نصيرآباد، سنڌ
نصير آباد، سنڌ(انگريزي: Nasirabad,Sindh) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو ھڪ شھر جيڪو تعلقي نصيرآباد جو صدر مقام آهي. ھي شھر پھرين وارھ تعلقي جي ٽائون ڪميٽي ھيو پر 2005 م نئين ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي قيام سان ٽائون ڪميٽي کي تعلقي جو درجو ڏئي ھن شھر کي ان نئين تعلقي جو صدر مقام بڻايو ويو.
نصيرآباد، سنڌ | ||
---|---|---|
سنڌ جو شھر | ||
Nasirabad | ||
| ||
جاگرافي بيهڪ: 27°22′46″N 67°55′32″E / 27.37944°N 67.92556°E | ||
ملڪ | پاڪستان | |
صوبو | سنڌ | |
بلندي | 13 ميل (43 ft) |
تاريخ
سنواريوٽالپرن جي دور حڪومت ۾ نصيرآباد شهر وجود ورتو، اُسريو ۽ اڀريو، وڌيو ۽ ويجهيو. هن لاءِ مشهور آهي ته هيءُ شهر مير نصير محمد خان ٽالپر جو ٻَڌايل آهي. ان وقت هن شهر کي سٺو اوج مليو، جنهن اڳتي هلي تعلقي جو درجو حاصل ڪيو. پر دين محمد ڪلهوڙو نصيرآباد جو تعلق، ٽالپرن سان نه پر ڪلهوڙن جي سربراهه ميان نصير محمد ڪلهوڙي سان ڏيکاري ٿو. هو پنهنجي تصنيف ”قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾)“ ۾ لکي ٿو ته: ”نصيرآباد جي بنياد پوڻ ۽ ان جي ابتدائي آبادڪاريءَ جو تذڪرو ڪنهن به پراڻي تاريخ جي ڪتاب ۾ نه ٿو ملي، البته وڏڙن کان ڪي روايتون، بيان ۽ ڪجهه تاريخي اهڃاڻ ملن ٿا، جن جي بناء تي اها راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي ته هيءُ شهر ميان نصير محمد ڪلهوڙي (1692ع- 1657ع) پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ آباد ڪيو.“[1] انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ جي ڳالهه ڪنهن کان ٻه ڳجهي نه آهي ۽ هر تاريخ ۾ سندن ذڪر موجود آهي. انگريزن جڏهن سنڌ قبضي ۾ ڪئي ته لاڙڪاڻو، شڪارپور جو تعلق هو. وارهه کي ڪا به اهميت ڪا نه هئي، پر نصيرآباد کي ان وقت تعلقي جي حيثيت هئي ۽ شڪارپور ضلعي ۾ هو.[2]