منظور ڪالوني، يوسي-1 (Manzoor Colony) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي فيروز آباد سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اتر ۾ محمود آباد ۽ اوڀر ۾ اختر ڪالوني ۽ اولھه ۾ بلوچ ڪالوني روڊ ۽ ڏکڻ ۾ يو سي منظور ڪالوني نمبر-2 واقع آهي. 2013ع کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي يونين ڪاؤنسل نمبر 2 ۽ ان جو نالو منظور ڪالوني ھيو. 2013ع ۾ ان کي ٻن حصن ۾ ورھائي انھن ۾ ٻيا علائقا شامل ڪري ٻہ يونين ڪاميٽيون ٺاهيون ويون جن م ھڪ منظور ڪالوني 1 ۽ ٻي منظور ڪالوني 2 شامل آھن جن کي فيروز آباد جي نالي سان نئين قائم ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن ڪالوني م پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کان سواءِ سنڌي، پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو رھندڙ آھن. سال 2015ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي ۾ چيئرمين جي سيٽ تي ملڪ شاھنواز اعواڻ چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي يوسف انصاري چونڊجي آيا، ٻنھي جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي.[1] ھن يو سي ۾ زيادہ تر غريب آبادي رھندڙ آھي. پکيڙ جي لحاظ کان ھتي آبادي گھاٽي آھي ان ڪري ھتي گھر ننڍڙا ۽ گھٽيون سوڙھيون آھن. ھن يو سي ۾ رھائشي منصوبه بندي جو فقدان رھيو آھي. ھن ڪالوني مان مصطفي روڊ، علامه اقبال روڊ ۽ بلوچ ڪالوني روڊ گذرن ٿا. ھتي الفاروق سيڪنڊري بوائيز اسڪول واقع آهي.

منظور ڪالوني ون
سنڌ جي جي يونين ڪاميٽي
يو سي 2 منظور ڪالوني ون
منظور ڪالوني ون is located in سنڌ
منظور ڪالوني ون
منظور ڪالوني ون
منظور ڪالوني ون is located in Pakistan
منظور ڪالوني ون
منظور ڪالوني ون
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°51′34″N 67°05′05″E / 24.85944°N 67.08472°E / 24.85944; 67.08472
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو فيروز آباد سب ڊويزن