ميلادالنبي

محمد جو جنم ڏينھن

ميلاد النبي - هڪ تهوار يا خوشي جو ڏينهن آھي جنهن کي اڪثر مسلمان ملهائيندا آھن۔ هي ڏينهن مسلمان هر سال پنهنجي نبي محمد جي ولادت جي مناسبت سان ملهائيندا آھن۔ هي ربيع‌الاول جي مهيني ۾ ايندو آھي جو اسلامي تقويم جي لحاظ سان ٽيون مهينو آھي۔

ميلاد النبي / عيد ميلاد النبي/ جشن عيد ميلاد النبي

ملائشيا سني مسلمان دار الحڪومت پتراجاي ۾ جلوس ميلاد النبي، 2013۔
عرفيت عيد ميلاد النبي ، المولد النبوي[1]
ملهائڻ وارا اڪثر مسلمان گروهه جيئن اهل سنت، اهل تشيع ۽ مختلف ٻيا مڪاتب فڪر سواءِ وهابي/سلفين (غير مقلدن) وغيره جي۔
قسم اسلامي، ثقافتي
اهميت محمد صلي اللہ عليہ و آلہ و سلم جي پيدائش جي خوشيءَ ۾
رسمون روزو، عوامي جلوس، نعت خواني، ذڪر و درود، صدقو، خانداني ۽ ٻيا سماجي اجتماع، مسجدون، رستا ۽ گهرن جي سجاوٽ وغيرهه
تاريخ 12 ربيع الاول (اهل سنت)، 17 ربيع الاول (اهل تشيع)[2]
دورانيو 1 ڏينهن
تقرر سالياڻو

حديثون سنواريو

صحيح بخاري جي ٻين جلد ۾ ڄاڻايل آھي تہ ابو لھب جي مرڻ کان پوءِ عباس ان کي خواب ۾ ڏاڍي خراب حالت ۾ ڏٺو ۽ پڇيو ، مرڻ کان پوء تهنهجو ڪهڙو حال رهيو؟ ابو لهب چيو، تي کان جدا ٿي مان ڪائي راحت ناهي حاصل ڪئي سواءِ ان جي جو سيراب ڪيو ويندو آھي ڇو تہ مان محمد جي پيدائش جي خوشي ۾ پنهنجي لونڊي ثویيہ کي آزاد ڪيو هو۔ امام ابن جزري فرمائن ٿا تہ جڏھن محمد جي ميلاد جي خوشي جي وجہ سان ابو لهب جهڙي ڪافر جو هي حال آھي جو ان جي عذاب ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي آھي ۔ حالانڪہ ان جي مذمت ۾ قرآن نازل ٿيو تہ محمد جي مومن امتي جو ڇا حال ٿيندو، جو ميلاد جي خوشي ۾ محمد جي محبت جي سبب مال خرچ ڪرندو آھي. قسم آھي منهنجي عمر جي، ان جي جزا اها آھي تہ اللہ ان کي پنهنجي افضل و ڪرم سان جنت نعيم ۾ داخل فرمائي ۔[3]

روايتون سنواريو

آمنہ فرمائي پئي تہ ( مان ٽي جھنڊا بہ ڏٺا، هڪ مشرق ۾ ھنيو ويو، ٻيو مغرب ۾ ۽ ٽيون جھنڊو خانہ ڪعبي جي ڇت تي لهرايو وڃي پيو) [4] هيءَ حديث (الوفابا حوال المصطفي) ۾ محدث ابن جوزي جن بہ روايت ڪئي آھي. ان مان ميلادالنبي جي موقعي تي جھنڊا لڳائڻ جي اصل بہ ثابت ٿي۔[5]

پڻ ڏسندا سنواريو

حوالا سنواريو