عاجز ميرواھي
"عاجز ميرواھي"، ھڪ سنڌي شاعر، اديب، ليکڪ ۽ تعليمدان آھي. سندس پورو نالو آيت الله لغاري آھي. سندس جنم جنوري 1، 1980 ڳوٺ شاھ محمد لغاري، لڳ ٺري ميرواهه ، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو .
عاجز ميرواھي Aajiz Mirwahi | |
---|---|
عاجز ميرواھي | |
پيدائش | آيت الله جنوري 1980 (عمر 44 سال) ٺري ميرواهه، خيرپور ضلعو، سنڌ |
قلمي نالو | عاجز ميرواھي |
ڌنڌو | پروفيسر |
ٻولي | سنڌي |
شهريت | پاڪستاني |
تعليم | ایم اي سنڌي ادب |
مادرِ علمي | شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور |
صنف | غزل، وائي، نظم، گيت |
موضوع | شاعري |
مُکيه ڪم | ھوا جو ڏينهن ٻول انمول سور سانڀر سندا |
ايوارڊ | احمد ٽالپر ايوارڊ - سنڌي ادبي سنگت، سنڌ |
ادبي پورھيو
سنواريوعاجز ميرواھي جي ادبي پورهيي ۾ شعري مجموعو جي ڇپيل ڪل ڪتابن جو تعداد 7 آھي. جن ۾ سور سانڀر سندا، ڪٺورتا جو احساس، ھوا جو ڏينھن[1][2]، درد جون شڪليون[2] [3] ٻول انمول، پنھنجا گيت پيارا، سڀ رنگ سھڻا سھڻا شامل آهن. سندس نثر ۾ ٻه ڪتاب اڻ ڇپيل آھن.
ادبي وابستگي
سنواريوعاجز ميرواھي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺري ميرواهه جو اڳوڻو سيڪريٽري آھي. نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاري کانس ادبي رهنمائي وٺندو رهيو آهي.
حوالا
سنواريو- ↑ "ھوا جو ڏينھن - عاجز ميرواھي | سنڌسلامت ڪتاب گهر". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-12-29.
- ↑ 2.0 2.1 "عاجز ميرواھي جا ڪِتاب". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-12-29.
- ↑ "درد جون شڪليون - عاجز ميرواھي | سنڌسلامت ڪتاب گهر". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-12-29.