ھيبئي صوبو

چين جو صوبو

ھيبئي(انگريزي: Hebei )About this sound 河北; ھوپيھ(انگريزي: Hopeh ) اتر چين واري ريجن ۾ واقع عوامي جمهوريه چين جو ھڪ ساحلي صوبو آهي. 1911ع ۾ بطور جديد صوبي جي ان جو نالو جيلي صوبو رکيو ويو ھو. ان جي گادي جو هنڌ شجيئاشئنگ شھر آھي. لفظ ھيبئي جي معني آهي "ندي جو اتريون پاسو" آھي[5] اھو صوبو پيلي ندي جي اترئين پاسي ۾ واقع ھجڻ ڪري ان تي ھيبئي نالو پيو[6] ھي صوبو دنيا جي انھن علائقن منجھ شامل آهي جتي تھذيبن جي شروعات ٿي ھئي[7] تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ بيجنگ ھن علائقي جو گاديءَ جو هنڌ ٿيندو رھيو آھي. ھي صوبو زرعي جنسن جي پيداوار سان سرشار آهي. انھن م مختلف اناج، ميوا ۽ ڪپھ شامل آهن. ھي صوبو چين جو پھريون صوبو آهي جتي صنعتي ترقيءَ جو آغاز ٿيو[8][9] مينيوفيڪچرنگ جو مرڪز ھئڻ ڪري ھتان جي اسٽيل جي پيدوار چين م پھرين نمبر تي رھي آھي. صنعتن ھتي فضائي گدلاڻ جي مسئلي کي سنگين ڪري ڇڏيو آهي[10] بيجنگ ميونسپلٽي ۽ تيانجين ميونسپلٽي وارا علائقا ھن صوبي مان ڌار ڪري چيني حڪومت جي سڌي اختيار ھيٺ آندا ويا. ھن صوبي جون حدون اتراوڀر ۾ لئائوننگ، اتر ۾ انر منگوليا، اولھ ۾ شانڪسي صوبو، ڏکڻ ۾ ھينان، ڏکڻ اوڀر ۾ شئنڊانگ ۽ اوڀر ۾ بوھائي سمنڊ جو بوھائي نار واقع آهي. ھن صوبي ۾ پنج مقام عالمي ورثو قرار ڏنل آهن جن ۾ ڪينگدي مائونٽين رزارٽ، ديوار چين، گرينڊ ڪئنال، اوڀر وارا چنگ گھراڻي جا مقبرا، ۽ اولھ وارا چنگ گھراڻي جا مقبرا شامل آهن. ھن صوبي جي آبادي ست ڪروڙ چاليھ لک آھي ۽ اھو آبادي ۾ چين جو ڇھون نمبر وڏو صوبو آھي. آبادي جو 96 سيڪڙو ھان چيني ماڻھن تي مشتمل آهي. اقليتن ۾ مانچو، ھئي ۽ منگول شامل آهن.

ھيبئي صوبو
Hebei
چيني صوبو
Map showing the location of Hebei Province
نقشي ۾ ھيبئي صوبو نمايان ڏيکاريل
جاگرافي بيهڪ: 39°18′N 116°42′E / 39.3°N 116.7°E / 39.3; 116.7مڪانيت: 39°18′N 116°42′E / 39.3°N 116.7°E / 39.3; 116.7
ملڪ عوامي جمهوريه چين
نالو پيو —"پيلي ندي"
běi—"اتر"
"پيلي ندي جي اتر ۾"
گادي جو هنڌ
(۽ سڀ کان وڏو شھر)
انتظامي ورهاست 11 پريفيڪچر، 121 ڪائونٽيون، 2207 ٽائون شپ
حڪومت
 • قسم صوبائي حڪومت
 • مجلس صوبائي پيپلز ڪانگريس
 • ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري وانگ ڊانگفينگ
 • پيپلز ڪانگريس جو چيئرمين وانگ ڊانگفينگ
 • گورنر شو چن
 • پوليٽيڪل ڪنسلٽيٽو ڪانفرنس جو چيئرمين يي ڊانگسانگ
پکيڙ
 • ڪل 188,800 ڪ.م2 (72,900 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو پکيڙ م 12ھون وڏو صوبو
بلند ترین  پیمائش (شائيئوووتائي جبل[1]) 2,882 ميل (9,455 ft)
آبادي (2016)[2]
 • ڪل 74,700,500
 •  ڪاٿو

  2019

75,920,000
ھيبئي صوبو
"ھيبئي" چيني ٻولي ۾ لکيل
چیني 河北
لغوي معنیٰ "پيلي ندي جو اتريون پاسو"
اختصار
چیني
لغوي معنی جديد ڏکڻ ھيبئي ۾ ھڪ قديم صوبو
جيلي صوبو
روایتي چیني 直隸
آسان چیني 直隶省
لغوي معنی "سڌي راڄ ھيٺ"

حوالا سنواريو

  1. Liu, Yanlin (2015). (zh-hans ۾)Chinese National Geography (2). http://www.dili360.com/cng/article/p54ed2aee95d2c70.htm. Retrieved 20 May 2018. "小五台山是太行山主脉上的最高峰,同时也是河北省的最高峰". 
  2. "Communiqué of the National Bureau of Statistics of People's Republic of China on Major Figures of the 2010 Population Census [1] (No. 2)". National Bureau of Statistics of China. وقت 27 July 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 August 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. (ٻولي ۾ Chinese). Statistical Bureau of Hebei http://info.hebei.gov.cn/eportal/ui?pageId=2003933&articleKey=6781048&columnId=330496. حاصل ڪيل 2018-06-22.  Missing or empty |title= (مدد)
  4. "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2020-04-17. 
  5. "Yellow bridge Chinese Dictionary". Yellow Bridge. حاصل ڪيل 15 April 2016. 
  6. Lua error in ماڊيول:Lang/utilities at line 79: attempt to call local 'name_from_tag' (a nil value). Origin of the Names of China's Provinces آرڪائيو ڪيا ويا 2016-04-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., People's Daily Online.
  7. 中国大百科全书出版社汇编 (وڪي نويس.). 中国大百科全书. 北京: 中国大百科全书出版社. صفحو. 169. 
  8. "河北概况". 河北省人民政府. وقت 2020-08-13 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2020-01-23. 
  9. "河北省工业经济概况". 河北省工业和信息化厅. وقت 2020-01-21 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2020-01-23. 
  10. "河北钢铁工业概况". 中国铁合金网. وقت 2020-02-18 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2020-01-23.