ڪوٽڙي ڪبير

سنڌ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو

ڪوٽڙي ڪبير(انگريزي: Kotri Kabeer) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي نوشهرو فيروز جي تعلقي مھراب پور جي ھڪ يونين ڪاؤنسل جو نالو آھي جيڪا نيشنل ھاء وي 5 (N5) تي واقع آهي. ڪوٽڙي ڪبير جو قديم ڳوٺ پڪي شاهي رستي تي، هالاڻي ۽ هنڱورجا جي وچ تي تعلقي ڪنڊياري ۾ واقع آهي. غالبا سنڌ ۾ اسلام جي آمد يعني 2- صدي هجري (8 عيسوي) کان وٺي هيءُ ماڳ تعليم ۽ تدريس جو مرڪز بنيو. هتي جا عالم گهراڻا، خاص طرح صديقي، قاضي، انصاري، مخدوم (جن مان ڪي هتا لڏي ٻئي پاسي ويا) صدين کان وٺي هتي آباد ٿيل آهن ، ۽ انهن آڳاٽي وقت کان وٺي علمي درسگاهون قائم ڪري علم جو چراغ روشن ڪيو. مخدوم عبدالڪريم يا قاضي نظام الدين، جيڪي ڪوٽڙي ۾ مدفون آهن، انهن جو سلسلو هت باقي نه رهيو آهي، پر هتان جو صديقي گهراڻو، جنهن جي هڪ نيڪ ۽ نامور عالم ۽ بلند پايي جي صوفي درويسش ”شيخ ڪبير“، جنهن جي نالي پويان هيءُ شهر ”ڪوٽڙي ڪبير“ سڏجي ٿو، تنهن صدين کان وٺي اسلامي تعليم ۽ تبليغ جو سلسلو جاري رکيو آھي.[1] زباني طور مليل روايتن ۽ ڪن قلمي ڪتابن ۾ درج ٿيل عبارتن جي آڌار تي هن گهراڻي جو (قدري اڻپورو) شجرو مرتب ڪيو ويو اهي، جنهن مان معلوم ٿيندو ته بزرگ درويش ۽ عالم ”شيخ ڪبير“ سندس وڏي ڏاڏي مخدوم شيخ اسحاق جي اٺين پيڙهي مان هو. شيخ اسحاق ڏهين صدي هجري ۾ گذاريو، پر سندس ولادت غالباً 9- صدي هجري ۾ ٿي. کانئس مٿي وارو شجرو سلامت نه رهيو آهي، پر هي بزرگ حضرت ابوبڪر صديق رضه جي اولاد مان آهن ۽ سندن وڏا آڳاٽي وقت کان هت مقيم ٿيا. مخدوم اسحاق جو پٽ مخدوم هارون ٿيو، جنهن سنه 971 هجري ۾ وفات ڪئي.[1]. ھن شھر ۾ اولياءَ شيخ الھيار جو مقبرو بہ مشھور آھي . ”ڪوٽڙي ڪبير“ وارو ماڳ انهيءَ رخ تي واقع آهي، جنهن رخ سان محمد بن قاسم ”ساوڙي“ (تعلقو نوابشاهه) کان پوءِ اروڙ طرف ڪوچ ڪيو ۽ واٽ تي ڪن ماڳن تي عرب قبيلن جا ڪي فرد آباد ڪيا. ڪوٽڙي ڪبير جو ”سوا لک مقام“ پڻ هن ماڳ جي قدامت تي شاهد آهي. ازانسواءِ هتي ڪن مقبرن ۽ مسجدن جي ”سِرن واري سٿ“ سان تعمير به انهيءَ اڏاوت جو نمونو آهي، جيڪا ڇهين صدي هجري يا ان کان اڳ رائج هئي[1].

ڪوٽڙي محمد ڪبير
مخدوم محمود جي مزار
مخدوم محمود جي مزار
ڪوٽڙي محمد ڪبير is located in سنڌ
ڪوٽڙي محمد ڪبير
ڪوٽڙي محمد ڪبير
ڪوٽڙي محمد ڪبير is located in Pakistan
ڪوٽڙي محمد ڪبير
ڪوٽڙي محمد ڪبير
جاگرافي بيهڪ: 27°20′35″N 68°28′59″E / 27.343°N 68.483°E / 27.343; 68.483
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو نوشهرو فيروز
تعلقو مهراب پور

گئلري سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 مضمون:سنڌ جا عالم ۽ علمي درسگاهون (ڪوٽڙي ڪبير جا عالم ۽ علمي درسگاهون)؛ليکڪ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:(رسالو؛ مهراڻ 1986ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد شيخ جلد؛ 35 ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ سال :جنوري - مارچ 1986ع)


سانچو:Pakistan-geo-stub