مانسروور ڍنڍ

Mapham Yumco

ملڪ
چین
اوچائي 4583 ميٽر
ڪوآرڊينيٽس= 30°40′00″N 81°30′00″E / 30.66667°N 81.50000°E / 30.66667; 81.50000
علائقو تبت
پکيڙ 410 چورس ڪلوميٽر

مانسروور ڍنڍ (انگريزي Manasarovar Lake) تبت جي ھڪ مشھور ڍنڍ جيڪا لاسا (Lsaha) شھر کان اٽڪل 2000 ڪلومٽر (1242.7 ميل ) پري واقع آھي. ڪيلاش جبل ھن جي اتر اولھ ۾ 20 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي موجود آھي، جڏھن تہ راڪشستال ڍنڍ ھن جي اولھ ۾ موجود آھي. ھيءَ ڍنڍ ننڍي کنڊ جي معيشيت ۽ خوشحاليءَ جو ھڪ انمول قدرتي ذريعو آھي ڇاڪاڻ جو ننڍي کنڊ جون چار وڏيون نديون سنڌو ندي، برھمپترا، ستلج ۽ گھگھر ندي ھن ئي ڍنڍ مان ڦٽي نڪرن ٿيون ۽ سنڌ سميت ننڍي کنڊ جي ميداني علائقن کي سيراب ڪن ٿيون. ڪيلاش جبل جي گليشئرس مان ھن ڍنڍ ۾ پاڻي اچي ٿو[1]. سنسڪرت ۾ ھن ڍنڍ کي اناواتاپتا (Anavatapta) ۽ پالي ٻوليءَ ۾ انوتاتا (Anotatta) ڪوٺيو وڃي ٿو. مقامي تبت جا ماڻھو ھن کي ماڦن يمتو (Mapham Yumtso) سڏين ٿا[2].

جاگرافي سنواريو

ھيءَ ڍنڍ تبت جي صوبي انگاري (Ngari) ۾ دارچين (Darchen) شھر کان ٽيھن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي موجود آھي. ھن ڍنڍ جي سامونڊي مٿاڇري کان اوچائي 4583 ميٽر آھي انڪري ھن جو شمار دنيا جي بلند ترين ماڳن تي موجود تازي پاڻيءَ وارين ڍنڍن ۾ ٿئي ٿو[3].̟ ھن ڍنڍ جي پکيڙ 412 ڇورس ڪلوميٽر آھي. ڏکڻ پاسي جي مقابلي ۾ ھن جو اتريون پاسو وڌيڪ ويڪرو آھي. ھن ڍنڍ جي وڌ ۾ وڌ گھرائي 70 ميٽر آھي. ھن ڍنڍ جو پاڻي ايترو تہ شفاف آھي جو انساني اک سان ڪئين ڪلوميٽرن جي گھرائيءَ تائين ھن جي اندر جھاتي پائي سگھجي ٿي. مانسروور جي معنيٰ آھي اَجيت يعني اھا ڍنڍ جنھن کي ڪو بہ فتح نہ ڪري سگھي. چون ٿا تہ اھو نالو ھن ڍنڍ تي تبت جي ٻڌ مذھب جي پوئلڳن يارھين صدي عيسويءَ ۾ رکيو. ان کان اڳ ھن ڍنڍ جو نالو ماچوئي ڪو (Machui Co) ھو[4]. ھن ڍنڍ جي ڪنارن تي ٻڌ مذھب جون پنج خانقاھون ٺھيل آھن[4].

مقدس ڍنڍ سنواريو

 
مانسروور ڍنڍ ۾ ھڪ ياتري سنان ڪرڻ لاءِ بيٺل آھي

ھيءَ ڍنڍ ھندوئن، جين ڌرم . ٻڌ مت ۽ تبت جي مقامي بون مذھب جي پوئلڳن لاءِ ھڪ انتھائي پوتر ڍنڍ آھي. تبت جي ٻڌ مذھب وارن جو عقيدو آھي تہ ھن ڍنڍ ۾ وھنجڻ سان ماڻھوءَ جو من پاڪ ۽ اجرو ٿي وڃي ٿو ۽ لالچ، لوڀ، دنياوي حرص ۽ نفساني خواھشون اڏامي وڃن ٿيون ۽ ماضيءَ ۾ ڪيل گناھ ڌوپجي وڃن ٿا. سندن عقيدي مطابق ھن ڍنڍ جو پاڻي پيئڻ سان بيماريون ختم ٿي ٿيون وڃن. ڪجهه ماڻھن جو عقيدو آھي تہ گوتم ٻڌ جي ماءُ مايا ھتي پيٽ سان ٿي ھئي.

ھنديءَ جو مشھور شاعر ڪاليداس لکي ٿو تہ ھن ڍنڍ جو پاڻي موتيءَ جھڙو شفاف آھي ۽ ھن ۾ وھنجڻ سان سو حياتين جا پاپ معاف ٿي وڃن ٿا. ھر سال ٻڌ مذھب جا ھزارين پانڌيئڙا ھن ڍنڍ جي چوڌاري اچي ڦيريون پائيندا آھن ۽ ھن ڍنڍ جو پاڻي پيئندا آھن. ھو ھن ڍنڍ جي پاڻيءَ کي ڀاڳ وارو سمجھندا آھن. ياد رھي تہ تبت ۾ ٽي پوتر ڍنڍون آھنː مانسروور ڍنڍ، نمتسو ڍنڍ (Namtso Lake) ۽ يمدروڪ ڍنڍ (Yamdrok Lake). ھر سال اونھاري جي موسم ۾ ھزارين ڪونجون ھن ڍنڍ جي مٿان اڏامندي نظر اينديون آھن. ھتان جي عقيدي موجب ھن ڍنڍ جي مڇي کائڻ سان سنڍپڻي (اولاد نہ ٿيڻ)، ٻار ڄمڻ وقت ماءُ کي ٿيندڙ سور ۽ ڦوڪ جي بيماريءَ (پيٽ ۾ پاڻي ڀرجڻ يا ڀرتي ٿيڻ) کان بچي سگھجي ٿو. ھن پاڻيءَ جي ڪيميائي تجزئي ڪرڻ سان اھو پتو پيو آھي تہ ھن ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ واقعي ئي ڪجهه اھڙا ڪيميائي جزا موجود آھن جيڪي مٿي ڄاڻايل بيمارين کان بچائين ٿا[3].

ھندوئن جو عقيدو آھي تہ لفظ مانسروور ٻن لفظن ”مان“ ۽ ”سروور“ مان ورتل آھي. مان معنيٰ من يا ذھن ۽ سروور معنيٰ ڍنڍ. سندن سمپردائي مطابق ھيءَ ڍنڍ پھريائين ڀڳوان برھما جي من اندر پيدا ٿي ۽ ان کان پوءِ ھن کي پرٿوِيءَ تي لاٿو ويو. ھندو پنجن ڍنڍن کي پوتر ڍنڍون مڃيندا آھن جن کي ملائي ”پنج سروور“ سڏيو وڃي ٿو: مانسروور، بندو سروور، نارائڻ سروور، پمپا سروور ۽ پشڪر سروور[5].

جين ڌرم وارن جي عقيدي مطابق مانسرور ڀڳوان ريشا بھديو جي پھرئين تيرٿنڪار جي رھائش جو ھنڌ آھي.

حوالا سنواريو

  1. "Lake Manasarovar: the Sacred Lake in Western Tibet%%sep%% %%sitename%%". Wonders of Tibet. حاصل ڪيل 2022-04-03. 
  2. "Lake Manasarovar: the Sacred Lake in Western Tibet%%sep%% %%sitename%%". Wonders of Tibet. حاصل ڪيل 2022-04-03. 
  3. 3.0 3.1 "Lake Manasarovar". Tibet Travel and Tours - Tibet Vista. حاصل ڪيل 2022-04-03. 
  4. 4.0 4.1 Holidays, Max. "Kailash Mansarovar Yatra ex Lucknow | 2022 Registration Open". kailash-yatra.org. حاصل ڪيل 2022-04-03. 
  5. Sajnani, Manohar (2001) (en ۾). Encyclopaedia of Tourism Resources in India. Gyan Publishing House. ISBN 978-81-7835-018-9. https://books.google.co.in/books?id=nxtnsT8CdZ4C&pg=PA112&dq=narayan+sarovar&hl=en&ei=jZa1TbzPDsrKrAe0j-3IDQ&sa=X&oi=book_result&ct=result&redir_esc=y.