فاطمه ڀٽو
فاطمه ڀٽو | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | مئي 1982 (عمر 40 سال) ڪابل، افغانستان |
رهائش | ڪراچي، پاڪستان |
قوميت | ![]() |
ڌرم | اسلام |
پيءُ | مرتضيٰ ڀٽو |
رشتيدار | ڀٽو خاندان |
ڪٽنب | ڀٽو خاندان |
عملي زندگي | |
مادر علمي | اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز، يونيورسٽي آف لنڊن |
پيشو | مصنفہ، ڪالم نگار، صحافي |
ڪم جي ٻولي | انگريزي ٻولي[1] |
ترميم ![]() |
فاطمه ڀٽو 29 مئي 1982ء تي افغان گاديء جي ھنڌ ڪابل ۾ ان وقت پيدا ٿي، جڏھن ھن جو والد مير مرتضيٰ ڀٽو جلا وطني جي زندگي گزاري رھيو ھو۔
خانداني پس منظرسنواريو
فاطمه ڀٽو اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي جڏھن تہ پاڪستان جي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي ڀائٽي آھي جڏھن تہ ھن جي والده فوزيہ فصيح الدين ڀٽو افغان وزارت خارجه جي اھلڪار جي ڌيءُ ھئي۔ سوٽيلي والده غنويٰ ڀٽو ھن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) جي چيئر پرسن آھي۔ فاطمه ڀٽو جو والد میر مرتضيٰ ڀٽو 1996ء ۾ پنھنجي ڀيڻ بينظير ڀٽو جي دور ۾ قتل ٿيو۔
تعليمسنواريو
فاطمه ڀٽو ابتدائي تعليم دمشق(شام) ۾ حاصل ڪئي۔ 1993ع پنھنجي والده غنويٰ ڀٽو ۽ ننڍي ڀاءُ ذوالفقار ڀٽو جونيئر سان پالستان آئي ۔ ھن ڪراچي ۾ امريڪن اسڪول مان او ليول ڪئي۔ پوءِ 2004ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي، نيويارڪ مان امتيازي نمبرن سان گريجوئيشن ڪئي۔ گريجوئيشن ۾ ھن جو خاص مضمون وچ اوڀر ۾ ڳالھايون ويندڙ ٻوليون ڪلچر ھو۔ 2005ع ۾ ھن اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز مان ”سائوٿ ايشين گورنمينٽ ۽ سياسيات“ ۾ ماسٽرز ڪئي۔
تصنيفونسنواريو
فاطمہ ڀٽو شاعره ۽ ليکڪا آھي، پاڪستان ، آمريڪا ۽ برطانيا جي مختلف اخبارن ۾ ڪالم بہ لکي ٿي۔ 1997ع ۾ پندرھن ورھن جي عمر ۾ فاطمہ ڀٽو جو پھريون شعري مجموعو آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاڪستان مان شايع ٿيو جنھن جو عنوان Whispers of the Deserts (ريگستانن جون سرگوشيون) ھو۔ 2006ع ۾ ٻيو ڪتاب 8 آڪٽوبر 2005ع تي آزاد ڪشمير ۽ خيبر پختونخوا ۾ آيل زلزلي جي موضوع تي ” 8:50a.m. 8 October 2005“ جي عنوان سان شايع ٿيو۔ جڏھن تہ ٽيون ڪتاب ”Songs of Blood and Sword“ پڻ ڇپيو آھي(وڌيڪ معلومات ميسر ناھي)۔
دلچسپيسنواريو
فاطمه ڀٽو کي سماجي فلاح ۽ بھبود جي ڪمن سان گھري دلچسپي آھي، بالخصوص سنڌ جي جيلن ۾ قيد عورت سان ٿيندڙ سلوڪ، ھن جي توجھہ جو خاص مرڪز آھي۔ ھو صرف ان موضوع تي تفصيل سان لکندي رھي آھي، بلڪه باقاعدگي سان لاڙڪاڻو ويمنز جیل جو معائنو به ڪندي آھي۔ ھن کي ڪراچي ۾ ڪچي آبادين ۾ وسندڙ ماڻھن جي مسئلن سان بہ گھاٽي دلچسپي آھي ۔
حوالاسنواريو
- ↑ http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb162765160 — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
http://www.guardian.co.uk/politics/2008/jan/11/women.pakistan
http://76.12.127.225/jang_mag/arc_detail_article.asp?id=7449