عمرو (انگريزي: Umrah ) جي معني آهي آباد گھر جو ارادو ڪرڻ، زيارت ڪرڻ[1]. اصطلاح ۾ ان مان مراد اھو ننڍو حج آھي جيڪو ھر وقت ٿي سگھي ٿو.ان لاء ڪو خاص مھينو ۽ ڏينھن مقرر ڪونھي[1]. جنھن وقت بہ ڪو چاھي تہ احرام ٻڌي بيت الله جو طواف ڪري، سعي ڪري، مٿو ڪوڙائي يا وار ڪترائي ۽ احرام کولي ڇڏي. عمرو حج سان گڏ پڻ ڪري سگھبو آهي ۽ حج کان علاوہ بہ. عمري ڪرڻ واري کي معمر چوندا آهن[1].

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 304