تاج بلوچ

سنڌي شاعر

تاج بلوچ (جنم 25 مئي 1940 يا 1942، وفات 4 جون 2020) سنڌي ٻولي جو شاعر ھيو، ھن جو پورو نالو، تاج محمد بُلو (جتوئي) ھيو. سندس جنم 25 مئي 1940[1] (1942[2]) تي ضلعو سکر جي تعلقو پنو عاقل لڳ ڳوٺ سردار محمد مُراد خان بُلو ۾ ٿيو.[1] ھيءُ غزل ۽ نظم جو شاعر ھيو. تاج بلوچ ساھتي رسالو ماھوار ”سوجهرو“ جي چيف ايڊيٽر ھيو،[2][3] سندس خدمتن عيوض کيس صدارتي ايوارڊ پڻ مليو. ھي ريڊيو تي آرجي پڻ ھيو. ھن ايم اي تائين تعليم حاصل ڪئي ھئي.[2] ھي سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو جنرل سيڪريٽري ھيو.[4][5]

ادبي پورھيو سنواريو

تاج بلوچ جي شاعري جا چار ڪتاب ڇپيل آهن:[5]

  • ’درد جو صحرا‘ (1970ع)،
  • ’خوشبو جو زهر‘ (1987ع)،
  • ’لفظن جو ماتم‘ (1994ع)،
  • ’دل جزيرو اداس موسمن جو‘ (2004ع)


وفات سنواريو

تاج بلوچ 80 سال جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، کيس صفوران ڳوٺ، ڪراچي ۾ دفنايو ويو.[2][6][7]


پڻ پڙھو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "بلوچ تاج : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 "Daily Kawish - Sindhi News Paper". www.thekawish.com. حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  3. سندھی, زیب. "درد کے صحرا کا مسافر تاج بلوچ بھی بچھڑ گیا۔۔۔!". ہم سب. حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  4. "ناليوارو شاعر تاج بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو". Mazahimat. حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  5. 5.0 5.1 "*تاج بلوچ سنڌ کي 4 ڪتاب ارپيا * ساس جو سيڪريٽري جنرل رهيو -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  6. "Page No.01". kawish.asia. حاصل ڪيل 2020-06-06. 
  7. "برک شاعر ۽ نقاد تاج بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو : ساس پاران سوڳ -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-06.