شڪارپوري آچار شڪارپور، سنڌ ۾ ڏکڻ ايشيائي آچارن جو ھڪ قسم آھي.[1][2] ھي آچار سڄي پاڪستان ۾ مشھور آھي، ايتري قدر جو ان کي گڏيل عرب امارتن، سعودي عرب، برطانيا ۽ ٻين ملڪن ڏانھن پڻ برآمد ڪيو ويندو آھي. آچارن جي مشھور قسمن ۾ گڏيل آچار مشھور آھي جنھن ۾ گوگڻو، گجرون، ٿوم، چڻا، انب، مالٽو، ساوا مرچ، ۽ گل گوبي وغيره وڌا ويندا آھن. گھريلو آچارون پڻ مشھور قسمن مان آھن.[3]

شڪاپور شھر ۾ آچار ٺاھڻ جا ٻارنھن وڏا ڪارخان آھن. ھنن ڪارخن شھر ۾ دڪانن جو ھڪ وڏو ڄار وڇائي ڇڏيو آھي. شھر ۾ گھريلو طور آچار ٺاھڻ ۽ وڪڻڻ لاءِ پڻ عورتن پاران سيٽ اپ قائم ڪيل آھن.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "All you need to know about Shikarpur's pickle". Daily Times. حاصل ڪيل 13 January 2018. 
  2. "Becoming history: The plunder of Shikarpur by its very own sons". Express Tribune. حاصل ڪيل 13 January 2018. 
  3. "The Shikarpur’s Pickles". Sindhi Dunya. حاصل ڪيل 13 January 2018.