ڀان سيدآباد آباد (انگريزي: Bhan Syedabad ) يا ڀان سعيدآباد (انگريزي: Bhan Saeedabad ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي حيدرآباد ڊويزن جي ضلعي ڄامشوري جي سيوھڻ تعلقي م واقع ھڪ شھر جو نالو آهي. ڀان سيد آڀاد شهر جو هاڻوڪو نالو اصل ۾ ”ڀاڻ سعيد“ يا ”سعيد جا ڀاڻ” جو بگاڙ آهي. ڀاڻ مقامي لحاظ کان ڳوٺ، ٿاڪ، وسندي يا بستي کي چئبو آهي. ڀان سيدآباد ڀرسان هڪ ٻيو ڳوٺ هاشم جا ڀاڻ اڄ به موجود آهي جيڪو هن شهر جي اصل نالي جي تصديق ڏانهن اشارو ڪري ٿو. هن شهر کي ڀاڻ سعيد کان پوءِ ڀاڻ سعيدآباد سڏيو ويندو هو. بعد ۾ هيءُ شهر ڀان سعيدآباد سڏجڻ ۾ آيو. ويجهي ماضي ۾ ڀان سيدآباد سڏجڻ لڳو. هيءُ ضلعي ڄامشوري جو اهم شهر آهي.[1] انڊس هاءِ وي ذريعي، دادو ۽ سيوهڻ سان ڳنڍيل آهي. جوهي لنڪ روڊ ذريعي جوهيءَ سان پڻ ڳنڍيل آهي.[2]

ڀان سيدآباد
ڀان سعيدآباد
شھر
Bhan Syedabad
ڀان سيدآباد is located in سنڌ
ڀان سيدآباد
ڀان سيدآباد
ڀان سيدآباد is located in Pakistan
ڀان سيدآباد
ڀان سيدآباد
پاڪستان ۽ سنڌ ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 26°33′N 67°43′E / 26.550°N 67.717°E / 26.550; 67.717مڪانيت: 26°33′N 67°43′E / 26.550°N 67.717°E / 26.550; 67.717
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڄامشورو ضلعو
تعلقو سيوھڻ تعلقو

حوالا سنواريو