طالب لغاري انگريزي ٻولي (Talib Laghari) (پيدائش: 12 نومبر 1928ع – وفات: 23 آگسٽ 2015ع) سنڌ، پاڪستان جو سنڌي ۽ سرائيڪي ٻوليءَ جو يگانو شاعر هو. بهترين سرائيڪي شاعري سبب کيس پنهنجي وقت جي حمل فقير هجڻ جو لقب مليو. سندن شاعري سنڌ جي معياري رسالن ۾ شايع ٿي. سندن ڪافي ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن.

طالب لغاري
Talib Laghari
پيدائش محمد علي لغاري
12 نومبر 1928ع
ڳوٺ حاجي خان لغاري، دادو ضلعو، سنڌ
وفات نومبر 12, 1928 (عمر -87 سال)
ڳوٺ حاجي خان لغاري، دادو ضلعو، سنڌ
قلمي نالو طالب لغاري
ڌنڌو شاعر، استاد
ٻولي سنڌي، سرائيڪي
قوميت پاڪستاني
تعليم سنڌي فائينل

زندگي جو احوال سنواريو

طالب لغاري 12 نومبر 1928ع تي سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي جي قديم شهر حاجي خان ۾ پيدا ٿيو. سندن اصل نالو محمد علي ولد امام علي لغاري هو. طالب سندن شاعراڻو نالو يا تخلص هو. پاڻ ڪل وقتي شاعر ، نرم ۽ عآشقانه مزاج رکندڙ هئا. پاڻ 1940ع ۾ پرائيمري پاس ڪيائون. 1943ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان ڏنائون. پاڻ قرآن شريف جي حفظ جو درس الله بچايو ڪنگراڻي کان حاصل ڪيائون جيڪو اريگيشن کاتي ۾ داروغو پڻ هو ۽ جنهن کي پاڻ زندگي جي آخري گهڙين تائين استاد تسليم ڪيائون. اول درزيءَ جي ڪرت ڪيائون. پوءِ الله بچايو ڪنگراڻي جي توسط سان مقدم (بيلدار) مقرر ٿيا. پاڻ 1951ع ۾ پرائيمري استاد مقرر ٿيا ۽ 1988ع ۾ رٽائر ٿيا. پاڻ 1965ع کان شاعري جي شروعات ڪيائون. سندس ڪافي “ڪاڇي يار ول آ لهي بيقراري” سنڌ ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. سندس شاعري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان به نشر ٿئي ٿي. سندس شاعري جا ڪيترائي مجموعه شايع ٿيل آهن پر سندس ڪتابن ۾ “دانهون درد فراق جون” ۽ “ مرڪ تسااڏي لڙڪ اساڏي” اهم جاءِ والاري. پاڻ ڪاڇي ۾ مقبول ترين ۽ بزرگ شاعر طور مشهور آهن.[1]

وفات سنواريو

پاڻ 23 آگسٽ 2015ع ۾ 94 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائون.[2]

حوالا سنواريو