پالي (Pali) آڳاٽي دور ۾ سنڌ ۾ رائج ٻولي هئي. سنڌ ۾ خاص طور راءِ گهراڻي يا راء جي سنڌ تي حڪومت کان پرهمڻ گهراڻي تائين توڙي وچئين دور تائين ٻڌمت جي مقدس زبان رهي جنهن ۾ کوڙ لفظ اڄ به سنڌي ٻولي جا موجود آهن.[1] هن ٻوليءَ جو آريائي ٻولين سان تعلق آهي. پالي جي لِپِي ديوناگري يا برهمي لپي وانگر آهي. پالي ٻولي سنڌ، پاڪستان، هندستان توڙي سري لنڪا جي ڪيترن ئي ٻڌ مندرن ۽ جبلن تي اڪريل ملي ٿي.[2]

مٿين تصوير سنسڪرت جي ديوناگري لکت ڏيکاري ٿي ۽ ھيٺين ۾ پالي ٻولي برمي اسڪرپٽ ۾ لکيل ڏيکاريل آهي