نارائڻ سروور (انگريزي: Narayan Sarovar) يا نارائڻسر (انگريزي: Narayansar) ھندستان جي گجرات صوبي جو ھڪ ڳوٺ ۽ ھندو ڌرم سان واسطو رکندڙ ماڻھن لاءِ ھڪ پوتر ماڳ آھي. ھي ڳوٺ ڪڇ ضلعي جي لکپت تعلقي ۾ ڪوري کاريء (Kori Creek) کان ٿورو اوڀرڀرو آھي. ھن شھر جو ڪڇ جي شھر ڀڄ کان مفاصلو 210 ڪلوميٽر آھي[1].

نارائڻ سروور
ڳوٺ
نارائڻ سروور
نارائڻ سروور
نارائڻ سروور is located in گجرات
نارائڻ سروور
نارائڻ سروور
نارائڻ سروور is located in
نارائڻ سروور
نارائڻ سروور
گجرات، ڀارت ۾ بيھڪ
جاگرافي بيهڪ: 23°40′30″N 68°32′17″E / 23.675°N 68.538°E / 23.675; 68.538
ملڪ  ڀارت
رياست گجرات
ضلعو ڪڇ
پکيڙ
 • ڪل 0.759 ڪ.م2 (0.293 ميل2)
بلندي 8.285 ميل (27.182 ft)

قديم ڪوٽيشور مندر ھتان فقط چار ڪلوميٽر پري آھي. ھتي ھڪ چارديواريءَ اندر ست خوبصورت مندر ٺھيل آھن جن تي حاضري ڀرڻ لاءِ ڪيترائي ھندو ياتري ھتي اچن ٿا. انھيءَ چار ديواريءَ جي پکيڙ 164 62.5 چورس فوٽ آھي. اھي مندر ڪڇ رياست جي راجا رائو ديشالجيءَ جي گھر واري ويگھلي مھاڪنور 1734ع ڌاري تعمير ڪرايا ھئا. ھي ڳوٺ عربي سمنڊ جي ڪناري تي آباد آھي ۽ پراڻي زماني ۾ ھن ڳوٺ جي چوڌاري گپ چڪ ھوندي ھئي ۽ ماڻھن کي اچ وڃ ۾ تڪليف کي منھن ڏيڻو پوندو ھو. آنھيءَ مسئلي کي منھن ڏيڻ لاءِ 1863ع ۾ گوگلداس ليلاڌر پادشا اٽڪل 2500 پائونڊ خرچ ڪري 3000 فوٽ ڊگھو ۽ 15 فوٽ ويڪرو پڪو رستو (Causeway) ٺھرايو ھو[2]. ھندستان جي ورھاڱي کان پوءِ ڀارت سرڪار ھتي ٻيھر پڪو رستو ٺھرايو.

پراڻي زماني ۾ ھن ڳوٺ جي ڀرسان ھڪ وڏي ڍنڍ ھوندي ھئي. ھن ڍنڍ ۾ سنڌونديءَ جي پراڻ شاخ اچي ڇوڙ ڪندي ھئي. سڪندر اعظم جڏھن سنڌ ۾ آيو تہ ھو پراڻ نديءَ وسيلي ھن ڍنڍ تائين پھتو ھو. 1819ع واري زلزلي کان پوءِ سنڌو ندي پنھنجو رخ ڦيرائي وئي ۽ ھيءَ ڍنڍ ويران ٿي وئي. ھن ڍنڍ جي ڀر ۾ ادي نارائڻ جو قديم مندر ٺھيل ھو. ھن ۽ ٻين مندرن جو انتظام پھريائين دوارڪا جي سنسياسين جي ھٿ ۾ ھو پر بعد ۾ اھو انتظام جھوناڳڙھ کان آيل ھڪ سنياسي نارنگر اچي سنڀاليو. ھن تلاءُ جي چئني پاسي ڊگھا ۽ وشال بند ٺھرايا. ھن پٿرن جي ڀتين ۾ سوراخ ڪري 1054 990 چورس فوٽن جي ايراضيءَ ۾ سنان گھر (غسل خانا) ٺھرايا ۽ ڀتين تي خوبصورت چٽسالي ڪئي. اوڀر واري پاسي کان ھنن مندرن ڏانھن وڃڻ لاءِ چاڙھيون ٺھرايون ۽ گڏوگڏ رھائش لاءِ ڌرمشالا ئون تعمير ڪرايون.

مذھبي اھميت

سنواريو

ھندو عقيدي مطابق، ڀارت ۾ پنج مقدس ڍنڍون آھن جن کي ملائي ”پنچ سروور“ سڏيو وڃي ٿو: مانسروور، بندو سروور، نارائڻ سروور، پمپا سروور ۽ پشڪر سروور[3]. ھندو عقيدي مطابق، ڀارت جي ھڪ مقدس ندي سرسوتي ندي آھي. اھا ندي موجودھ نارائڻ سروور واري ڍنڍ کي پنھنجي پوتر پاڻيءَ سان ڀريندي ھئي ۽ اتيئي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي ھئي[4]. انھيءَ ڪري نارائڻ سوروور ڳوٺ کي ھندو ڌرم جو ھڪ انتھائي مقدس ماڳ سمجھيو وڃي ٿو[5].

ھي ڳوٺ ڪڇ جو سڀ کان پراڻو تيرٿ آستان آھي.ھن ماڳ بابت ھندو ڌرم جي ڪتابن ۾ ڪئين روايتون لکيل آھن جن مان ڪجهه جو ذڪر ھيٺ ڪجي ٿو[6]:

  • ڀڳوان يا برھما پھرين پرچيتا کي پيدا ڪري موڪليو، سو اچي ھن جڳھ تي عبادت ڪرڻ لڳو. وشنو مھا مايا موڪلي ھن کي عبادت کان روڪيو تہ ھن ڪاوڙجي ٽانڊا وسائڻ شروع ڪيا ۽ خلقت سڙڻ لڳي، تنھن تي وشنوءَ رحم ڪري پنھنجي پير جي آڱوٺي سان پاڻيءَ جي ڌارا وھائي جنھن اچي پرچيتا جي ڪاوڙ وسائي ۽ انھيءَ ورھايل پاڻيءَ کي نارائڻ سروور نالو مليو.
  • دش پرجاپتيءَ جا ڏھ ھزار پٽ ھئا. ھريشو کين بڌايو تہ دنيا ڪجهه ڪونھي، آتما جي ڇوٽڪاري لاءِ ڪجهه ڪريو. انڪري ھريشو ڀائرن سميت سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ نارائڻ سروور ۾ وھي تپسيا ۾ لين ٿيا.
  • ھندوئن جو اوتار رامچندر بہ ھن جڳھ تي آيو ھو.

ھتي سال ۾ ٻہ ميلا لڳن ٿا. پھريون چيٽ (مارچ - اپريل) جي مھيني ۾ ۽ ٻيو ڪتي مھيني جي 15 تاريخ (نومبر - ڊسمبر) تي. ھنن ڏينھن تي ھزارين ھندو ھتي گڏ ٿيندا آھن ۽ پرلوڪ پڌاري ويل پنھنجن عزيزن جي استي سمنڊ جي حوالي ڪندا آھن. ھتي ياترين کي رھائش ۽ کاڌي پيتي جون سھوليتيون ميسر ڪيون وڃن ٿيون[1].

  1. 1.0 1.1 http://sktourism.info/gujarat/koteshwar & narayan_sarovar.html
  2. (en ۾) Gazetteer of the Bombay Presidency: Cutch, Palanpur, and Mahi Kantha. Printed at the Government Central Press. 1880. https://books.google.com/books?id=dLUBAAAAYAAJ&pg=PA210#v=onepage&q&f=false. 
  3. Sajnani, Manohar (2001) (en ۾). Encyclopaedia of Tourism Resources in India. Gyan Publishing House. ISBN 978-81-7835-018-9. https://books.google.com/books?id=nxtnsT8CdZ4C&pg=PA112&dq=narayan+sarovar&hl=en&ei=jZa1TbzPDsrKrAe0j-3IDQ&sa=X&oi=book_result&ct=result&resnum=9&ved=0CFIQ6AEwCA#v=onepage&q=narayan%20sarovar&f=false. 
  4. kalyan97@hotmail.com. "Sarasvati River: History". hindunet.org. حاصل ڪيل 2022-03-21. 
  5. Ward (1998) (en ۾). Gujarat–Daman–Diu: A Travel Guide. Orient Longman Limited. ISBN 978-81-250-1383-9. https://books.google.com/books?id=P7EHTBl_pyQC&q=koteshwar,+kutch&pg=PA326. 
  6. محمد سومار شيخ: ڪڇين جاقول، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1977. ھي ڪتاب پڙھڻ لاءِ ھن ڳنڍڻي تي ٺڙڪ ڪريو: http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/folk_litrature/Book32/Book_page2.html