لئائوننگ(انگريزي: Liaoning ) عوامي جمهوريه چين جي اتر اوڀر ريجن ۾ واقع ھڪ ساحلي صوبو آهي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ شينيانگ شھر آھي. ھي صوبو پيلي سمنڊ جي اترئين ڪناري تي واقع آهي. تاريخي طور تي ھن خطي کي اصل چين ۽ منچوريا جي وچ وارو دروازو سڏيو ويندو آهي. موجوده لئائوننگ صوبو 1907ع ۾ فينگٽيان يا فينگٽائن جي نالي سان قائم ٿيو ھو بعد ۾ 1929ع ۾ ان جو نالو لئائوننگ رکيو ويو. ان وقت ھن صوبي کي مڪدين صوبو پڻ سڏيندا ھئا. منچوريائي ٻولي ۾ ان کي شينگجنگ سڏيندا ھئا جيڪو شينيانگ شھر جو پراڻو نالو ھو. چين ۾ ھي صوبو نقشي ۽ اسٽريٽجڪ مقام جي نسبت سانگولڊن ٽرائينگل (سونھري ٽڪنڊو) طور ڄاتو ويندو آهي[5]. ان جي ڏکڻ ۾ پيلو سمنڊ (ڪوريائي اپسمنڊ ۽ بوھائي سمنڊ)، ڏکڻ اوڀر ۾ اتر ڪوريا جا پيونگان ۽ چاگانگ صوبا، اتر اوڀر ۾ جيلن، ڏکڻ اولھ ۾ ھيبئي ۽ اتر اولھ ۾ انر منگوليا واقع آهن. ھن صوبي ۽ اتر ڪوريا وچ ۾ يالو ندي چين اتر ڪوريا جي سرحد جي آھي. اھا ندي اتر ڪوريا جي صوبي اتر پيونگان جي گادي واري شهر سنويجو ۽ ھن صوبي جي پريفيڪچر واري شھر ڊانڊونگ وچ مان گذرندي ڪوريائي اپسمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

لِئَائَونِنگ صوبو
Liaoning
چيني صوبو
Map showing the location of Liaoning Province
نقشي ۾ لِئَائَونِنگ صوبو نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 41°06′N 122°18′E / 41.1°N 122.3°E / 41.1; 122.3مڪانيت: 41°06′N 122°18′E / 41.1°N 122.3°E / 41.1; 122.3
ملڪ عوامي جمهوريه چين
نالو پيو Liáo—"لئائو ندي"
níng—"سڪون"
"لئائو ندي سان پرسڪون"
گادي جو هنڌ
( ۽ سڀ کان وڏو شھر)
شينيانگ
انتظامي ورهاست 14 پريفيڪچر، 100 ڪائونٽيون، 1511 ٽائون شپ
حڪومت
 • قسم صوبائي
 • مجلس لئائوننگ جي صوبائي پيپلز ڪانگريس
 • چيني ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جينگ گئوچنگ
 • صوبائي پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين جينگ گئوچنگ
 • گورنر لئو ننگ
 • پيپلز پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين جئو بو
پکيڙ[1]
 • ڪل 145,900 ڪ.م2 (56,300 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 21 وڏو صوبو
بلند ترین  پیمائش (ھئابوزي جبل) 1,336 ميل (4,383 ft)
آبادي (2010)[2]
 • ڪل 43,900,000
 •  ڪاٿو

  2020

44,312,450
Liaoning
"لئائوننگ" آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ (ھيٺيون)
چیني نالو
آسان چیني 辽宁
روایتي چیني 遼寧
لغوي معنیٰ "لئائو ندي سان پرسڪون ٿيل"
مانچو نالو
مانچو ᠯᡳᠶᠣᠣᠮᠨᡳᠩ
ᠮᡤᠣᠯᠣ

معيشت سنواريو

 
شينيانگ شھر جيڪو لئائوننگ جي گادي جو هنڌ آهي
 
ڊالئان لئائوننگ جو ٻيون نمبر وڏو شهر آهي

لئائوننگ جي معيشت اتر اوڀر چين جي سڀ کان امير ۽ وڏي معيشت آھي. ان جي ناليوار جي ڊي پي 2017ع ۾ 2.39 ٽرلين يوئان (354 ارب ڊالر) ھئي. اھا چين جي 31 انتظامي ورھاستن ۾ 14گون نمبر وڏي معيشت ھئي. ھن صوبي جي سرفهرست صنعتن ۾ پيٽروڪيميڪل، ميٽلرجي، اليڪٽرانڪس، ٽيليڪميونيڪيشن ۽ مشينري واريون صنعتون شامل آهن[6]. قومي سطح تي ھي صوبو چين جي ٽن وڏن وڌيڪَ لوھ، اسٽيل ۽ ڌاتو ڪٽيندڙ مشيني اوزار ٺاھيندڙن ۾ شامل آھي. ڪچي مال ٺاھيندڙ چيني صوبن ۾ پڻ سرفهرست آهي. شينيانگ ۽ ڊالئان شھر ھن صوبي جا صنعتي مرڪز آھن. ھن صوبي جي زرعي پيداوار ۾ مڪئي، سويابين ۽ جوئر سرفهرست آهن. ڊالئان پريفيڪچر وارو علائقو چين ۾ صوف ۽ آڙو جي ڪل پيدوار جو 75 سيڪڙو پيداوار ڏئي ٿو. ھن صوبي ۾ ڪپھ جي پيداوار پڻ ٿئي ٿي. ميون ۾ ھتي گولڊن آڙو، صوف کان سواءِ ناشپتي ،اڇي ناشپتي، آلوبخاري ۽ زردالو جي پيداوار پڻ ڪثرت سان ٿئي ٿي. ھن صوبي ۾ لوھ، ميگنيز، ھيرو|ھيرن ۽ بوران جا وڏا ذخيرا آھن جن کي کاڻن ذريعي زمين مان برآمد ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ ھتي پيٽرول ۽ قدرتي گيس پڻ ملن ٿا. صوبي جا ساحلي علائقا ۾ لوڻ جي پيداوار ڏين ٿا.

حوالا سنواريو

  1. "Doing Business in China - Survey". Ministry Of Commerce – People's Republic Of China. وقت 5 August 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 5 August 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Communiqué of the National Bureau of Statistics of People's Republic of China on Major Figures of the 2010 Population Census [1] (No. 2)". National Bureau of Statistics of China. وقت July 27, 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 August 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); line feed character in |title= at position 82 (مدد)
  3. (ٻولي ۾ Chinese). Liaoning Bureau of Statistics http://ln.people.com.cn/n2/2018/0225/c378317-31280899.html. حاصل ڪيل 2018-06-22.  Missing or empty |title= (مدد)
  4. "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2020-04-17. 
  5. "Liaoning Travel Guide: Map, History, Sightseeing, Ethnic Minority, Climate". حاصل ڪيل 2010-03-14. 
  6. "Archived copy". وقت 2011-10-08 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2011-10-27.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)