گھنور
ديھ گھنور(انگريزي: Deh Ghanwar) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي شھدادڪوٽ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا تپو سندو ۾ واقع آهي.
گھنور (شھدادڪوٽ) ديھ گھنور | |
---|---|
ديھ | |
Deh Ghanwar | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°45′06″N 67°56′04″E / 27.75167°N 67.93444°Eمڪانيت: 27°45′06″N 67°56′04″E / 27.75167°N 67.93444°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | شھدادڪوٽ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 821 |
تاريخ سنواريو
بورڊ آف روينيو سنڌ جي ديھن واري 1933ع تائين واري نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ھڪ ڳوٺ محمد نواز واقع ھو. ان وقت اھا ديھ تپو شھدادڪوٽ ۾ واقع ھوندي ھئي. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ محمد الياس پنھور واقع آهي.
جاگرافي سنواريو
ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ مگسي، اوڀر م تعلقو ميروخان جي ديھ ڇوڙي، ڏکڻ ۾ تعلقي ميروخان جي ديھ بھرام ھيٺيون ۽ اولھ ۾ ديھ سندو واقع آهن. ھن ديھ جي زمين زرعي آھي ۽ مڪمل روينيو سروي ٿيل آهي. اوڀر طرف ھن ديھ کان ٿوري فاصلي تي ديھ ڇوڙي مان شھدادڪوٽ قمبر روڊ گذرندڙ آھي.
آبادي سنواريو
2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 821 ھئي جيڪا 130 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].