لاهوت (Lahoot)، لاھوت لامڪان؛ ڪراچي کان اتر اولھ طرف اٽڪل 30 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي، بلوچستان جي ضلعي خضدار جي علائقي سارونہ جي ويجهو آهي. پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ملنگ، لاهوت تي حاضري ڀرڻ ايندا آهن لاهوت تي ايندڙ هر ماڻهو کي “لاهوتي” سڏيو ويندو آهي. ٻي معنيٰ ۾ اهي رنگجي ريٽا ٿيندا آهن ۽ پوءِ اهي بہ ڪنهن منزل تي پهچائڻ جي ضمانت بڻجي پوندا آهن. لاهوت ڪرڻ وارن لاءِ ضروري آهي تہ اڳ ۾ “هاهوت” ڪجي اها هڪ اهڙي سوڙهي دري يا غار آهي، جنهن کي پرک جي دري بہ چوندا آهن. لاهوت، صوفين جي هڪ منزل بہ آهي. لاهوت لامڪان سان وابستہ فقير، پوئلڳ. سنڌ جا ماڻهو جڏهن لاهوت گهمي ايندا آهن، تڏهن هو لاهوتي سڏائيندا آهن.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.