سنڌي قوم پرستي

عليحدگي پسند سنڌي قومپرستي

سنڌي قومپرستي (المعروف سنڌي قومپرستي يا سنڌي قومي تحريڪ) (انگريزي ٻولي: Sindhi nationalism) سنڌ ۾ جديد قومپرستيءَ جو باني سائين جي ايم سيد کي سمجهيو ويندو آهي. موجوده وقت ۾ ڪيتريون ئي قوم پرست تنظيمون سنڌ ۾ سرگرم آهن. جي ايم سيد قوم پرستيءَ کي نئين دڳ لاتو ۽ 1972ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جو بنياد وڌو ۽ سنڌوديش جو خيال پيش ڪيو، سنڌين لاءِ هڪ آزاد ملڪ.[1] جي ايم سيد کي جديد سنڌي قومپرستيءَ جو باني مڃيو وڃي ٿو.

سنڌي قوم پرست سنواريو

نظرياتي طور تي سنڌي قوم پرستن جا ٻه اهم گروه آهن. هڪ عليحدگي پسند قوم پرست آهن، جيڪي سنڌوديش جا حامي آهن. جن ۾ جست، جسقم، جسم، جسمم ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تنظيمون ان جو مثال آهن. ٻيا گروه پاڪستان سان عليحدگيءَ جا مخالف آهن. انهن ۾ ايس ٽي پي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ شامل آهن. عام طور تي جڏهن سنڌ ۾ قوم پرستي جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، ته ان منجهان پهريون گروه ڏانهن اشارو ڪيل هوندو آهي.

نظريا سنواريو

عليحدگي پسند سنڌي قوم پرست بنيادي طور تي سيڪيولر آهن. انهن جي مطابق سنڌ هڪ تاريخي وطن آهي، جنهن کي پنهنجي الڳ تهذيب، ثقافت، ٻولي ۽ جاگرافيائي حدون آهن. سنڌ سان گڏ پنجاب (پاڪستان)، پاڪستان جي نالي تي ناانصافي ڪري رهيو آهي. ان لاءِ هاڻي سنڌ کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ ٿيڻ گهرجي. ان ڳاله جو ذڪر سائين جي ايم سيد جي ڪتاب سنڌ جا سورما ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

اسلام بابت نظريو سنواريو

مٿي ذڪر ڪيل ڀاڱي (سيڪشن) جي روشنيءَ ۾ سنڌي قومپرستن جو هي گروه جي ايم سيد جي نقطي نظر تي هلندو آهي. سيد جا اسلام جي باري ۾ نظريا ان جي لکيل ڪتاب جيئن ڏٺو مون ۾ ڏسي سگهجن ٿا. جي ايم سيد اسلام کي هڪ فرسوده ۽ سست رفتار مذهب قرار ڏنو آهي جيڪو سندس پنهنجو نظريو رهيو آهي. ان جي هيئن به تشريح ڪئي وئي آهي ته اسلام اڄ جي دور جي ضرورتن کي مڪمل نٿو ڪري سگهي. جي ايم سيد اسلام کي الهامي دين مڃڻ کان به انڪار ڪري چڪو آهي. جيئن ڏٺو مون ڪتاب سبب عالمن پاران سندس خلاف فتوي! جاري ٿي. عليحدگي پسند قوم پرستن پڻ اسلام بابت ان سندس ئي سوچ جا حامي آهن. اسلام موجب جي ايم سيد جا ڪيترائي پيروڪار ملحد سمجهيا وڃن ٿا.

پڻ ڏسو سنواريو


حوالا سنواريو

  1. Sangi, Sohail. "Analysis: Sindhi nationalists stand divided". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2019-02-25.