ابدال عربي زبان جي لفظ ”بدل“ مان ورتل آهي ، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: ”عيوضي يا ٻئي جي بدران ڪم ڪندڙ “. اصطلاحي زبان ۾: الله پاڪ جي محبت ۾ دنيا جي ڪاروبارن کان ڪناره ڪشي ڪندڙ شخص، الھ لوڪ درويش، خدا جو خاص (پيارو) ٻانهو ، مجذوب يا مست فقير.

عام طرح چيو ويندو آهي تہ، دنيا ۾ ستر ابدال هر وقت موجود رهن ٿا، جن مان چاليهه شام ۾ ۽ باقي ٽيھ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهن. پوءِ جڏهن به خدا تعاليٰ جي پيارن بندن مان ڪو لاڏاڻو ڪري ٿو، تہ سندس جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي بزرگي عطا ٿئي ٿي .[1]