سائرس اعظم

بادشاهه ۽ اھڪيمنيد سلطنت جو باني

سائرس اعظم ([انگريزي: Cyrus the Great]، 600 - 530 ق.م) هخامنشي يا اھڪيمنيد سلطنت (Achaemenian Empire) جو باني ۽ پھريون بادشاھ ھو. ھو پنھنجي دور جو ھڪ طاقتور شھنشاھ ھو جنھن کي تاريخ ۾ سائرس ثاني يا سائرس ٻيو پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. ايران ۾ ھن کي ڪوروش بزرگ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ھخامنشي فارس (پراڻي ايران) جي پھرين سلطنت ھئي جنھن جو بنياد سائرس اعظم 550 ق.م ۾ وڌو. ھيءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏي سلطنت ھئي جنھن ۾ پراڻي ويجھي اوڀر (Ancient Near East) جا سمورا ملڪ شامل ھئا. ان کان علاوھ اولھ ۽ مرڪزي ايشيا جا بہ اڪثر ملڪ ھن سلطنت ۾ شامل ھئا. ھن سلطنت جون سرحون اولھ ۾ ڀونوچ سمنڊ Mediterranean) Sea) ۽ ھيلسپورٽ (Halesport) تائين ۽ اوڀر ۾ سنڌو درياءُ تائين پکڙيل ھيون[1]. ھن سلطنت ۾ ڏکڻ يورپ جا ڪجھ علائقا بہ شامل ھئا.

سائرس اعظم
𐎤𐎢𐎽𐎢𐏁
پرشيا جو شھنشاھ
Cyrus the great.jpg
سائرس اعظم جو مجسمو
اھڪيمنيد سلطنت جو شھنشاھ
530 - 559 ق.م
پيشرو سلطنت جو بنياد پيو
جانشين ڪمبوجيہ اول (Cambyses I)
گھر واري ڪاساندان (Cassandane)
نسل {{plainlist|
  • ڪمبوجيہ اول (Cambyses II)
  • ڪمبوجيہ ثاني (Cambyses II)
  • برديا (Bardiya)
  • ارتيستون (Artystone)
  • اتوسا (Atossa)
  • رڪسانا (Roxane)
گهراڻو تئيسپد (Teispid)
پيءُ ڪمبوجيہ اول (Cambyses I)
ماءُ ماندانا (Mandane)
جنم 600 ق.م
انشان، فارس، ايران
لاڏاڻو 4 ڊسمبر 530 ق.م (70 ورھين جي ڄمار ۾)
تدفين پاسارگاد (Pasargadae)

سائرس ثاني 600 يا 599 ق.م ۾ ھڪ بادشاھي گھراڻي ۾ پيدا ٿيو. ھن جو پيءُ، ڏاڏو ۽ پڙڏاڏو بہ بادشاھ ھئا. ھن جي پيءَ جو نالو ڪئمبيسس اول (Cambyses I) ۽ ڏاڏي جو نالو سائرس اول (Cyrus I) ھو[2]. موجودھ فارسي ٻوليءَ ۾ لفظ ”ڪئمبيسس“ کي ”ڪمبوجيہ“ لکيو وڃي ٿو.

سائرس اعظم اٽڪل ٽيھ سال حڪومت ڪئي. ھن ميديا يا ماد سلطنت (اولھ ۽ اتر ايران)، ليديہ سلطنت (اولھ ترڪي) ۽ بابلي سلطنت (عراق ۽ آسپاس وارا علائقا) پنھنجي ھٿ ھيٺ آندي. ھن مرڪزي ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي ڪاھون ڪري پنھنجي قنضي ۾ آندا. البت ھو مصر فتح نہ ڪري سگھيو.

مولانا ابوالڪلام آزاد پنھنجي تحقيق جي روشنيءَ ۾ انھيءَ نتيجي تي پھتو آھي تہ َقرآن شريف ۾ ذوالقرنين نالي جنھن شخصيت جو ذڪر آيو آھي اھو سائرس اعظم ئي آھي[3]. انھيءَ جي ڪجھ ٻين سني ۽ شيعا عالمن بہ تائيد ڪئي آھي[4].

سائرس اعظم لاءِ مشھور ھو تہ جن ملڪن کي بہ فتح ڪندو ھو اتان جي تھذيب، ثقافت ۽ مذھب جي عزت ڪندو ھو. ھن فتح ڪيل ملڪن ۽ رياستن ۾ عوام جي ڀلائيءَ جا ڪيترائي ڪم ڪرايا ان ڪري ھو عوام ۾ ڪافي مقبول ھو. سائرس انساني حقن جي حفاظت، بھترين سياست ۽ اولھ توڙي اوڀر ۾ پنھنجي اثرورسوخ جي ڪري مشھور ھو. ھن ايران کي ھڪ مضبوط قوميت طور دنيا ۾ متعارف ڪرايو. ھن جي گاديءَ جو ھنڌ موجودھ ايران جي صوبي فارس جي شھر پاسارگاد ( Pasargadae ) ۾ ھو. ھن فتح ڪيل ملڪن ۾ پنھنجا گورنر يا وائسراءِ مقرر ڪيا ھئا جن کي ستريپ (satrap) ڪوٺيو ويندو ھو.

سائرس ھڪ معائدي تحت بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن کي اسرائيل جي سرزمين تي موٽي اچڻ جي اجازت ڏني ۽ کين بابلي سلطنت جي حڪمرانن جي قيد مان آزادي وٺي ڏني. ھي واقعو بائبل ۾ بہ بيان ٿيل آھي.

سائرس 529 يا 530 ق.م ڌاري وفات ڪئي. ھن جو مقبرو پاسارگاد جي کنڊرن ۾ اڄ بہ قائم ۽ دائم آھي. موجودھ ايران ۾ ھن جو نالو نھايت عقيدت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. ھزارين ماڻھو سندس مزار تي حاضري ڀرڻ ايندا آھن.

ايران جي خاتون شيرين عبادي کي 2003ع جو نوبيل انعام مليو. ھن پنھنجي تقرير ۾ سائرس اعظم لاءِ ھيٺيان لفظ چيا ھئا:

” آئون ھڪ ايراني آھيان، سائرس اعظم جي نسل مان آھيان. ھن شھنشاھ 2500 اڳ جڏھن ھو پنھنجي اقتدار جي عروج تي ھو اھو اعلان ڪيو ھو تہ ”جيڪڏھن عوام نہ چاھيندو تہ آئون پنھنجو تخت ڇڏي ڏيندس. ھن وعدو ڪيو ھو تہ ڪنھن بہ شخص کي پنھنجو مذھب ۽ عقيدو ڇڏڻ تي مجبور نہ ڪيو ويندو ۽ سڀني لاءِ آزاديءَ جي ضمانت ڏيان ٿو“.

سائرس اعظم کي ايران کان ٻاھر بہ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. مشھور ليکڪ مائيڪل ھارٽ پنھنجي مشھور ڪتاب List of Influential People[5] ۾ جن 100 اھم ماڻھن جو ذڪر ڪيو آھي تن ۾ سائرس اعظم بہ شامل آھي. اڄ جي آمريڪا جي سياستدانن جي ڪيترن ابن ڏاڏن سائرس جي زندگي بابت Cyropaedia[6] جهڙن ڪتابن مان اتساهه حاصل ڪيو. اها ڳالهه مشهور آهي ته آمريڪا جي صدر ٿامس جيفرسن وٽ هن ڪتاب جون هميشه ٻه ڪاپيون رهنديون هيون ۽ آمريڪا جي هر اعليٰ حڪومتي عملدار لاءِ اهو ضروري هو ته هو ٻه ڪتاب ضرور پڙهي. هڪ هي سائرس وارو Cyropaedia ۽ ٻيو مئڪياولي جو لکيل ڪتاب ”دي پرنس“[7]. آئس لينڊ جي يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن کي سائرس اعظم جي طرز حڪومت بابت پڙھايو وڃي ٿو. آسٽريليا جي شھر سڊنيءَ ۾ ھن بادشاھ جي مورتي لڳل آھي[8].

سائرس لفظ جي معنيٰسنواريو

لفظ ”سائرس“ جي معنيٰ ۽ بنياد بابت مختلف ماھرن جا مختلف رايا آھ.ن. ھڪ مشھور رايو ھي آھي تہ سائرس پراڻي فارسيءَ جي لفظ ”ڪوروش“ جي بگڙيل صورت آھي[9] [10]جنھن جي معيٰ آھي ”سج جھڙو“ يا ”سج وانگر“[11]. ڪي ماھر سمجھن ٿا تہ ڪوروش اصل ۾ ”ڪي خسرو“ آھي. روايتن مطابق ڪي خسرو پراڻي ايران جو ھڪ طاقتور بادشاھ ھو جنھن جو تفصيلي ذڪر مشھور فارسي ڪتاب ”شاھنامہ“ ۾ ٿيل آھي[12]. بائبل ۾ ھيبريو (Hebrew) ٻوليءَ ۾ سائرس کي ڪوريش (Koresh) سڏيو ويو آھي.

ڪارل ھوفمين (Karl Hoffmann) جي خيال ۾ ھي انڊو يورپي (Indo European) ٻوليءَ جو لفظ آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”بيعزتو يا ذليل ڪرڻ وارو“ ڇاڪاڻ جو ھو دشمن کي ذليل ۽ خوار ڪري ڇڏيندو ھو[13].

ننڍپڻ ۽ جوانيسنواريو

سائرس اعظم جي پيءُ جو نالو ڪمبوجيہ اول (Cambyses I) ھو جيڪو انشان (Anshan) جو بادشاھ ھو. سندس ماءُ ماندانا (Mandane) ميدِيہ (Media) سلطنت جي بادشاھ ايشتوويگو ( Astyages) جي ڌيءَ ھئي. سائرس 600 يا 599 ق.م ۾ ڄائو. ھن جي ڏاڏي جو نالو سائرس اول (Cyrus I) ۽ پڙ ڏاڏي جو نالو تئيسپيس (Teispes) ھو[2]. ھن شھزادي ڪاساندان (Casandan) سان شادي ڪئي جنھن مان کيس ٻہ پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ڄايون. سندس پٽن جا نالا ڪمبوجيہ ثاني ( Cambyses II) ۽ برديہ ( Bardiya) ھئا، جڏھن تہ ڌيئرن جا نالا اتوسا (Atossa) ، ارتيستون (Artystone) ۽ رڪسانا (Roxane) ھئا. چون ٿا تہ سائرس اعظم ۽ سندس گھر واري ھڪٻئي سان تمام گھڻي محبت ڪندا ھئا[14]. ڪاساندان سائرس اعظم جي حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري وئي. سندس وفات تي سڄي سلطنت ڪيترائي ڏينھن سوڳوار رھي[15]. سائرس اعظم پنھنجي والد جي وفات کان پوءِ 559 ق.م ۾ تخت تي ويٺو. تخت تي ويھڻ وقت سندس عمر 39 يا 40 سال ھئي ۽ سندس درٻار انشان شھر ۾ ھئي.

فوجي چڙھايون ۽ سوڀونسنواريو

مديا (Media) سلطنت جي فتحسنواريو

جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آھي سائرس پنھنجي پيءُ جي وفات بعد تخت تي ويٺو پر پنھنجي وڏڙن وانگر ھو مڪمل طور تي خود مختيار بادشاھ نہ ھو کيس مديا سلطنت جي سلطان جي بالا دستي قبول ڪرڻي پئي. مديا (Media) سلطنت جي بالادستيءَ مان جان ڇڌائڻ لاءِ ھن ڪوشش شروع ڪئي ۽ مديا سلطنت جي ڪجھ اميرن کي پاڻ سان ملائي ورتو. سائرس پنھنجي مھم جي شروعات ڪندي پاسارگاد ۾ موجود مديا جي ھڪ قلعي تي قبضو ڪري ورتو. ايندڙ ٻن سالن ۾ ھن وڌيڪ طاقت حاصل ڪري ورتي. جڏھن مديا جي بادشاھ اشتو ويگو (Astyages) کي انھيءَ ڳالھ جي خبر پئي تہ ھن سائرس کي پنھنجي قاصد ھٿان نياپو موڪليو تہ ھو سندس درٻار ۾ حاضر ٿئي. سائرس کيس جواب موڪليو تہ ”آئون تنھنجي اميد کان پھرين تو وٽ پھچي ويندس“. اشتوويگو پنھنجي سپہ سالار ھارپاگوس (Harpagus) کي انشان تي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر ھارپاگوس بغاوت ڪئي ۽ پنھنجي فوجي دستي سميت سائرس سان وڃي مليو. لڳڀڳ ٽي سال (550-553 ق.م) اشتوويگو ۽ سائرس جي فوج وچ ۾ چڪريون ھلنديون رھيون ۽ آخرڪار سائرس اعظم سوڀ ماڻي ورتي. سائرس اشتو ويگو جي جان بخشي ۽ سندس ڌيءَ سان شادي ڪري ورتي. انھيءَ شاديءَ جي نتيجي ۾ مديا جا ڪيترائي امير سائرس اعظم جا حامي ۽ مددگار بنجي ويا. ايئن مديا سلطنت مڪمل طور سائرس اعظم جي ھٿ ھيٺ اچي وئي. سائرس پنھنجي سوٽ ھستسپس (Hystaspes) کي مديا جو گورنر مقرر ڪيو.

ليديا (Lydia) سلطنت جي فتحسنواريو

مديا سلطنت تي سائرس جي قبضي کان پوءِ ليديا سلطنت جا حڪمران سائرس کان خطرو محسوس ڪرڻ لڳا. ھنن اھو محسوس ڪري ورتو تہ سائرس کي جيڪڏھن وڌيڪ مھلت ملي تہ ھو سندن سرزمين تي بہ قبضو ڪري وٺندو. ليديا جي سلطان ڪرزوس (Croesus) سائرس سان جنگ جوٽڻ جو پڪو پھ ڪري ورتو. ھن مصر ۽ بابل جي حڪمرانن ڏنھن ساٿ ڏيڻ لاءِ وفد موڪليا جن کيس مدد جو يقين ڏياريو. ڪرزوس جي ڪجه درٻارين ساڻس دوکو ڪيو ۽ انھيءَ جنگي تياريءَ جو اطلاع سائرس تائين پھچائي ڇڏيو. سائرس دشمن کي مھلت نہ ڏيندي ھڪدم جنگ لاءِ تياري ڪري ورتي. 545 ق.م ۾ ٻئي فوجون ھڪٻئي سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ نڪتيون ۽ پيٽرا (Petra) واري علائقي ۾ گھمسان جي جنگ لڳي. سائرس جي وڏي لشڪر کي ڏسي ڪرزوس واپس پنھنجي گاديءَ واري شھر ڏانھن موٽي ويو. ھن جو خيال ھو تہ سائرس پنھنجي تخت کان گھڻو پري آھي ۽ جڏھن بابل کان مدد پھچندي تہ ايندڙ بھار جي موسم ۾ سائرس کي شڪست ڏيڻ آسان ٿي ويندي. ھن بابل جي حڪمرانن سان ھڪ امن معاھدو بہ ڪري ورتو. سائرس نومبر 545 ق.م ۾ اچانڪ حملو ڪيو. ڪرزوس کي اھا اميد نہ ھئي تہ ڪو سياري ۾ حملو ٿيندو. بابل کان ايندڙ مدد بھار جي موسم کان پھرين ممڪن نہ ھئي. ڪرزوس گهوڙي سوار فوج سان سائرس جي لشڪر اڳيان صفبندي ڪئي. سائرس جي بھترين جنگي حڪمت عمليءَ سبب ڪرزوس جي فوجين کي قلعي ۾ پناھ وٺڻي پئي. ٻن ھفتن کان پوءِ سائرس جون فوجون قلعي ۾ وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيون، ڪرزوس گرفتار ٿي ويو ۽ ليديا جي سلطنت بہ سائرس جي ھٿ ھيٺ اچي وئي.

پنھنجي تخت طرف موٽڻ کان پھريائين سائرس ليديا جي امير پيڪتياس (Pactyas) کي حڪم ڏنو تہ ھو خزانو پرشيا پھچائي. سائرس جي وڃڻ بعد پيڪتيا بغاوت ڪئي ۽ سائرس جي گورنر خلاف فوجون گڏ ڪرڻ لڳو. انھيءَ کي منھن ڌيڻ لاءِ سائرس پنھنجي فوجي جرنل مزاريس (Mazares) کي ليديا موڪليو ۽ ھن کي حڪم ڪيائين تہ پيڪتيا کي جيئرو پڪڙي درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي. مزاريز جي ليديا پھچڻ تي پيڪتيا آيونيا (Ionia) طرف ڀڄي ويو. مزاريس ميگنيشيا (Magnesia) ۽ پرائين (Priene) شھرن تي قبضو ڪري ورتو ۽ ليديا ۾ امن امان قائم ڪري ورتو. ھن ايشيا مائنر جا ڪجه علائقا بہ فتح ڪيا.

بابل جي فتحسنواريو

بابل ۾ ھزارين پرڏيھي آباد ھئا. انھن ۾ اڪثريت يھودين جي ھئي جن کي پنھنجي ملڪ مان تڙي ڪڍيو ويو ھو. ھنن پنھنجي وطن موٽي وڃڻ جي اميد ڪڏھن بہ نہ ڇڏي ھئي. ھو ڪنھن بہ اھڙي مانھوءَ جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ھئا جيڪو ھنن کي پنھنجو ملڪ واپس وٺي ڏئي. ان سلسلي ۾ ھنن کي ايراني حاڪمن مان وڏي اميد ھئي. ان زماني ۾ بابل جو معاشرو سماجي اڻبرابريءَ جو شڪار ھو. پورھيت، سرڪاري ملازم، پادري، واپاري مطلب تہ معاشري جو ھر فرد پريشانيءَ جو شڪار ھو. بابل جو سلطان گاديءَ جي ھنڌ تيما (Tima) ۾ وڃي رھيو ھو. ھن واپار تي ڳرا ٽيڪس لڳائي ڇڏيا ھئا انڪري واپاري طبقو خوش نہ ھو. پادري بہ ھن کان ناراض ھئا. اڪثر فوجي اڳواڻ ۽ ويڙھاڪ بہ پنھنجي سلطان کان خوش نہ ھئا ۽ اقتدار جي ايوانن ۾ تبديليءَ جا خواھشمند ھئا. فوج جنگ جي لاءِ تيار نہ ھئي اھڙي حالت ۾ سائرس جھڙي سگھاري حڪمران کي روڪڻ لڳڀڳ ناممڪن ھو.

بابلي سلطنت کي فتح ڪرڻ تمام ڏکيو ھو. ھن جي اولھ ۾ فرات ندي، اوڀر ۾ دجلہ ندي ۽ ڏکڻ ۾ ايراني نار ھئي. ھڪ مضبوط ڀت پڻ ڏنل ھئي جنھن جي ٿولھ 20 فوٽ ءَ اوچائي 100 فوٽ ھئي. سائرس جي فوج ڏاکڻئين پاسي کان سروان ندي ٽپي اوپيس (Opis) تي يلغار ڪئي. ھڪ خوني جنگ کان پوءِ اوپيز تي قبضو ڪيو ويو ۽ شھر کي باھ ڏئي ساڙيو ويو. ساڳئي سال 10 آڪٽوبر تي سائرس جي فوجين سيپار (Sipar) شھر تي قبضو ڪيو[16]. بابلي ڪئلينڊر جي نئين سال واري ڏينھن سائرس جو لشڪر بابل شھر ۾ داخل ٿيو. شھر ۾ پھچڻ شرط اعلان ڪيو ويو تہ عبادتگاھن ۾ ماڻھو پنھنجي مرضيءَ سان بنان روڪ ٽوڪ جي پوڄا پاٺ ڪندا رھن ۽ ڪنھن بہ مذھبي تقريب کي نہ روڪيو وڃي. ايئن ٿو لڳي تہ سائرس بنان ڪنھن وڏي رڪاوٽ جي شھر فتح ڪري ورتو.

فتح جي سترھين ڏينھن جڏھن سائرس پاڻ شھر ۾ داخل ٿيو تہ سندس والھانہ اسقبال ڪيو ويو ۽ ھن تي گل نڇاور ڪيا ويا. شھر ۾ مڪمل امن امان قائم ٿي ويو[17]. اوگبارس کي ھتان جو گورنر مقرر ڪيو ويو پر ھو فتح کان فقط ٽي مھينا پوءِ وفات ڪري ويو. ان بعد سائرس ھن علائقي جي ڪجھ حصن تي پنھنجي پٽ ڪمبوجيہ کي گورنر مقرر ڪيو. 525 ق.م ۾ سائرس ميسوپوٽيميا ۽ فرات جي اولھ وارن علائقن (فينيشيا، شام، فلسطين) کي ملائي پنھنجي سلطنت جو ھڪ صوبو ٺاھي گوبارو کي گورنر مقرر ڪيو. گوبارو جي خاندان گھٽ ۾ گھٽ 525 سال ھن علائقي تي حڪمراني ڪئي.

بابل تي قبضو اولھ ايشيا ۾ طاقت جي توازن ۾ ھڪ اھم موڙ ھو جنھن جي نتيجي ۾ شام ۽ فلسطين سان گڏ فونيشين ساحل تي بہ ايرانين جي حڪومت قائم ٿي وئي. سائرس کان ھڪ پاسي پادري خوش ھئا تہ ٻئي پاسي يھودي بہ مطمئين ھئا. 535 ق.م ۾ سائرس يھودين کي فلسطين ۾ واپس اچڻ جي اجازت ڏني ۽ ”سڪس بازار“ نالي يھودين جي اڳواڻ کي يھوديہ علائقي جو گورنر بنايو. ھن يروشلم ۾ ھيڪل جي ٻيھر تعمير جو حڪم ڏنو. فلسطين ۽ يروشلم جي سرحدي علائقن ۾ فوجي اڏا قائم ڪيا ويا تہ جيئن اڳتي ھلي مصر تي قبضو ڪري سگھجي.

سائرس اعظم جو موتسنواريو

سائرس جو موت ڪيئن ٿيو ان باري ۾ پڪ سان ڪجه نٿو چئي سگھجي. سندس موت بابت مختلف تاريخ نويسن جا مختلف رايا آھن. مشھور يوناني مورخ ھيروڊوٽس (Herodotus) جو چوڻ آھي تہ ڪازاغستان ۽ ازبڪستان وارن علائقن ۾ رھندڙ ماساگيتائي (Massagetae) قبيلي سان جنگ ۾ سائرس جو موت ٿيو[18]. ھڪ ٻي روايت مطابق سائرس کي سندس زال توميرس (Tomyris) قتل ڪيو ھو جنھن جو واسطو ماساگيتائي قبيلي سان ھو[19]. اھو بہ چيو وڃي ٿو تہ سائرس اعظم جو موت اترايران جي قبيلي ڊربائسز (Derbices) سان ٿيل جنگ ۾ ٿيو. ڪي وري چون ٿا تہ سائرس جو موت سير درياءُ جي منڍ کان اتر اولھ ۾ ديھائي (Dahae) قبيلي سان ٿيل جنگ ۾ ٿيو[20]. ھڪ روايت ۾ اھو بہ چيو ويو آھي تہ ھن جو موت ڪنھن جنگ ۾ نہ ٿيو ھو ۽ ھن پنھنجي گھر ۾ وفات ڪئي[21].

سائرس اعظم جو مقبرو ايران جي موجودھ فارس صوبي ۾ پاسارگاد جي کنڊرن ۾ اڄ بہ موجود آھي.

حوالاسنواريو

  1. "Chapter Seven. Herodotus". Time in Ancient Greek Literature. BRILL. صفحا. 113–130. 
  2. 2.0 2.1 Kuhrt, Amélie (1995). The ancient Near East, c. 3000-330 BC. London. ISBN 978-0-415-16762-8. OCLC 31606363. https://www.worldcat.org/oclc/31606363. 
  3. Āzād, Abūlkalām (1990). India's Maulana Abul Kalam Azad. Syeda Saiyidain Hameed, Mujīb. Riz̤vī, Ṣug̲h̲rā Mahdī. New Delhi: Indian Council for Cultural Relations. ISBN 81-85434-00-X. OCLC 25281164. https://www.worldcat.org/oclc/25281164. 
  4. "Zulqarnain: Alexander or Cyrus?". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2021-12-30. 
  5. A Ranking of the Most Influential Persons in History, Hart Publishishing Company, New York. Hart M.H. (1990), The 100
  6. Xenophone: Cyropaedia or The Institution of Cyrus, Translated by Maurice Ashley, 1803.
  7. "الیوت آبرامز: کوروش الهام بخش بسیاری از رییس‌جمهوران آمریکا بوده است". ایران اینترنشنال (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-01-01. 
  8. الطاف شيخ: ايران ڏي اڏام، روشني پبليڪيشنس ڪنڊيارو، 2008.
  9. Schmitt, Rüdiger. "Onomastica Iranica Platonica". Λhnaika. Wiesbaden: Vieweg+Teubner Verlag. صفحا. 81–102. ISBN 978-3-663-12217-3. 
  10. Digard, Jean-Pierre (2003-05-15). "« Gāvbāzi », in : Ehsan Yarshater (ed.), Encyclopœdia Iranica. New York, Bibliotheca Persica Press, vol. X, 2001, pp. 336-339.". Abstracta Iranica (Volume 24). doi:10.4000/abstractairanica.34963. ISSN 0240-8910. http://dx.doi.org/10.4000/abstractairanica.34963. 
  11. Almagor, Eran. "Ctesias (b)". Plutarch and the Persica. Edinburgh University Press. صفحا. 73–133. 
  12. "Abu Raihan Al Biruni (Abu Raihan Mohammad Ibn Ahmad Al Biruni) (973 – 1048 A.D.)". Qatar Medical Journal 2004 (1). 2004-06-01. doi:10.5339/qmj.2004.1.4. ISSN 0253-8253. http://dx.doi.org/10.5339/qmj.2004.1.4. 
  13. The ancient Near East : historical sources in translation. Mark W. Chavalas. Malden, MA: Blackwell Pub. 2006. ISBN 0-631-23580-9. OCLC 60375467. https://www.worldcat.org/oclc/60375467. 
  14. Benjamin G. Kohl; Ronald G. Witt; Elizabeth B. Welles (1978). The Earthly republic: Italian humanists on government and society. Manchester University Press ND. p. 198. ISBN 978-0-7190-0734-7.
  15. Kuhrt, Amélie (2007). The Persian Empire. London: Routledge. ISBN 978-0-203-60774-9. OCLC 681219999. https://www.worldcat.org/oclc/681219999. 
  16. "Babylonia - Livius". www.livius.org. حاصل ڪيل 2021-12-31. 
  17. van der Spek, Robartus Johannes. "The Nabonidus Chronicle on the ninth year of Nabonidus (547-6 BC).". Achemenet. Vingt ans apres. Peeters Publishers. صفحا. 415–428. 
  18. Grousset, Rene (1970). The Empire of the Steppes. Rutgers University Press. p. 9. ISBN 0-8135-1304-9
  19. Michael the Syrian (English ۾). Chronicle of Michael the Great, Patriarch of the Syrians. http://archive.org/details/ChronicleOfMichaelTheGreatPatriarchOfTheSyrians. 
  20. A political history of the Achaemenid empire, By M.A. Dandamaev, Brill, 1989, p. 67
  21. Xenophon, Cyropaedia VII. 7; M.A. Dandamaev, "Cyrus II", in Encyclopaedia Iranica, p. 250. See also H. Sancisi-Weerdenburg "Cyropaedia", in Encyclopaedia Iranica, on the reliability of Xenophon's account