ميقات
ميقات (انگريزي ٻولي: Meeqath) مان مراد اھا خاص ۽ مقرر ٿيل جڳھ آھي جتي احرام ٻڌڻ کانسواءِ مڪي ۾ وڃڻ جائز ناھي[1]. ڪنھن بہ ڪم سان مڪي ۾ ڪوبه جڏهن ويندو آهي تہ ان لاءِ لازم آهي تہ ميقات پھچي احرام ٻڌي[1]. احرام کانسواءِ ميقات کان اڳتي وڌڻ مڪروه تحريمي آھي[1]. اها جڳهه آهي، جتان حج يا عمري تي ويندڙن کي احرام ٻڌڻ ضروري هوندو آهي. حضرت محمد ميقات لاءِ پنج جڳهون مقرر ڪيون هيون، پر بعد ۾ هندوستان توڙي اوڀر ايشيا مان حج تي ايندڙن لاءِ ڇهون ميقات مقرر ڪيو ويو. مڪي جي رهاڪن لاءِ سندن گھر يا مسجد الحرام ميقات هوندو آهي.

ذوالحليفه، مڪي جي رهاڪن لاءِ ميقات
ميقات جون ڇهه جڳهون:
- ذوالحليفه، مديني مان ايندڙ حاجين لاءِ مقرر ميقات
- رابغ، شام مان ايندڙن لاءِ مقيات
- قرن المنازل، نجد مان ايندڙ لاءِ مقرر ڪيل مقيات
- يلملم، يمن مان ايندڙ لاءِ ميقات
- ذات عرق، عراق مان ايندڙ لاءِ ميقات
- براهيم مرسيا، هندوستان، پاڪستان ۽ اوڀر ايشيا جي لاءِ مقرر ميقات
حوالاسنواريو
هوگز, ٿامس پيٽرڪ (1994). اسلام جي ڊڪشنري. شڪاگو: قاضي پبليڪشن آمريڪا. ISBN 0-935782-70-2.