بِندُو سروور (انگريزي: Bindu Sarovar) يا بندو ڍنڍ ھندو ڌرم جي پنجن پوتر ڍنڍن مان ھڪ آھي. ھيءَ ڍنڍ ھندستان جي گجرات رياست ۾ پٽن (Patan) ضلعي جي سڌپور (Sidhpur) شھر ۾ موجود آھي. سڌپور گجرات رياست جو ھڪ تاريخي شھر آھي. پراڻي زماني ۾ سرسوتي نديءَ جي ھڪ شاخ ھتان گذرندي ھئي. بندو سروور احمدآباد شھر کان 115 ڪلوميٽر پري واقع آھي.

بندو سروور (بندو ڍنڍ)
بندو سروور جي ھڪ ٻي تصوير
بندو سروور جو عجائب گھر

ھن ڍنڍ کي لڙڪن جي ڍنڍ (Lake of drops) بہ چيو وڃي ٿو. ھندو ڌرم وارن جو عقيدو آھي تہ مھا وشنوءَ ھن ڍنڍ ۾ ڳوڙھا ڳاڙيا ھئا. رگويد ۾ ھن ڍنڍ کي سٿال يعني پوتر ماڳ (Pious Place) ڪوٺيو ويو آھي[1]. ھندو ڌرم جي روايتن مطابق ھن ڍنڍ جي ڪناري تي رشي ڪرڌام (Kardhama) ڏھ ھزار سالن تائين توبھ ڪندو رھيو ۽ ھن ھتي وشنو ڀڳوان جو بہ درشن ڪيو ھو. ھن ڍنڍ تي ھندو پنھنجي ماتا (ماءُ) جي چتا جون آخري رسمون ادا ڪرڻ پنھنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجھندا آھن.

مذھبي اھميت سنواريو

ھندو ڌرم وارن لاءِ پنج ڍنڍون انتھائي پوتر (مقدس) آھن. انھن ڍنڍن کي ملائي پنچ سرورور يا پنج ڍنڍون سڏيو وڃي ٿو. لفظ سروور جي معنيٰ آھي ڍنڍ. انھن پنجن ڍنڍن مان ما نسروور تبت ۾ آھي، جڏھن تہ باقي چار ڍنڍون نارائڻ سروور، پشڪر سروور، بندو سروور ۽ پمپا سروور ھندستان ۾ آھن. ھندو مذھب وارا ھنن ڍنڍن ۾ سنان (غسل) ڪرڻ ۽ پوڄا ڪرڻ پنھنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجھندا آھن. بندو سروور ھندستان جي تاريخي شھر سڌپور ۾ احمدآباد کان اٽڪل 115 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آھي. ھن ڍنڍ کي ماتروگيا تيرٿ (ماءُ جون آخري رسمون ادا ڪرڻ وارو ھنڌ) سڏيو وڃي ٿو[2]. ھندو مذھب سان واسطو رکندڙ ھر ھندستاني ھتي اچي پنھنجي پياري ماتا (ماءُ) جون آخري رسمون ادا ڪرڻ کي پنھنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجھندو آھي. رگويد ۾ ھن ڍنڍ کي سڌ ڪشيترا (Siddha Kshetra) ۽ سڌ سٿال (Sidha Sathal) سڏيو ويو آھي. ھن ڍنڍ بابت ھندو ڌرم ۾ ڪئين روايتون موجود آھن جن مان ڪجهه ھيٺ ڏجن ٿيون:

  • جڏھن ڀڳوان وشنوءَ جي ماءٌ ونوڪا پرلوڪ پڌاريو تہ ڀڳوان وشنوءَ پنھنجيءَ ماءُ لاءِ پنددان جي مذھبي رسم ادا ڪئي. پنھنجي ماءُ کي آخري ڀيٽا ڏيندي ھن جي اکين مان لڙڪ لڙي پيا. انھن لڙڪن مان ھڪ ڍنڍ ٺھي پئي جنھن کي بندو سروور سڏيو ويو. بندو معنيٰ لڙڪ ۽ سروور معنيٰ ڍنڍ. انھيءَ ڪري بندو سروور جي معنيٰ آھي اھا ڍنڍ جيڪا لڙڪن مان ٺھي ھجي[3].
  • گرو ڪپيلمني ڀڳوان وشنوءَ جو ھڪ رشي ھو. ھو مھارشي ڪرداما (Kardama) ۽ ماتا ديوھٽي (Devhuti) جو پٽ ھو. مھارشي ڪرداما برھما ڀڳوان جو پٽ ھوجيڪو ھن ڍنڍ جي ڪناري تي ويھي ڏھ ھزار سالن تائين توبھ ڪندو رھيو. ڪپيلمني پنھنجي ماءُ ديوھٽيءَ کي سنکيا يوگا جي حڪمت سمجھائي. انھيءَ ۾ پرم آتما، پوتر روح، فطرت جي خاصيتن، عقيدت، دماغ، ڪرما ۽ ابدي ڇوٽڪاري وغيرہ جي سمجھاڻي شامل ھئي. انساني زندگيءَ بابت اھي حقيقتون ڄاڻڻ کان پوءِ ديوھٽيءَ ڀڳوان کي پنھنجي روح اندر محسوس ڪيو. ھن پنھنجي سرير کي گيانوتي درياءُ جو پوتر روپ ڏنو جنھن ۾ ڪيترن ئي ڀڳوانن ۽ گروئن پاڪائي حاصل ڪرڻ لاءِ سنان ڪيو[4]. جيئن تہ ماءٌ ديوھٽيءَ ھتي زندگيءَ جي منزل ۽ نجات جي حقيقي رستي جي ڄاڻ حاصل ڪئي ھئي ان ڪري ھندو ھن ھنڌ کي ماءٌ جو مقدس ماڳ سمجھندا آھن. ھيءُ اھو ماڳ آھي جتي ھندستان جو ھر ھندو پنھنجي مري ويل ماءُ جون آخري رسمون ادا ڪرڻ ۽ پوڄا پاٺ ڪرڻ پاڻ لاءَ اعزاز سمجھندو آھي. ڍنڍ جي ڪناري تي ڪيترائي ھندو پنڊت ھر وقت موجود ھوندا آھن جن وٽ وڃي پنھنجي ماءٌ جي مڪتيءَ لاءَ پوڄا ڪرائي سگھجي ٿي.

موجودھ ڍنڍ سنواريو

روايتن مطابق پراڻي زماني ۾ ھيءَ ڍنڍ سرسوتي نديءَ جي پاڻيءِ سان ڀربي ھئي. اڄلڪھ ھيءَ ھڪ ننڍڙي چورس ڍنڍ بلڪ ھڪ تلاءُ جو روپ ڌاري چڪي آھي جنھن کي ھٿرادو طريقي سان پاڻيءَ سان ڀريو وڃي ٿو. ھن ڍنڍ جو ترو ۽ ڀتيون ڳاڙھي پٿر مان ٺاھيون ويون آھن ۽ پاڻيءَ تائين پھچڻ لاءِ چئني پاسن کان چاڙھيون ٺھيل آھن. ڍنڍ ۾ اندر پاڻيءَ جا پمپ لڳل آھن جيڪي گندي پاڻيءَ کي ٻاھر ڪڍن ٿا ۽ صاف پاڻي ڍنڍ تائين پھچائين ٿا. ڍنڍ جي آسپاس ڪيترائي مندر، آفيسون، پويلين، عجائب گھر ۽ الپا سروور جي نالي سان ھڪ ٻي ڍنڍ موجود آھي. ھتي ھڪ وڏو پپر جو وڻ پڻ بيٺل آھي جنھن کي موڪشا پيپل ڪوٺيو وڃي ٿو. ھن وڻ جي ھيٺان ويھي ترپان جي مذھي رسم ادا ڪئي وڃي ٿي. ھن رسم ۾ پنھنجي ماءُ ۽ ھي جھان ڇڏي ويل ٻين عزيز عورتن لاءِ پوڄا پاٺ ڪئي ويندي آھي ۽ منتر پڙھيا ويندا آھن[3].

ميلو سنواريو

ھن ڍنڍ تي ھر سال ڪارتڪ (آڪٽوبر نومبر) مھيني ۾ ھڪ وڏو مذھبي ميلو لڳندو آھي جنھن ۾ ھندستان جي ڪنڊڪڙڇ مان ھزارين ھندو ھن لوڪ مان لڏي ويل پنھنجي مائرن جي روح کي سڪون پھچانڻ لاءِ ماتروگيا جي رسم ادا ڪندا آھن ۽ پوڄا پاٺ ڪندا آھن[5].

حوالا سنواريو

  1. India, Magik. "Siddhpur, a Matru-Shradh place in Gujarat". MAGIK INDIA. حاصل ڪيل 2022-04-06. 
  2. "Matrugaya for matru tarpan - Review of Bindu Sarovar, Sidhpur, India". Tripadvisor. حاصل ڪيل 2022-04-06. 
  3. 3.0 3.1 Chatterjee, Dr A. K. "Bindu Sarovar - the Sacred Lake in Siddhpur, Gujarat, India". HubPages. حاصل ڪيل 2022-04-08. 
  4. "Bindu Sarovar, Patan - Timings, History, Pooja & Aarti schedule,". Trawell.in. حاصل ڪيل 2022-04-06. 
  5. Pravase. "One of the Five Sacred Lake, Bindu Sarovar, Siddhpur, Pravase". pravase.co.in. حاصل ڪيل 2022-04-06.