ميهڙ تعلقو

ضلعي دادو جي هڪ تعلقي جو نالو
(ميھڙ تعلقو کان چوريل)


ميهڙ تعلقو(انگريزي: Mehar Taluka) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي دادو جو هڪ تعلقو آهي. جنھن جو صدرمقام ميھڙ شھر اھي. ھي تعلقو سنڌ جي صوبائي اسيمبليءَ جو تڪ پي ايس 77 آھي.

ميھڙ تعلقو
میھڙ
تعلقو
Mehar
دادو ضلعي جي تعلقن واري نقشي ۾ ميھڙ تعلقو ڳاڙھي رنگ سان نمايان ڏيکاريل
دادو ضلعي جي تعلقن واري نقشي ۾ ميھڙ تعلقو ڳاڙھي رنگ سان نمايان ڏيکاريل
ميھڙ تعلقو is located in سنڌ
ميھڙ تعلقو
ميھڙ تعلقو
ميھڙ تعلقو is located in Pakistan
ميھڙ تعلقو
ميھڙ تعلقو
جاگرافي بيهڪ: 27°10′44″N 67°49′10″E / 27.17889°N 67.81944°E / 27.17889; 67.81944
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو دادو
حڪومت
 • چيئرمين، ميونسپل ايڊمنسٽريشن رياض مھيسر
 • ايم اين اي عمران ظفر لغاري
 • ايم پي اي فياض علي ٻٽ
پکيڙ
 • ڪل 14.3232 ڪ.م2 (5.5302 ميل2)
آبادي (2017)
 • ڪل 6.7lakh

ميھڙ کي تعلقي جي حيثيت برٽش انڊيا واري دور ۾ ملي. امپيريل گزيٽيئر ۾ ذڪر ٿيل آهي تہ: ميھڙ لاڙڪاڻي ضلعي جو ھڪ تعلقو ھيو ان وقت سنڌ اڃان بمبئي جو حصو ھئي.ميھڙ جي جاگرافيائي بيهڪ 27`10`44.23"N 67`49`25.34"E جي وچ ۾ ھئي ۽ سامونڊي سطح کان 162 فٽ اوچائي تي واقع ھيو. 1901 ۾ ان جي آبادي 58,434, جڏهن ته 1891 ۾ 48,320 ھئي. 1901 ۾ ميھڙ تعلقي ۾ 64 ڳوٺ ھئا. ابادي جي گھاٽائي ھڪ چورس ميل ۾ 178 ڄڻا ھئي. 1903 ۽ 1904 واري مالياتي سال ۾ ھن تعلقي جا لينڊ روينيو ۽ محصولات 2.8 لک روپيا ھيو. ھن تعلقي کي پاڻي اولھ ناري مان ملندو ھيو ۽ ان جي فيڊرن مان ھڪ تي جوئر، ۽ چانورن جو فصل ٿيندو ھو. 1874 جي ٻوڏ کان اڳ ميھڙ زرخيز ھوندو ھيو پر ٻوڏ کان پوء پاڻي لوڻياٺو ٿي ويو ۽ باغ ناس ٿي ويا. اولھ طرف ٽڪرين ۾ پوک مينھن تي ٿيندي ھئي:[1]

ميھڙ تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون

سنواريو
  1. يو.سي.ميھڙ
  2. يو.سي.باليشاھ(ڳوٺ ڪوٺي کوکر
  3. يو.سي.ٻوٿرو
  4. يو.سي.باليدائي
  5. يو.سي.ٻيٽو
  6. يو.سي. فريد آباد
  7. يو.سي.گاھي مھيسر
  8. يو.سي.ڪولاچي
  9. يو.سي.خان جو ڳوٺ
  10. يو.سي.مندواڻي
  11. يو.سي.نئون ڳوٺ
  12. يو.سي.قاضي عارف
  13. يو.سي.راڌڻ
  14. يو.سي.شاھ پنجو
  15. يو.سي.ٿرڙي محبت
  16. يو.سي. سوڀو خان مگسي
  17. يو.سي. ٺوڙهو چانڊيو
  18. يو.سي. سنڌي ٻٽڙا
  19. يو.سي. ڳوٺ قائم شاھ
  20. يو.سي.ڳوٺ مولوي صديق


ميھڙ تعلقي ۾ ڪل 80 ديھون واقع آهن.

ميھڙ تعلقي جون ديھون[2]
# ديھ # ديھ # ديھ # ديھ
1 آباد 1 2 آباد 11 3 انبار 4 ٻاڇي جاگير
5 ٻاچي ريئتي 6 باليدئي 7 ٻالڪو 8 بند گاھي
9 ٻيلو ڀورٽي 10 ٻيلو سونا بنڊي 11 ٻيٽو 12 ڀنڊ مري
13 ڀورٽي 11 14 ڀٽو 15 بشارت ڪچڙي 16 ٻوٿرو
17 ٻٽ سرائي 18 چارو 19 ڇلو 20 ڊاڍ باراني
21 ڍاڍر 22 دکاڻي 23 ڊرٻو 24 فريدآباد
25 فريدآباد باراني 26 گاھي مھيسر 27 گنجا ٺوڙھا 28 گرڪڻ
29 گھاڙي جاگير 30 گھاڙي ريئتي 31 گونگو 32 گل محمد واھ
33 گنھيرو 34 ھمبار 35 ڪمال پور 36 ڪمانگر
37 ڪانڌڙا 38 ڪڙيو قاسم شاھ 39 ڪسيرو 40 ڪاوانجھڙو
41 ڪيرڙو 42 کونڊي 43 ڪنارو ڪڪول 44 ڪولاچي
45 ڪوٺي کوکر 46 ڪوٺي سوڍري 47 ڪندن 48 لکياري
49 لالو گھاڙي 50 لنگھڻو 51 ليتڻ 52 مگسي
53 منگواڻي 54 منجن 55 موجھڙ باراني 56 مريد لاکير
57 ناڙي 58 ناسوئي 59 ناٿ 60 نئون ڳوٽ
61 نيراھ 62 پٽ ڪنڊي 63 پٽيجي 64 پيروز شاھ
65 پپري 66 پئارچو 67 راڌڻ 68 رپ ناري
69 ريئو ڪچو 70 روجھاڻ 71 روڻي 72 سڍار علي وال
73 سعيدپور 74 سيري 75 شاھ پنجو 76 ٿرڙي محبت
77 اميديرو 78 استيلو 79 واھ گاھي 80 وارياسو