محمد هاشم سولنگي

پروفيسر محمد هاشم سولنگي (انگريزي:Prof. Mohammad Hashim Solangi) انگريزي ٻولي جو پروفيسر ۽ سنڌي ٻوليءَ جو سنڌيڪار آهي،

زندگي جو احوال سنواريو

پروفيسر محمد هاشم سولنگي جي پيءُ جو نالو ڌڻي بخش سولنگي آهي. هن 2 آگسٽ 1962ع تي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي جي تاريخي ڳوٺ حاجي خان لغاري ۾ جنم ورتو.[1] [2]

تعليم سنواريو

پروفيسر محمد هاشم سولنگي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ جوهي منجهان 1977ع ۾ ڪيائين. انٽر گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان 1979ع ۾ ڪيائين. بي ايس سي باٽني ۾ 1983ع ۽ ايم اي انگريزي ادب ۾ 1987ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪيائين.[1]

عملي زندگي سنواريو

محمد هاشم سولنگي عملي زندگي جي ابتدا استاد طور ڪئي. هيءُ 1988ع ۾ مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ انگريزي جو ليڪچرار مقرر ٿيو. 1990ع ۾ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو ۾ بدلي ٿي آيو. 2009ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ۽ 2014ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي ماڻيائين. هيءُ 2014ع ۾ گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ڪي ايم سي نشتر ڪراچي ۾ بدلي ٿيو جتي فرائض انجام ڏيڻ شروع ڪيائين. هن جو ننڍپڻ کان ادب ڏانهن لاڙو هو. هن انگريزي توڙي سنڌي ادب جو گهرو مطالعو ڪيو. هن ٿعليمي ماهر ۽ ادبي ذوق رکندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شيخ اياز، استاد بخاري، پروين شاڪر، حليم باغي، عزيز ڪنگراڻي ۽ ٻين اهم شاعرن جي سنڌي شاعري جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي.[1] جيڪو ڊگري ڪاليج دادو طرفان نڪرندڙ منڇر مئگزين ۾ شايع ٿيل آهي.[3] هاڻ به انهي علمي ادبي ڪم ۾ مصروف آهي. محمد هاشم سولنگي هن کي 20 گريڊ ۾ ترقي ملي ۽ مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ پرنسپال مقرر ٿيو ۽ پهرين آگسٽ 2022ع تي گورنمينٽ مراد ميمڻ ڳوٺ ڊگري ڪاليج مان ئي پرنسپال جي عهدي تان رٽائر ٿيو آهي.[4]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-04-21. 
  2. ڪتاب: Dadu at Glance, Dr. Niaz Abbasi, 2011
  3. منڇرمئگزين،گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو،2011ع
  4. Moderator, The Time News. "محمد علي پٺاڻ جون ڪهاڻيون سنڌي سماج جي عڪاسي ڪندڙ آهن: مقرر". The Time News. حاصل ڪيل 2022-08-06.