يوسف جميل لغاري (انگريزي:Yousif Jameel Laghari) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس آهي.  سندس ڪتابن کان علاوه ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ مضمون شايع ٿيل آهن.[1] يوسف جميل کي ننڍي هوندي کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ جو شوق هو. پاڻ بطور سماجي اڳواڻ، ليکڪ ۽ استاد پنهنجي صلاحيتن کي درست استعمال ڪري رهيا آهن.

يوسف جميل لغاري
Yousif Jameel Laghari

يوسف جميل لغاري
پيدائش يوسف جميل
جنوري 1994 (عمر 30 سال)
ٺري ميرواهه، خيرپور ضلعو، سنڌ
قلمي نالو يوسف جميل لغاري
ڌنڌو تعليمدان
ٻولي سنڌي
شهريت پاڪستاني
تعليم ایم اي اردو
مادرِ علمي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
صنف ڪھاڻي، ڪالم، مضمون، ادبي چٿر
موضوع نثر
مُکيه ڪم ڪاغذي ڳالھيون
تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت
واڄٽ ڪن وڻجار
ايوارڊ بھترين ڪالم نگار -چانڊوڪي سٿ، سنڌ
بھترين استاد - سنڌ ايجوڪيشنل فورم، خيرپورميرس

شروعاتي زندگي سنواريو

يوسف جميل 1 جنوري 1994ع تي جميل احمد لغاري جي گهر ۾ ڳوٺ حاجي محمد اسحاق لغاري، ٺري ميرواھ تعلقو، خيرپور ضلعو ۾ جنم ورتو. سندس تعلق پڙهيل لکيل گهراڻي سان آهي.[2]

تعليم سنواريو

يوسف جميل لغاري پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ حاجي محمد اسحاق لغاري ۾ قائم اسڪول مان حاصل ڪئي. هن ميٽرڪ 2009ع ۾ هاءَ اسڪول ٺري ميرواھ ۽ انٽر 2011ع ۾ ڊگري ڪاليج ٺري ميرواھ مان ڪئي.  بي ايڊ جي ڊگري 2018 ع ۾ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪيائين.[2]

علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتون سنواريو

يوسف جميل لغاري کي لکڻ جو شوق ننڍپڻ کان هو. هن ڪهاڻي، مضمون ۽ ڪالم لکيا آهن. ان کانسواءِ ڪجهه شاعري پڻ ڪئي آهي. سندس شاعري، ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون ۽ ٻيون کوڙ لکڻيون مختلف معياري سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. چانڊوڪي رسالي سٿ پاران سندس ڪتاب ڪاغذي ڳالهيون جي عيوض کيس ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي. سنڌ ايجوڪيشنل فورم خيرپور پاران کيس بهترين استاد جو ايوارڊ پڻ مليل آهي. مختلف موضوعن تي مشتمل سندس 6 ڪتاب شايع ٿيل آهن جن ۾ ڪهاڻين جو ڪتاب ” خوابن جا پاڇا“ ڳڻپ جوڳو آهي.[3] ٺري ميرواھ جي ڀرسان ڳوٺ حاجي محمد اسحاق لغاري ۾ قائم اسڪول ۾ پيشي جي لحاظ کان بطور هڪ استاد طور علمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. استاد هجڻ ڪري سندس مضمونن جو موضوع گهڻو تڻو تعليم ئي هوندو آهي.[4] هن جو تعليم بابت به هڪ ڪتاب ڇپيل آهي.[5] عاجز ميرواهي سان گڏ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺري ميرواھ جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو رهيو آهي.

حوالا سنواريو