شڪارپور تعلقو
شڪارپور تعلقو(انگريزي: Shikarpur Taluka ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي شڪارپور جو هڪ تعلقو آهي. جنھن جو صدر مقام شڪارپور شھر آھي. ھن تعلقي جو سڀ کان وڏو شھر شڪارپور ۽ ٻئي نمبر تي سلطان ڪوٽ آھي. ھتان جا ٻيا ننڍڙا شھر ۽ وڏا ڳوٺ قاضي واھ، جاڳڻ، جھان واھ، خانواھ، ڪرن، ھمايون شريف، لوڊرا آھن.
شڪارپور تعلقو | |
---|---|
تعلقو | |
شڪارپور | |
شڪارپور ضلعي ۾ ڳاڙهي رنگ سان نمايان شڪارپور تعلقو | |
سنڌ ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°57′N 68°38′E / 27.950°N 68.633°E | |
ملڪ | Pakistan |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | شڪارپور ضلعو |
آبادي ([1]2017) | |
• ڪل | 1,95,437 |
تاريخ
سنواريو1843ع ۾ سنڌ جي فتح کانپوءِ انگريزن سنڌ جو نظم ونسق نئين بنياد تي قائم ڪري سنڌ کي ٽن ضلعن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ تقسيم ڪيو ۽ سنڌ جو دارالخلافه 1847ع تائين حيدرآباد رهيو تنهن کانپوءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو[2]. شڪارپور ضلعي ۾ ان وقت چوڏھن تعلقا ھيا جن ۾ شڪارپور تعلقو پڻ شامل ھيو. شڪارپور تعلقي جي حيثيت 1843ع وٺي برقرار آھي.
آبادي
سنواريوھن تعلقي جي آبادي 1981ع ۾ 88,131 ھئي جيڪا 1998 ۾ وڌي 1,34,838 ٿي وئي ۽ 2017 جي آدمشماري م اھا وڌي 1,95,437 ٿي وئي[1].
تعلقي جون يونين ڪاؤنسلون
سنواريوديھون
سنواريوشڪارپور تعلقي ۾ 49 ديھون واقع آهن.
# | ديھ | # | ديھ | # | ديھ | # | ديھ |
---|---|---|---|---|---|---|---|
1 | شڪارپور | 2 | ابدال | 3 | علي بھار | 4 | بيد |
5 | ٻاڙي | 6 | بيکاري | 7 | ٻيلو ماڇي | 8 | ٻيلو سلطان ڪوٽ |
9 | چڪ چانڊيو جاگير | 10 | چڪ جنو | 11 | چانڊيو سڌايو جاگير | 12 | ڊکڻ |
13 | دڙو سونو | 14 | دستي | 15 | دوست واھ | 16 | گھلو |
17 | ھمايون | 18 | جاڳڻ | 19 | جھان واھ | 20 | جنو |
21 | جوڻيجا | 22 | ڪاڪيپوٽا | 23 | ڪرن | 24 | خانواھ |
25 | کوھ ٻيڙو | 26 | لاليون نئين | 27 | لاليون پراڻي | 28 | لاڙ واھ |
29 | لوڊرا | 30 | ماڇي | 31 | مير ڏاھو جاگير | 32 | محمد رحيم |
33 | محبت فقير جاگير | 34 | منڍو واھ | 35 | مريد سيٺار | 36 | نمر ٿرڙي |
37 | نظام ٿرڙي | 38 | ڦلپوٽا | 39 | پير جليل | 40 | قاضي واھ |
41 | راھوجا | 42 | رئيس واھ | 43 | راڄواھ | 44 | رپ |
45 | شاھل | 46 | شھواڻي | 47 | سلطان ڪوٽ | 48 | ٿھيم واھ |
49 | وڪڙو جاگير |
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 https://www.citypopulation.de/Pakistan-Sindh.html?cityid=7496 -
- ↑ ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -
- ↑ resultsBoard of Revenue, Sindh [مئل ڳنڍڻو]