افغان :Afghan

افغانستان جو رھاڪو.

افغانن جون شاخون ھي آھن: (1) دوراني يا ابدالي، جن مان احمد شاه ابدالي ھو. (2) غلزائي، جي ٻين کان زور وارا ھئا ۽ ڪابل کان جلال آباد تائين رھن ٿا. خلجي ۽ ترڪ به انھن مان آھن. (3) يوسف زائي، جي پشاور ضلعي ۾ ٿا رھن. (4) ڪاڪڙ، جي بلوچستان جي وٽ سان آھن. پٺاڻ جي افغان نه آھن، سي تاجيڪ ۽ قزلباش ۽ ھزارا ۽ ھندڪي ۽ بلوچي آھن. سنه1720ع ڌاري غلزائي افغانن ايران تي ڪاھ ڪري اصفھان ورتو. ڏھن ورھين کان پوءِ نادر بادشاھ، شاه طھماسب کي لاھي پاڻ بادشاھ ٿيو. انھيءَ پاڻ وٽ گھڻا افغان لشڪر ۾ رکيا، جن جو سردار احمد شاه دراني ھو. سنه 1747ع ۾ جڏھين نادر شاه مارجي ويو، تڏھين احمد شاھ بادشاھ ٿيو ۽ پوءِ سندس پٽ تيمور شاه. پوءِ جو احوال تاريخ مان معلوم ٿيندو.[1]

حوالا سنواريو

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

خارجي ڳنڍڻا سنواريو