آڙو
آڙو يا شفتالو (انگريزي: Peach) جنھن جو نباتاتي نالو پرونس پرسيڪا (انگريزي: Prunus persica) اتر اولھ چين جو مقامي ميوو آهي.[2] فارس هن جي وڏي پيماني تي پوک ڪئي ويندي هئي جتان هي يورپ ۾ پهتو.
آڙو شفتالو | |
---|---|
آڙو جو گل، ميوو، ٻج ۽ پن | |
سرء جي موسم وارا ڳاڙھا آڙو، ڪٽيل آڙو | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | Prunus subg. Amygdalus |
جنس: | Template:Taxonomy/Prunus subg. Amygdalus{. پرسيڪا |
حياتياتي نالو | |
پرونس پرسيڪا (ڪارل لينيوئس) آگسٽ بيٽسچ 1801 not Stokes 1812 nor (L.) Siebold & Zucc. 1845[1] |
هن کي انگريزيءَ ۾ پِيچ ۽ فارسيءَ ۾ شفتالو، هندستانيءَ ۾ آڙو يا آلو سڏيندا آهن. هي ميوو اصلي ايران جو آهي، هن جا هاڻي ته گهڻا ئي قسم ٿي پيا آهن. وڻ ۾ جلد ميون پچڻ لاءِ هيئن ڪندا آهن، جو سانوڻ کان پوءِ ٿڙ کان ڏيڍ فوٽ کن چوڌاري، مٽي ڪڍي پاڙون اگهاڙيون ڪري ڇڏيندا آهن، ته پنج ڇهه هفتا ڀلي هوا کائن ۽ خشڪ ٿين. جي وڻ تمام گهاٽا ٿي ويا هجن ۽ جهنگ ڪيو هجين، ته انهن جي ڇانگ ڪري ڇڏجي. تنهن کان پوءِ پاڙن کي ڪنهن عمدي ڀاڻ سان ڀري ڇڏجي. يا ته اڃا به چڱو رستو اهو آهي، ته پاڙن تي وري به سڪي مٽي ورائي ڇڏجي. جڏهن ٻور جهلڻ ۽ ڦر ڪرڻ لڳن، (يعني فيبروريءَ مهيني ڌاري) تڏهن اها وڌل مٽي پاسي ڪري ڇيڻي يا ِلڏ جو پراڻو ڀاڻ تازيءَ مٽيءَ سان گڏي وجهي ڇڏجي. پهرين ٿورو ٿورو پاڻي ڏجي؛ پوءِ جيئن ميوو وڏو ٿيندو وڃي. تيئن پاڻي وڌائيندو وڃجي. ميوو پڇڻ لڳي تنهن کان اڳي اصل پاڻي کڻي جهلجي.[3]
هنن ميون جا ککڙا سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهيني ۾ کليل زمين ۾ پوکڻ گهرجن. فيبروريءَ ۾ ننڍا وڻ چڱو وڌڻ لڳندا ۽ اهڙا ئي چڱا ٿيندا جهڙا پيوند ڪيل وڻ. جي فيبروريءَ ۾ وڻ ٿيا ته جون ۽ جولاءِ ۾ پيوند ڪرڻ ۽ اکين هڻڻ جهڙا ٿيندا ۽ ايندڙ سياري جي موسم ۾، انهن جون چڪيون ڪڍي باغ ۾ مناسب جاءِ تي رکڻ جهڙيون ٿيندون. پوءِ ٻن ورهين جي عرصي ۾ ڦر جهليندا.
هن وڻ جون پاڙون هيٺ نه وڃن ۽ مٿي ڀريون جيترو رهن اوترو چڱو. انهيءَ لاءِ بعضي ماڻهو، چڪيءَ رکڻ کان اڳي کڏ جي تري ۾ سرون وڇائي ڇڏيندا آهن.[3] هن ميوي جي هڪڙي قسم کي انگريزيءَ ۾ نيڪٽِرين چون ٿا. انهيءَ ۾ رڳي اها خاصيت آهي ته ميوي جي ڳر ککڙيءَ سان چنبڙي پئي آهي.[3]
طب
سنواريوشفتالو کي عربي ۾ خوخ، فارسي ۾ شاهلوج، ھندي ۾ آڙو، هلو، دارقن ۽ اقرع چوندا آهن. ان جو طبي اثر سرد تر ھوندو آھي.اھو رطوبتن کي نقصان ڏيندو آهي. اھي آلو بخارن جي داڻن کان ٿورو وڏا سبزاڻ تي مائل ڳاڙهي رنگ تي، ذائقي ۾ کٽمٺا ٿيندا آهن. طبي خاصيت مطابق صفرا جي ۽ گرم تپن، گهڻي اُڃ ۽ جگر جي گرميءَ کي لاهي ٿو. گهاٽي رت کي صفا ڪري ٿو. هن جا پن معدي جي ڪيڙن کي مارڻ لاءِ فائديمند آهن.[4]
پيداوار
سنواريوآڙوءَ جي پيداوار جي حساب سان پھريان ڏھ ملڪ 2011ع (ملين ميٽرڪ ٽن) | ||
---|---|---|
ملڪ | پيداوار (ملين ميٽرڪ ٽن) |
پيداوار (ميٽرڪ ٽن/هيڪٽر) |
چين | 11.50 | 15.03 |
اطاليه | 1.64 | 18.5 |
هسپانيه | 1.34 | 16.4 |
آمريڪا جون گڏيل رياستون | 1.18 | 20.7 |
يونان | 0.69 | 17.3 |
ترڪي | 0.55 | 18.6 |
ايران | 0.5 | 10.5 |
چلي | 0.32 | 16.6 |
فرانس | 0.30 | 23.4 |
ارجنٽائن | 0.28 | 11 |
ڪل دنيا | 21.51 | 13.7 |
ذريعو: کاڌي ۽ زراعت جي تنظيم[5] |
تصويرون
سنواريوحوالا
سنواريو- ↑ "IPNI Plant Name Query Results". ipni.org. وقت 25 September 2015 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل.
- ↑ Faust, M.; Timon, B. L. (2010). "Origin and Dissemination of Peach". Horticultural Reviews. p. 331. doi:10.1002/9780470650585.ch10. ISBN 9780470650585
- ↑ 3.0 3.1 3.2 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
- ↑ "Major Food And Agricultural Commodities And Producers – Countries By Commodity". Fao.org. حاصل ڪيل 6 November 2013.