فاطمه جناح ڪالوني

فاطمه جناح ڪالوني(انگريزي: Fatima Jinnah Colony) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اوڀر ۾ پي اي سي ايڇ ايس ٽو ۽ اتر ۾ يو سي لياقت آباد ٽائون ۽ اولھ ۾ يو سي جمشيد ڪوارٽرز ۽ ڏکڻ ۾ سينٽرل جيڪب لائنز واقع آهي. 2013 ۾ ان کي پھريون ڀيرو جمشيد ڪوارٽرز يونين ڪاؤنسل مان ٽوڙي ھڪ علحده يونين ڪاميٽي جو درجو ڏنو ويو ۽ باقي حصي کي يونين ڪاميٽي جمشيد ڪوارٽرز جو نالو ڏئي ساڳي سال انھن کي جمشيد ڪوارٽرز جي نالي سان بحال ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن يو سي ۾ اردو ڳالهائيندڙ اڪثريت ۾ آھن ان کان سواءِ سنڌي پنجابي پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو پڻ رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي شيخ محمد مشتاق چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي حبيب علي چونڊجي آيو. ٻنھي جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1] ھن يو سي جو علائقو شڪارپور ٽائون، ڪليٽن ڪوارٽرز ء ان جي پسگردائيءَ وارا ايم اي جناح روڊ وارا علائقا آھن. ھن يو سي م ايم اي جناح روڊ، بيگم عائشه عزيز روڊ، اومان روڊ، جمشيد روڊ، آدم سومار اسٽريٽ، تين ھٽي فلاء اوور، مرزا عبدالعزيز روڊ، جيل روڊ، گھوڪلي روڊ، ڪي ڊي اي آفيسرز ڪلب، گلشن الطاف، ڪي ايم سي فٽبال گرائونڊ، ڪشمير پارڪ، ڪي ايم سي اسپورٽس ڪامپليڪس، پردہ پارڪ (شڪارپور ٽائون)، خيرالنساء آئي ھاسپيٽل، ياسين زبيري پارڪ، بحرين روڊ، گورنمينٽ گرلس سيڪنڊري اسڪول (ڪليٽن ڪوارٽرز)، دختر مشرق ڪاليج فار وومين، مارٽن روڊ واقع آھن.

فاطمه جناح ڪالوني
يو سي 14 فاطمه جناح ڪالوني
سنڌ جي يونين ڪاميٽي
فاطمه جناح ڪالوني is located in سنڌ
فاطمه جناح ڪالوني
فاطمه جناح ڪالوني
فاطمه جناح ڪالوني is located in Pakistan
فاطمه جناح ڪالوني
فاطمه جناح ڪالوني
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°52′48″N 67°00′53″E / 24.88000°N 67.01472°E / 24.88000; 67.01472مڪانيت: 24°52′48″N 67°00′53″E / 24.88000°N 67.01472°E / 24.88000; 67.01472
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن

حوالا سنواريو

  1. https://www.politicpk.com/karachi-east-district-uc-list-mna-mpa-seats-%da%a9%d8%b1%d8%a7%da%86%db%8c-%d8%b6%d9%84%d8%b9-%d8%b4%d8%b1%d9%82%db%8c/