محرابپور يا مھراب پور :Mehrabpur: پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي نوشهرو فيروز جو شھر آھي ۽ تعلقي محراب پور جو صدر مقام آھي. شھر ڪراچي لاهور ريلوي لائن تي واقع آهي جيڪا 1870 ۾ وڇائي وئي[2] ۽ اتي ريلوي اسٽيشن بہ آھي جيڪا 1914 ۾ قائم ٿي. اھو نيشنل ھاء وي 5 کان اٽڪل 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سمنڊ جي سطح کان 28 ميٽرن جي بلندي تي واقع آهي[1]. ھي شھر سنڌ ۾ فرنيچر جي انڊسٽري جي ڪري مشھور آھي کيس سنڌ جو چنيوٽ به چوندا آهن.ھن شھر جو بنياد محراب جتوئي وڌو. هن شهر جي پکيڙ تقريباً پنج ڪلو ميٽر هم چورس آهي. جيئن ته هي شهر ضلعي نوشهروفيروز جي اوڀر _ اتر پاسي ضلعي جي مُهڙ ۾ هجڻ ڪري هن جو دنگ ضلعي خيرپور ميرس سان ملي ٿو. هن شهر جي آبهوا خشڪ رهندي آهي. تعليمي نظام جي شروعات 1886ع ۾ ٿي، نهري نظام جي شروعات 1935ع ۾ ٿي، ۽ پوسٽ آفيس وارو سلسلو سنه 1945ع کان شروع ٿيو. هي شهر هاڻي 16 هن وارڊن سميت ٻن يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي. هتي هر مذهب ۽ مسلڪ يا مڪتبِ فڪر جا عبادت گاهه، مندر، مدرسه، مسجدون ۽ امام بارگاهه وغيره قائم آهن[2]. شھر سامونڊي سطح کان 28 ميٽرن جي بلندي تي واقع آهي[1]. شھر مان لنگرجي شاخ پڻ گذري ٿي. شھر جي محلن ۾ نيو ٽائون، شاھ ڳوٺ محلو، لالو عامر ڳوٺ محلو شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، 22 اپريل 2005ع تي، هتي اچي هن شهر کي تعلقي هيڊ ڪواٽر بڻائڻ جو اعلان ڪيو. جنهن جو نوٽيفڪيشن سنڌ حڪومت پاران 21 جون 2005ع تي جاري ڪيو ويو. جنهن بعد هن شهر جي ڪارو بار ۾ اضافو آيو ۽ وڃايل رونق بحال ٿي[2].

محراب پور
Mehrabpur

مھراب پور
شھر
محراب پور Mehrabpur is located in سنڌ
محراب پور Mehrabpur
محراب پور
Mehrabpur
جاگرافي بيهڪ: 27°05′58″N 68°25′15″E / 27.099444°N 68.420833°E / 27.099444; 68.420833
ملڪ  پاڪستان
صوبو سنڌ
پکيڙ
 • ڪل 5 ڪ.م2 (2 ميل2)
بلندي 28 ميل (92 ft)
آبادي
 • ڪل 53,394

ھن شھر جي آبادي 1981ع م 16158ھئي. 1998ع ۾ 30,686 ٿي وئي ۽ 2017 جي ڪاٿي مطابق 53,394 ھئي. 1998 کان 2017 وچ ۾ واڌ جي شرح 2.95 رھي[1]. تعلقي جي آبادي 2017 م 2,47,280 ھئي[1].محرابپور، جي جنم وقت هتي صرف ميربحر (ملاح) هيا. ان بعد سماٽ جون ٻيون ذاتيون آباد ڏسجن ٿيون. جن ۾ سهتا، ماڇي (سولنگي)، کٽي، ڊکڻ (سومرا) ڪنڀر، برهمڻ ۽ ٻيا آباد ٿيا[2]. انگريز دور ۾ نوناري، صديقاڻي (ميمڻ)، ٽالپر، خاصخيلي، شيدي، لنڊ، قريشي، پيرزادو (قاضي)، ساکاڻي چانڊيا ٻروچ، جانوري، جوکيا، موچي _ چنه، ٻاليشاهي (شيخ _ چهواڻ) مارواڙي (ماڙيچا)، هندو واڻيا (لُهاڻا _ اڌلاڻي) ۽ سماٽ جون ٻيون ذاتيون آباد ٿيون[2]. هند ۽ سنڌ جي ورهاڱي کانپوءِ هتي مهاجر پڻ آباد ٿيا. پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ صدر ايوب پاران 1954ع ۾ ’ون يونٽ‘ مڙهڻ کانپوءِ سنڌ جي ٻين شهرن جيان هتي به ججھي تعداد ۾ پنجابي پهتا. جن ۾ ڪمبوهه، آرائين، چيما، وٽو، لوڌي، مغل، جٽ ۽ گھمڻ، انبالوي وغيره شامل آهن[2]. هتي رهندڙ هنن قومن جو سالن کان وٺي پاڻ ۾ ميٺُ، محبت ڀريو سُٻنڌ رهيو آهي. هنن ماڻهن جو مذاج سنڌ جيان صوفياڻو ۽ ملنگاڻو رهيو آهي. هن شهر جا رهواسي انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جا ڪٽر مخالف رهيا آهن. شهر جي اهم مسئلن تي گڏ ويهي ان جو بهتر حل ڪڍندا آهن[2].

محرابپور ڳوٺ جي اڏجڻ کان اڳ، ڀر وارا تاريخي شهر هالاڻي ۽ بهلاڻي آباد هيا؛ جيڪي ان وقت واپار ۽ علم جا مرڪز هيا[2].مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر حامد علي خانائي جن به محرابپور کي ’محراب جتوئي‘ جي نالي سان لکيو آهي. جنهن پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ هي ڳوٺ ٻڌو. اسان ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي ته جڏهن به جٿي ڪو ڪوٽ ۽ ڳوٺ ٻڌبو آهي ته اتي پنهنجا ماڻهو لڏائي اچي ويهاربا آهن ۽ اتي پنهنجا به پکڙا اڏبا آهن. پر هتي ۽ هن شهر جي آس پاس ۾ جتوئي قبيلي جو اهڙو ڪو به نالو نشان جائيداد، جاگير، گھر ۽ قبرستان وغيره موجود ناهن جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ته، هي شهر هن شخصيت جو ٻڌرايل آهي. هيءَ ڳالهه به پنهنجيءَ جاءِ تي تحقيق طلب آهي جنهن تي سنڌ ۽ ساهتيءَ جي محققن کي سوچڻ گھرجي[2].محرابپور جي حوالي سان ڊاڪٽر حامد علي خانائي صاحب پنهنجي ڪتاب ’نواب شاهه ضلعو تاريخي شهر ۽ شخصيتون‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”محراب جتوئي، ساهتيءَ ۾ جتوئي قبيلي جو سردار هيو. سنه 1189ھ ۾ ميان سرفراز خان ڪلهوڙي کانپوءِ بادشاهه گرديءَ جو دور شروع ٿيو. اُن وقت مير فتح علي خان ٽالپر، ميان صاحب جي ڀاءُ محمود خان کي گاديءَ تي ويهاريو. محراب جتوئي، محمود خان جو وزير بڻيو. محراب جتوئيءَ کي ’ساهتيءَ جو پرڳڻو‘ جاگير ۾ ڏنو ويو ۽ هُن هالاڻيءَ کي ساهتيءَ علائقي جو صدر مقام مقرر ڪيو. هالاڻيءَ کان اُڀرندي طرف محراب جتوئيءَ هڪ ٻيو نئون ڳوٺ ٻڌايو، جو ”محرابپور“ جي نالي سان سڏجي ٿو. محراب جتوئي ميرن سان وڙهيو ۽ ’لانياريءَ‘ جي ويڙهه ۾ شڪست کاڌائين. مدد خان پٺاڻ جي حملي وقت چالڪ جي پل وٽ لڙائيءَ ۾ قتل ٿي ويو. انهيءَ وقت هالاڻيءَ ۾ ڌڱاڻو جتوئي سندس پاران نائب هو[2].محرابپور ۾ پهريون تعليمي ادارو سنه اپريل 1886ع ۾’سنڌي مين پرائمري اسڪول ڳوٺ محرابپور‘ جي نالي سان قائم ٿيو. هن اسڪول جو پهريون هيڊ ماستر: سُکر مل لُهاڻا هيو جيڪو سنه 9 نومبر 1938ع کان 8 آڪٽوبر 1939ع تائين هن اسڪول ۾ هيڊ ماستر رهيو. 1870ع ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ٿيڻ کانپوءِ هن ڳوٺ کي شهر واري حيثيت ملي. محرابپور ڳوٺ، انتظامي طور تي پهرين رياست خيرپور سان جڙيل هيو، جنهن کي ”لارڊ ڊلهائوسيءَ سنه 1852ع ۾ رياست خيرپور کان ڇني حيدرآباد ضلعي سان جوڙي ڇڏيو.“[2] ” 1902ع ۾ ضلعي حيدرآباد کي ٻن حصن ۾ ورهائي نواب شاهه کي ضلعو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن تي عمل کان پهرين 1907ع ۾ نواب شاهه کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو[3].“ ”سنه 1902ع ۾ ضلعي حيدرآباد کي ٻن حصن ۾ ورهائي نواب شاهه کي ضلعي جي حيثيت ڏيڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو ويو ان تي عمل پهرين نومبر 1912ع کان ٿيو[4]. " ”نواب شاهه ضلعو ٿيو ته محرابپور ان ۾ شامل ٿيو[4]." سنه 1968ع ۾ هن شهر جي ڪميونٽي سينٽر، ٽائون ڪاميٽي محرابپور جو افتتاح، ڪمشنر خيرپور ڊويزن محمد اسلم باجوا (CSP) آفيسر ڪيو[2]. سنه 1989ع ۾ نوشهرو فيروز ضلعو بڻيو ته ان ۾ شامل ٿيو. نوشهري کي ملندڙ ضلعي واري حيثيت بابت اسلم عباسي نوشهري جي تاريخ تي پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ’ضلعو نوشهرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾‘ لکي ٿو ته: ”نوشهرو فيرو ضلعو 1989ع ۾ وجود ۾ آيو، ان کان اڳ هن خِطي کي ساهتي پرڳڻو سڏيو ويندو هو[5].“ ضلعي نوشهرو فيروز جو پهريون ڊپٽي ڪمشنر نثار احمد صديقي هيو. محرابپور شروع کان تعلقه ڪنڊيارو سان جڙيل هيو جيڪو 21 جون 2005ع کان الڳ ٿيو[2].

محراب پور ريلوي اسٽيشن

سنواريو

ڪلمتي، سنڌ جي مارئيءَ ۾ لکي ٿو ته:” 1859ع ۾ گذري (گسري) بندر تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو ڪم به مڪمل ٿيو. ان بعد 29 اپريل 1858ع ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين اسڪيم جي پيڙهه جو پٿر فريئر رکيو، 13مئي 1861ع ۾ ان جو ڪم مڪمل ٿيو[6]. لائين کولڻ جي مهورت 13مئي 1861ع تي ڪمشنر سنڌ مسٽر جان ڊنڪن ڪئي. هن لائين جو انجنيئر جان برٽن ۽ ٺيڪيدار بيري (Bary) هيو. 1887ع ۾ ڪوٽڙي ۽ ڪوئٽا وچ ۾ به گاڏيون هلڻ لڳيون. هن لائين جي ٻئي سيشن حيدرآباد کان ملتان تائين جو ڪم سنه 1879ع ۾ مڪمل ٿيو.[6]“ انهن ڏهاڙن ۾ محرابپور ريلوي اسٽيشن قائم ٿي. ”سنه 1870ع تي محرابپور ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ٿي، سنه 1922ع ۾ هتان ٺاروشاهه تائين ننڍي لائين وڇائي هن اسٽيشن کي ’جنڪشن‘ جو درجو ڏنو ويو. هتان هالاڻي، ڪنڊياروي ۽ ٺاروشاهه تائين’ننڍي لائين‘ تي ’فيڊر گاڏي‘ شروع ٿي[7].“ جنڪشن کي جنرل ضياءُ الحق سنڌ ۾ سنه 1983ع ۾ بند ڪيو. ريلوي اسٽيشن کي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف پنهنجي پهرين حڪومتي دور سنه 1993ع ۾ بند ڪري ڇڏيو اھڙي طرح ريلوي اسٽيشن اجڙي وئي[2].

هن شهر جي ڪاروبار کي اناج، ڳڙ منڊي ۽ ڪاٺ جو فرنيچر وڏي هٿي ڏيو بيٺو آهي. جيڪو هن شهر جي آمدنيءَ جو وڏو ذريعو بڻيل آهي[2]. هتان جي 50 سيڪڙو آبادي روزگار جي حوالي سان سرڪاري، غير سرڪاري ادارن سان سلهاڙيل آهي. هن شهر جو فرنيچر پاڪستان ۾ ٻئي نمبر تي مشهور آهي[2]. پهرين نمبر تي پنجاب (چنيوٽ) ان کانپوءِ محرابپور مشهور آهي. هتان جو ٺهيل فرنيچر پوري پاڪستان ۾ پهچي ٿو. هتان جي ڪاريگرن پاران ڪاٺ جو ٺاهيل فرنيچر مضبوطيءَ جي حوالي کان چنيوٽ کي به شَههَ ڏيو بيٺو آهي[2].

تعليمي ادارا

سنواريو

گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جو قيام 17 ڊسمبر 2004ع تي عمل ۾ آيو. جنهن جو افتتاح ان وقت جي ضلعي ناظم مسرور خان جتوئي ڪيو[2]. آفيس سب ڊويزن ايجوڪيشن (ميل) آفيس سب ڊويزن ايجوڪيشن (ميل)، 20 فيبروري 2006ع کان قائم ٿي. ان بعد هن اداري کي سنه 2014ع کان تعلقه ايجوڪيشن (ميل)[2]. گرلز ڊگري ڪاليج هن ڪاليج جي شروعات بنا (S N E) جي سنه 2013ع ۾ ڪئي وئي[2]. گورنميٽ گرلز هاءِ اسڪول، پهرين ايليمينٽري اسڪول هيو جتي شاگردياڻين کي اٺين درجي تائين تعليم ڏني ويندي هئي. سن 1990ع ۾ هن کي هاءِ اسڪول جو درجو مليو[2]. تعميرِ ملت هاءِ اسڪول محرابپور، هي اسڪول پهرين محمد امين’سالڪ‘بٽ، عرف (بگو ماستر) جماعت اسلامي جي چيئرمين شپ ۾ جماعت جي ساٿين سان گڏجي سنه 1948ع ۾ قائم ڪيو. جنهن کي پاڻ خانگي نموني هلائيندو رهيو جتي شاگردن کي (اردو ٻوليءَ ۾) پرائمريءَ کان اٺين جماعت تائين تعليم ڏني ويندي هئي[2]. هي اسڪول 1948ع کان 1952ع تائين پرائمريءَ جي حيثيت ۾ هلندو رهيو. پهرين اپريل 1952ع ۾ مڊل اسڪول ٿيو. آڪٽوبر 1972ع ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت قومي تحويل ۾ ورتو. ڇهين جنوري 1993ع ۾ هن اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو[2]. سنه 1993ع کان 2002ع تائين (ڪو ايڊيوڪيشن) رهيو[2].

توانائي

سنواريو

ھتي گرڊ اسٽيشن، KV132 (هڪ لک ٻٽيهه هزار ڪي وي) جو سنگ بنياد، پاڻي ۽ بجليءَ جي وفاقي وزير لياقت علي خان جتوئيءَ 24 فيبروري 2007ع تي رکيو. هن (هڪ لک ٻٽيهه هزار، ڪي وي) گرڊ اسٽيشن، 27 آگسٽ 2010ع کان ڪم شروع ڪيو[2].

عدالتي نظام

سنواريو

اسسٽنٽ سيشن جج اينڊ سينئر سول ڪورٽ تعلقه محرابپور، جو قيام 30 ڊسمبر 2016ع کان عمل ۾ آيو[2]. هن اداري جو پهريون اسٽاف: جناب فائق علي پٺاڻ (سينئر سول جج)، غلام قادر نانگراج (ريڊر)، قربان علي خاصخيلي (ڪلارڪ)، الهه ڏنو مڱڻهار (بيلف)، درمحمد خاصخيلي (پٽيوالو) مقرر ٿيا. هن ڪورٽ کي هتي قائم ڪرائڻ ۾ لطف الله سيال (وڪيل) ۽ سندس ساٿين جون ورتل ڪوششون وساري نه ٿيون سگھجن[2].

صحت جون سھولتون

سنواريو

1970ع واري ڏهاڪي کان به اڳ هتي حسيني چوڪ وٽ، ضلعي ڪائونسل پاران هڪ ڊسپينسري قائم ڪئي وئي[2]. جنهن جو پهريون انچارج ڊسپينسر محمد آچر پنهور هيو. سنه 1986ع ۽ ان کي بنيادي صحت مرڪز، رورل هيلٿ سينٽر (H R C) محرابپور، جو درجو ڏئي شهر کان ٻاهر صحت کاتي جي نئين بلڊنگ ۾ منتقل ڪيو ويو[2].

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 https://www.citypopulation.de/Pakistan-Sindh.html?cityid=27481-
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 2.17 2.18 2.19 2.20 2.21 2.22 2.23 2.24 2.25 2.26 2.27 2.28 ڪتاب جو نالو: محرابپور جي عزاداري؛ ليکڪ: مولائي ملاح ڇاپو: پهريون سال: ©2017ع ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ-[1][مئل ڳنڍڻو] -
  3. ] ڪتاب: شهيد بينظير آباد، محققن جي نظر ۾، مرتب: مير محمد پيرزادو. ڇپائيندڙ: سئو ساله جشن ضلع شهيد بينظير آباد. ڇپيندڙ: مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ/ حيدرآباد، سنڌ. سال: مارچ 2013ع، ڇاپو پهريون، ص: 87-
  4. 4.0 4.1 ڪتاب: نواب شاهه کان شهيد بينظير تائين هڪ صديءَ جو سفر، ليکڪ: خادم حسين چانڊيو. ڇپائيندڙ: سئو ساله جشن ضلع شهيد بينظير آباد، ڇپيندڙ: مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ / حيدرآباد، سنڌ. فيبروري 2013ع، ڇاپو پهريون. ص: 72-
  5. ڪتاب: ضلعو نوشهرو فيروز تاريخ جي آئيني ۾، مرتب: اسلم عباسي، ڇپائيندڙ: محمد نواز عباسي، چيئرمين نوشهروفيروز سيمينار ڪاميٽي، نوشهروفيروز، سنڌ، سال سيپٽمبر 2007ع، ڇاپو پهريون، ص: 11 -
  6. 6.0 6.1 ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي، ليکڪ: گل حسن ڪلمتي، پاران: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ ڪراچي، سنڌ، سال: آگسٽ 2014ع، ڇاپو: ٻيو، ]وڌايل ۽ سڌاريل[، باب: نائون، ص: 380 کان 381 تائين-
  7. ڪتاب: پڊعيدن تواريخ جي آئيني ۾، ليکڪ: زاهد سومرو، جيڪو پاڻ ان اداري سان واڳيل آهي. سندس چوڻ موجب ته: سنه 1870ع ۾ محرابپور ريلوي اسٽيشن قائم ٿي. سنه 1922ع ۾ هن کي جنڪشن جو درجو مليو. هتان هلاڻي، ڪنڊيارو، ٺاروشاهه ۽ نوشهرو فيروز تائين ’فيڊر گاڏي‘ شروع ٿي. ”سنه 1993ع ۾ فيڊر لائين کي مڪمل بند ڪيو ويو.“ حوالو: ڪتاب: پڊعيدن تواريخ جي آئيني ۾ شهر ۽ شخصيتون، ليکڪ: زاهد سومرو، ص: 183، ڇاپو: جنوري 2010ع، سپ پبليڪيشن نواب شاهه، سنڌ-