ۾ ھڪ خوبي اھا بہ ھوندي آھي تہ انھن ۾ لغت جو تمام وڏو ذخيرو ٿيندو آھي. ان خوبيءَ جي حساب سان سنڌي ٻولي ايشيا جي سمورين ٻولين ۾ شاھوڪار آھي، جنهن ۾ ھڪ معنيٰ لاءِ ڪيتريون معنائون موجود آھن. ان کان سواءِ اُن ۾ استعارن کان وٺي اصطلاحن، پھاڪن، تشبيھن لاءِ لفظن جو وڏو ذخيرو آھي. سنڌي زبان جي لغت جي شاهوڪاريءَ جو اندازو ان مان لکائي سگھجي ٿو تي شاھ لطيف پنھنجي شاعري ۾ ”اٺ“ لاءِ رڳو ويھ لفظ ڪتب آندا آھن.[1].

پڻ ڏسو

سنواريو
  1. 1.0 1.1 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي